زبيده
زبيده بنت جعفر (عربي: زبيدة بنت جعفر ابن المنصور؛ وفات: 26 جمادي الاول 216 هجري/جولاءِ 831ع) خليفي، جعفر بن عبدالله جي ڌيءُ ۽ خليفي، منصور جي پوٽي هئي. ان جو پيءُ جعفر تمام خوبصورت جوان ۽ عباسي شاهي خاندان ۾ سڀني کان زياده خوبصورت هو. زبيده خاتون، انهيءَ جو پهريون ٻار هئي. هوءَ سال 141 هجري/766ع ۾ پنهنجي ڏاڏي "منصور" جي حياتيءَ ۾ ڄائي. هن سان ڏاڏي جي ڏاڍي محبت هئي ۽ هڪڙو پل به پنهنجي جهوليءَ کان پري نه ڪندو هو. دربار ۾ به پاڻ سان رکندو هو ۽ هن کي پنهنجي "تخت جي ٽِڪ" سڏيندو هو. ان جو اصل نالو "امة العزيز" هو. منصور هن کي لاڏ مان "زبيده" سڏيندو هو.
زبيده | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم | سال 766 [1] بغداد |
موت | 10 جُولاءِ 831 (64–65 سال) بغداد |
شھريت | خلافت عباسيہ |
عملي زندگي | |
پيشو | سياستدان |
ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي |
ترميم |
زبيده بنت جعفر (Zubaidah bint Ja`far ibn Mansur، عربي: زبيدة بنت جعفر ابن المنصور) (وفات 26 جمادي الاول 216 ھ / جولاءِ 831عيسوي) خليفي جعفر بن عبدالله جي ڌيءُ، ۽ خليفي منصور جي پوٽي هئي. ان جو پيءُ جعفر تمام خوبصورت جوان، ۽عباسي شاهي خاندان ۾ سڀني کان زياده خوبصورت هو. زبيده خاتون، انهيءَ جو پهريون ٻار هئي. هوءَ سن 141هجري (766ع) ۾ پنهنجي ڏاڏي ”منصور“ جي حياتيءَ ۾ ڄائي. هن سان ڏاڏي جي ڏاڍي محبت هوندي هئي. ۽ هڪڙو پل به پنهنجي جهوليءَ کان پري نه ڪندو هوس. دربار ۾ به پاڻ سان رکندو هوس، ۽ هن کي پنهنجي ”تخت جي ٽِڪ“ سڏيندو هو. ان جو اصل نالو ”امة العزيز“ هو. منصور هن کي لاڏ مان”زبيده“ سڏيندو هو. جو نالو نيٺ مٿس پئجي ويو. لقب ”طاهره“ هوندو هوس. زبيده کي ننڍي هوندي تمام چڱي تعليم ملي. جيئن ان وقت جي خليفن ۽ اميرن ۾ رواج هو. علم ادب، شاعري، تفسير،فقہ ۽ صرف و نحو ۾ هوءَ ڏاڍي قابل هئي، ۽ هنرن جي به شوق هوندا هوس. ڪيتريون ئي سون، چاندي ۽ ڪاٺ جن نئين نموني جون شيون _ جدا جدا رنگن جا جوراب جواهرن سان جڙيل، زردوزي جُتيون، قسم قسم جا ريشمي ڪپڙن جا ڀرت ۽ عنبر جون شمعون وغيره ٺاهڻ جا هنر ڪڍيائين.[2] هن خوبصورت ۽ هر دلعزيز شهزاديءَ جي شادي، سن 164هجري (780) ۾، شهزادي ”هارون الرشيد“ سان ٿي، جو خليفي مهدي جي خلافت جا ڏينهن هئا. انهيءَ وقت زالن جو قدر گهڻو ڪونه هوندو هو. خاص بني اُميه جي زماني ۾_ مگر هن عقلمند ۽ شريف شهزاديءَ پنهنجي ذاتي عزت قائم رکي، ۽ عباسي خاندان ۾ هن جهڙي ٻي معزز زال ڪانه ٿي. هن جي خوش خلقي ۽ رحمدلي مشهور هئي. دربارين مان ڪنهن تي به بادشاهه ڪاوڙيو هو، يا ڪو موقوف ٿيندو هو، يا قيد ۾ پوندو هو، ته هن جي سفارش تي ان کي معافي ملندي هئي. هارون پاڻ به فياض هو، ليڪن زبيده جي فياضي هن کان زياده هئي. بغداد ۾ ڪوبه گهراڻو هن جي احسان کان خالي ڪونه هوندو هو. هن جو دين ۽ مذهب اهو هو، ته انسانذات سان جيتري ڀلائي ٿي سگهي، اوتري ڪريان. هن وٽ دولت ججهي هئي: پنجاهه لک درهم ساليانو ملندو هوس. ليڪن اها سڀ رقم هوءَ عام فائدي جي ڪمن ۾ خرچي ڇڏيندي هئي. بغداد کان دمشق تائين، منزل منزل تي پليون_ کوهه ۽ مهمان سرائون ٺهرائي ڇڏيائين، جن مان ايندڙ ويندڙ قافلن کي ڏاڍو آرام ملندو هو. اڃا تائين اُهي زبيده جي نالي سان مشهور آهن. مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ به هن حاجين جي لاءِ اهڙا سُک ۽ آرام جا بندوبست ڪيا. سڀ کان وڏو ڪم جو هن ڪيو، سو هي ته حجاز ۾ ”عين المشاش“ نالي هڪڙي نهر ٺهرايائين. جو اتي پاڻيءَ جو ڏڪار هو، اها نهر اڃا تائين قائم آهي. ترڪي سلطنت ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ جي مرمت ڪندي اچي. هاڻي انهيءَ جو نالو ”نهر زبيده“ آهي. انهيءَ تي سترهن لک دينار لڳا. يعنيٰ هندستان جا اٽڪل 45 لک رپيا. اها هڪ سئو ويهه ميل ڊگهي آهي. هن ان تي ڪيترائي باغ ۽ گهڻيون محلاتون جوڙايون ۽ ايران جو شهر”تبريز“ به هن نهر تي آباد ڪيو، جو هن پنهنجيءَ جاگير جو مکيه شهر ٺهرايو. علم دوست وري اهڙي هئي. جو پنهنجيءَ جاگير جو مکيه شهر ٺهرايو. علم دوست وري اهڙي هئي، جو پنهنجيءَ محلات ۾ اهڙي ڪابه نوڪرياڻي يا ٻانهي ڪانه رکندي هئي، جا پڙهيل نه هوندي هئي. قرآن شريف سان ڏاڍي دل هوندي هيس. هميشه پنج سئو عورتون سندس محلات ۾ قرآن شريف پڙهنديون رهنديون هيون، پري کان اهڙو ڀڻڪو ۽ آواز پيو ايندو هو، جهڙو مکين جي ماناري ۾ ٿيندو آهي. قرآن جي ياد ڪرائڻ جا مدرسا قائم ڪرايائين، جن مان هزارين مسلمان حافظ ٿي نڪتا، تنهن کانسواءِ علمائن ۽ فقيهن ۽ ٻين بزرگن کي ڳجهه ڳوهه ۾ مدد ڪندي هئي.
هن مان هارون الرشيد کي فقط هڪڙو پٽ، ”امين“ پيدا ٿيو. ٻانهين مان به ٻيا ڪي پٽ ٿيس. مامون، قاسم، صالح وغيره. مگر زبيده سڀني کي هڪجهڙو ڄاڻندي هئي. سڀني جي هڪجهڙي سنڀال رکندي هئي، ۽ انهن کي هڪجهڙي تعليم ڏياريندي هئي. هارون جي وفات کانپوءِ، امين تخت نشين ٿيو، جو هو قانون موجب وارث هو، نه ته ”مامون“ جو ٻانهيءَ جو پٽ هو سو امين کان زياده قابل هو، ۽ ماڻهن جي چاهت به انهيءَ ڏانهن گهڻي هئي. نيٺ درجي بدرجي، زور به اهو وٺي ويو، ۽ آخر امين مارجي ويو، ۽ مامون خليفو ٿيو. انهيءَ وقت ماڻهن زبيده کي گهڻو ئي چوريو ته جيئن خليفي عثمان جي خون لاءِ بيبي عائشہ حضرت عليءَ کان وڙهي بدلو ٿي ورتو، تيئن تون به پنهنجي پٽ جو بدلو مامون کان وٺ، پر زبيده چيو ته ”توبهه، توبهه! خونريزي زال جو ڪم ناهي_ هو به منهنجو ئي پٽ آهي!“ پوءِ مامون کي هڪڙو خط نهايت درد واري شعر ۾ لکيائين جو تمام ڊگهو آهي، اسين فقط پڇاڙيءَ جا ٻه بيت ٿا ڏيون:[2]
- فان ڪان ما ابدي لامر امرتہ
- صبرت لامر من قدير مقدر
- و ان ڪان ما قد ڪان منع تعد يا
- علي امير المومنين فعير
(يعني، جيڪي ٿي گذريو آهي، سو جي هن جي حڪم سان ٿيو آهي، ته اي خاوند، آءٌ تنهنجيءَ تقدير تي صابر آهيان ۽ جي هن مون تي ظلم ڪيو آهي، ته تون انهيءَ امير المؤمنين کي پشيمان ڪر.)[2] اهو خط پڙهي، مامون گهڻو رنو، ۽ چوڻ لڳو ته ”آءٌ ائين ڪين ٿو چوان، جيئن امير المومنين علي ابن ابي طالب چيو هو، جڏهن کيس خليفي عثمان رضه جي قتل جي خبر پهتي، ته ”آءٌ نه راضي آهيان، ۽ نه مون حڪم ڏنو“ مگر هيءَ دعا ٿو گهران ته ”يا الله ، تون منهنجيءَ معزز ماءُ طاهره (زبيده) جي دل رنج ۽ غم کان صاف ڪر“. مامون زبيده سان اهڙوئي سلوڪ ڪيو، جهڙو ڪو لائق شهزادو پنهنجيءَ ماءُ سان ڪري. باقي عمر زبيده بغداد ۾ گذاري، ۽ سن 316ھ (821ع) ۾ وفات ڪيائين، ۽ اتي ئي دفن ڪئي ويئي.[2]
زبيده خاتون پنهنجي پٽ امين جي ماتم ۾ ڪي فارسي شعر به چيا آهن، جن مان هڪڙي رباعي هتي ڏجي ٿي:
- اي جان جهان، جهان ناخوش بي تو
- بغداد پريشان و مشوش بي تو
- رفتي تو و من بي تو بماندم، فرياد
- تو در خاڪي و من در آتش بي تو!
(يعني ته اي جهان جي جان، توکان سواءِ جهان غم ۾ آهي، بغداد توکان سواءِ حيران ۽ پريشان آهي، هاءِ افسوس، تون هليو وئين ۽ آءٌ توکان سواءِ رهجي ويس، تون مٽيءَ ۾ آهين ۽ آءٌ توکان سواءِ باھ ۾ آهيان!)[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ object stated in reference as: she was at least a year or so younger than Harun — مصنف: Nabia Abbott — عنوان : Two queens of Baghdad — صفحہ: 30 — ناشر: University of Chicago Press
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page8html. Missing or empty
|title=
(مدد)}