سئفو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ميونخ جي گلپٽوٽيڪ ميوزم ۾ رکيل عورتاڻي مٿي جي مورتي جنھن لاء خيال آهي تہ اھا سيفو جي مورت آھي جيڪا سيلينيئن چوٿينءَ صدي ق.م. ۾ ٺاھي [1]


سيفو(انگريزي: Sappho)/ˈsæf/ايئولڪ يوناني ٻوليءَ ۾ Ψαπφώ Psapphô (630ق.م. ۾ ڄائي ۽ 570 ق.م. ۾ وفات ڪيائين) قديم يونان جي ٻيٽ ليزبوس جي ھڪ شاعره ھئي [2]سيفو جي لکيل شاعري ڳاتي ويندي ھئي جيڪا گھڻي ڀاڱي اڻ لڀ ٿي وئي. ان جو صرف ھڪ مڪمل نظم محفوظ ٿي سگھيو آھي جيڪي ايفراڊائٽ (Ode to Aphrodite) جي باري ۾ آهي، باقي سڀ شعرن جا ٽڪرا آھن.شيخ اياز لکي ٿو تہ: يونان جي عشقيه شاعرن ۾ عظيم ترين شاعره ھئي. ھوءَ ٻيٽ ليسباس (Lesbas) تي ڄائي ھئي. اووڊ چواڻيءَ سئفو جو پيءُ تڏھن مري ويو ھو جڏھن ھوءَ ڇھن سالن جي ھئي. اھو ھر ڪوئي مڃي ٿو ته ھن شادي ڪئي ھئي ۽ ھن کي ڌيءَ ھئي. ھن جا ڪيئي نظم جيڪي اڄ تائين موجود آھن، اتان جي ديسي ٻوليءَ ۾ لکيل آھن. ھن پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيترائي وزن ڪم آندا آھن، جنھن مان ھڪ جو نالو ئي ھن جي نالي پٺيان آھي ۽ سئفڪ (Sapphic)چيو ويندو آھي. ھن جي شاعريءَ ۾ حرص و ھوا ۽ فطرت سان پيار، اسلوب جي سادگي، سٽ تي ڪافي مھارت آھي.

470 ق.م. جي گلدان تي ٺھيل تصوير جنھن ۾ سيفو کي ساز وڄائيندي ڏيکاريو ويو آهي.[3]

ھن جو وڏي ۾ وڏو چؤسٽو يوناني ديوي افروز ڊائٽيءَ جي عاشقيءَ جي باري ۾ آھي، جا ھُن کي ڪنھن نوجوان ڇوڪري سان ھوندي ھئي. سئفو دنيا جي ڪيترن ئي اديبن تي پنھنجو اثر ڇڏيو آھي، جن ۾ خاص طور ڪئٽلس، اووڊ، سُونِ برن قابلِ ذڪر آھن. جيتوڻيڪ ھوءَ وَڏَ_گھراڻي مان ھئي، پر ھن جي شاعريءَ ۾ اھي پُرتشدد سياسي ٽڪراوَ نه ٿا ملن جن ان وقت جي امير ۽ جابر طبقي ۽ عوام ۾ ھيا، جيئن ان دَور جي ٻي شاعريءَ ۾ ملن ٿا، خاص ڪري الڪيئس جي. بھرصورت سندس مڙس ۽ ڀائرن جي ڪارنامن ڪري ھوءَ ڪجهه وقت جلاوطنيءَ ۾ رھي ۽ ڇھين صدي ق.م ۾ اٽليءَ تائين شھر بندر ٿي ڀٽڪندي وتي. ھوءَ تيستائين زنده رھي، جيستائين ھن کي احساس ٿيو ته پيري اچي وئي آھي ۽ 565ق.م ۾ مري وئي. 1900 صديءَ تائين سئفو جي شاعريءَ جي باري ۾ معلومات فقط اُنھن حوالن مان ملي ٿي جي قديم مصنفن ڏنا آھن، پر ان کان پوءِ ڪيترن ئي ٻين تان ڪيئي ٽڪرا ورتا ويا آھن، اھي نظم ٽن قسمن جا آھن: (1)اھي نظم جن جو ھن جي ذات سان واسطو آهي. (2)اھي نظم جيڪي گھٽ داخلي آھين جي لوڪ گيتن وانگر لڳن ٿا. (3)وواھ جا گيت. انھن ٽڪرن مان زياده تر انھيءَ مڪتب يا مجلس خاني سان واسطو رکن ٿا، جتي ھوليسباس جي وڏ_گھراڻين ڇوڪرين کي موسيقيءَ، راڳ ۽ شائستا ۽ وضعدار زندگيءَ جي تربيت ڏيندي ھئي. انھن ڇوڪرين مان ڪجهه سان ھن جي دوستيءَ جا عشقيه نطم منسوب ڪيل آھن. انھن جي اظھار ۾ ايتري شدت ھئي، جيتري ھنن جي شادي تي مايوسيءَ ۾ ھئي. شاديءَ جا گيت، سئفو جي شاگردياڻين لاءِ لکيا ويا ھئا، يا ته انھن جي شادين تي سندن جدائيءَ ۾ لکيا ويا ھا، جڏھن اُھي سئفو کي ڇڏي ويون ھيون. ڪيئي گيت اھڙا ھا جن ۾ زالون مردن تي ٺٺوليون ڪن ٿيون ۽ انھن ۾ لوڪ گيتن جي سڳنڌ ھئي. پراچين دوؤر ۾ سئفو جي ڏات کي سڃاتو ۽ مڃيو ويو. ھن جي جيڪا به ٿوري گھڻي شاعري فنا جي گھات کان بچي وئي ھئي ڪنھن روحاني قوت سان تجلا ڏئي رھي آھي، جيئن روشن جا ٻه ٽي گيت سنڌي ۾ بچي ويا آھن. مثلاً: ھن دنيا جي ويراني ۾ منزل ملندي يا نه. يا ”او ساٿي!“ وغيره ته انھن ۾ اھا امر جوتي ٻري رھي آھي، جنھن کي ڏات چئبو آھي. ڀلا بيڪس فقير جي به ھڪ سٽ ئي ته امر آھي. ”ساجن سائين سير ڪرڻ لئه آيو ٿي انسان“ ۽ اھا پوري ”ارمغان_حام“ تي ڀاري آھي. سئفو جا تيز ۽ تند رنگ ۽ ڀاوَ، جذبا ۽ جوش ايترا ته گھرا ھيا جو سڌي اظھار کان سواءِ اُھي ٻوليءَ ۾ اچي نه سگھن ھا ۽ انھن جي جسماني ڏيکاري، پيڙا ۾ مورچائپ، سُتجڻ ۽ سُن ٿي وڃڻ، لڇائيندڙ لھر، وجد، بيخودي، اھي سڀ جذباتي تصور جي ڳھ ڳٺي جي جاءِ والارين ٿا جو اتي پيار سان لازمي آھي. ھر قسم جو حسن ھن ۾ لرزش پيدا ڪندو ھو، چاھي اھو انسان ۾ ھجي يا فطرت ۾. ھڪ ٽنڊڻ جي کل تي جا رنگا رنگي آھي، ان کان وٺي،

چارلس مينگن جي 1877 ۾ ٺاھيل تصوير جنھن ۾ سئفو کي ليوڪئڊين نالي پھاڙ تان خودڪشي ڪرڻ وقت جو منظر ڏيکاريل آهي

ھڪ ڦلاريل ڦولَ، سانجھيءَ جي تاري، ھڪ اڪيلي گلابي صوف تائين جو چونڊي کان اُتاھون ھجي. مطلب ھن کي انسان ذات يا فطرت ۾ ھر قسم جو حسن موھيندو ھو. ھن جي شاعريءَ جي موسيقي غلطيءَ کان بعيد ھئي ۽ ان جي بي ساخته رواني ھن تي اھو قول صادق ڪري ٿي ته ھوءَ شاعريءَ جي ”ڏھين ديوي“ ھئي. جي مان چوان ته مون اھڙي ديوي ڏٺي آھي، ته ان ڳالھ ۾ وڌاءُ نه آھي.[4]

ذاتي زندگي[سنواريو]

سيفو جي زندگي باب ڄاڻ رڪارڊ تي تمام گھٽ آھي. ھن لاء چيو وڃي ٿو تہ ليزبوس ٻيٽ جي شھر مٽلني(انگريزي: Mytilene) جي امير گھراڻي سان تعلق رکندڙ ھئي ۽ کيس ٽي ڀائر هئا.سندس پيءُ جي نالي تي ڪافي اختلاف آهي جن ۾ ڏھ نالن جو ذڪر ملي ٿو پر سڀ کان وڌيڪَ روايتن مطابق سندس نالو اسڪيمينڊرونمس ھيو {Yatromanolakis} ۽ ماء جو نالو سيلس ھيس جيڪو نالو بعد ۾ سيفوء پنھنجي ڌي جو بہ رکيو ھيو. سندس جنم اندازي مطابق 630 ق.م ۾ ٿيو 600 ق.م. ۾ کيس سسلي ۾ جلاوطن ڪيو ويو جتي 570 ق.م. تائين زنده رھي. ھن جي باري ۾ سندس ھڪ ٻيڙي واري فائون(انگريزي: Phaon) سان محبت ۽ ان محبت ۾ موت جا قصا مشھور ٿيا ھئا جن لاء چيو وڃي ٿو تہ اھي حقيقت نہ ھيا. سيفو پنھنجي دؤر جي تمام وڏي شاعره ھئي جنھن لڳ ڀڳ ڏھ ھزار شاعري جون سٽون لکيون ھيون جن جي قديم ڪلاسيڪل معاشري ۾ وڏي ھاڪ رھي. ان جو شمار ايٿينز جي تھذيب جي نو عظيم شاعرن ۾ ٿئي ٿو جن جي شاعري کي ڳاتو ويندو هو.

شاعري کان سواءِ ان جي سڃاڻپ عورتن سان پيار ۽ عورتن جي خواهش جي نشاني طور بہ ٿيندو آھي. ھوء ليزبوس ٻيٽ تي رھندي عورتن جي خواهش ۽ محبت ڪري اھڙي عمل لاءِ لزبين ازم(انگريزي: Lesbianism) جو لفظ متعارف ٿيو جيڪا عورتن جي ھم جنس پرستي سڏبي آھي. [5] ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي تہ:سيفو جي زندگيءَ جي ڪهاڻي اصل تاريخي بنياد بدران داستان گوئيءَ واري نموني بيان ڪيل ملي آهي. البت اهو چڱيءَ طرح معلوم آهي ته هوءَ هڪ تمام مشهور شاعر عورت هئي ۽ ڪيتريون ئي ننڍڙيون نينگريون هن وٽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ليسباس ٻيٽ تي اينديون هيون ۽ ايفروڊائيٽ ديويءَ جي لاءِ مخصوص پوڄا ۽ سيوا ۾ به حصو وٺنديون هيون. سيفو جي باري ۾ جيڪا ڳالهه يقيني آهي سا اها ته سندس شاعريءَ جو ڪجهه حصو اڃا موجود آهي جنهن مان وڏن عظيم شاعرن ۾ سندس رتبو معلوم ٿئي ٿو[6].

سيفو جي شاعري[سنواريو]

ڊاڪٽر فهميده حسين پنھنجي ڪتاب دنيا جون شاعر عورتون ۾ سيفو جي شاعري جو سنڌي ۾ ترجمو ڏنو آهي:
[6]

ننڍڙا نظم

— "ماڻهو بيشڪ ڳالهيون ڪن ٿا

۽ ليڊا جي لاءِ چون ٿا
ته هن ڪو ڳڀ لڌو هو
جيڪو لڪل هو
سنبل جي گلن جي جهڳٽي ۾."

"توکي جڳهه جي خبر آ – پوءِ
ڪريٽ کي ڇڏ، اسان وٽ اچ
جتي تنهنجو انتظار آ
ٻارين ۾ ورهايل هنن
سهڻن وڻن جي جهڳٽن ۾
جي تنهنجي لاءِ مقدس آهن"

"قربان گاهه تي اگر ٻرن ٿا
صُوفن جي وڻن وچان
ٿڌا جهرڻا وهن ٿا
جوان گلابن جي پاڇي ۾
ڏڪندڙ مست اکين ۾
ٿڌڙي هير ننڊ اوتي ٿي"

"چراگاهن ۾ جتي
گهوڙا هري مري ويا آهن
اتي بهار جي پِيلن گلن جي خوشبو
هوا کي سرهاڻ بخشي ٿي."

"اي راڻي، اي سائپرين!
پيار ۾ ٻوڙيل مڌ سان
اسان جي سُنهري پيالن کي
پُر ڪري ڇڏ فوراً"

"هو ۽ تون
هو ڪنهن سورمي کان به وڌ
منهنجي لاءِ ڄڻ ته خدا آهي
ها، اهو ئي ماڻهو جنهن کي
تنهنجي ڀرسان ويهاريو ويو آهي
اهو جيڪو تنهنجا مٺڙا ٻول
تنهنجي سس پس ڪَنُ ڏئي
پيار مان ٻڌي رهيو آهي
اها ئي جادوءَ ڀري کل کلي رهيو آهي
جا منهنجي دل جي ڌڙڪَنُ وڌائيندي آهي."

"جي توسان اوچتو ملڻ سان
ماٺ ٿي وڃان ٿي... سو ان لاءِ ته
منهنجي زبان ڄڻ ڦٽجي پئي آهي
منهنجي تن اندر ڪائي
باهه ٻري وئي آهي
ڏسان ٿي، نڪي ٻڌان ٿي
بس ڄڻ پنهنجا ئي ڪن وڄن ٿا
پگهر ۾ پسي ڏڪان ٿي
هيڊي سڪل گاهه جيان
هيڊي ٿي وڃان ٿي
اهڙي وقت موت مون کان
ڪو ايڏو دور ته ناهي"

"نياڻيءَ جو ڀاڳ
اسين لوڙهيون ٿا
هيءَ دکي هن ٻيڙي ۾
انهن اکرن سان ته:
”هن ۾ رک آهي
ننڍي نيٽي ٽماس جي
جنهن کي پُرسيفون سان
زوريءَ پوريو ويو هو، اڻ پرڻيل
اونداهي ڪوٺيءَ اندر
۽ هن گهر کان بي گهر
جلاوطن ننڍڙي نياڻيءَ خاطر
هڪ جيڏين ڏک ۾
تيز تکا بليڊ کڻي
پنهنجا سهڻا سندروار

ڪوڙي ڇڏيا هئا"
، سيفو جي شاعري

حوالا[سنواريو]

  1. Ohly 200248.
  2. McClure 200238.
  3. {رسالو: سرتيون؛مضمون: سئفو؛از : شيخ اياز؛(شيخ اياز جي ڪتاب ”ڪَتين ڪَرَ موڙيا جڏھن“ تان ورتل) اپريل 2005؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}
  4. Rayor & Lardinois 20142-9.
  5. 6.0 6.1 [1][مئل ڳنڍڻو] (ڪتاب:دنيا جون شاعر عورتون؛. ليکڪ : ڊاڪٽر فهميده حسين )
حوالي جي چڪ: <ref> tag in <references> has conflicting group attribute "lower-alpha".