زخمي چانڊيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

زخمي چانڊيو جو اصل نالو ڄام خان هو جنهن جو جنم مزدورن جي عالمي ڏينهن 1 مئي تي سن 1961ع ۾ شهر ڊکڻ ۾ ٿيو، تعليمي سفر پرائمري کان ويندي ايم. اي تائين جاري رهڻ بعد کيس تعليم کاتي ۾ استاد طور نوڪري ملي، بعد ۾ هو ڳوٺ جواب پور مان 1996ع ۾ لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ مڪمل طور رهائش پذير ٿيو، ان دوران پاڻ تعليم کاتي ۾ انتظامي عهدن تي پڻ رهيو، هاءِ اسڪول ٽيچر جي حيثيت ۾ پاڻ شيخ زيد هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ به درس و تدريس واري پيغمبري پيشي سان سلهاڙيل رهيو. کيس 6 پٽ ۽ 6 نياڻين جو اولاد آهي، پاڻ سنڌي ادبي سنگت، انساني حقن واري ڪميشن، سچوا، جيئي سنڌ هلچل کان علاوه ٻين ڪيترن ئي سماجي ۽ ادبي تنظيمن سان مختلف حيثيتن ۾ واڳيل رهيو. هُن پنهنجو آواز شاعريءَ ذريعي بيباڪيءَ سان وڏي واڪي ايوانن تائين پهچايو ۽ سموري حياتي انهن ئي مظلوم ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪئي جن کي هر دور ۾ ٿڏيو ۽ لتاڙيو ويو آهي.آمريتي دورن ۾ مزاحمتي شاعري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي هن ارڏي ۽ برجستي شاعر کي جيل به وڃڻو پيو.سندس شاعري جا ٻه ڪتاب ”شهر شهر زخمي“، ”ڏاڍو ساريندين“ شايع ٿيل آهن. 24 هين آڪٽوبر 2000ع تي صبح ويل اسڪول ڏانهن ويندي رستي ۾ قبائلي نفرتن ۾ شهيد ڪيو ويو. سندس آخري آرامگاه ڊکڻ ضلعي شڪارپور سنڌ ڀرسان آبائي قبرستان ۾ آهي.