ريا
Cassini mosaic of Rhea | |
دريافت | |
---|---|
دريافت ڪيو | G. D. Cassini[1] |
دريافت ٿيڻ جي تاريخ | December 23, 1672[1] |
نالي جي وضاحت | |
اضافي يا عارضي نالو | Saturn V |
نالي جون صفتون | Rhean |
مدار جون وصفون [2] | |
اڌ وڏو محور | 527,108 km |
مدار جي بي قائدگي | 0.0012583 |
4.518212 d | |
مدار جي سراسري رفتار | 8.48 km/s[lower-alpha 1] |
مدار ۾ لاٿ | 0.345° (to Saturn's equator) |
قدرتي سيٽلائيٽ | Saturn |
طبعي وصفون | |
ماپ جوڳا پاسا | 1532.4 × 1525.6 × 1524.4 km [3] |
سطح جي ائوري (Surface aurie) |
7,337,000 km² |
وزن | 2.306518±0.000353×1021 kg [4] (~3.9×10-4 Earths) |
گھاٽائي | 1.236±0.005 g/cm³ [3] |
سطحي ڪشش ثقل | سانچو:Gr m/s² |
0.3911±0.0045[5] (estimate) | |
سانچو:V2 km/s | |
4.518212 d (synchronous) | |
|
ريا RHEA
زحل Saturn اسان جي نظام شمسي جو من موهيندڙ گيس پربت گرھ ۽ پنھنجي لڳ ڀڳ 150 سؤ چنڊن ڪري ڄاتو وڃي ٿو. ھي گرھ اھڙن انيڪ عجيب چنڊن سان گهيريل آھي جيڪي ماھرين جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائڻ ۾ قائم رھندا آھن. زحل جي 62 چنڊن جي مدار تحقيق ٿيل آھن ۽ رڳو 53 چنڊن جا نالا رکيا ويا آھن اڃان 9 چنڊ نالن جي انتظار ۾ آھن. انھن ڏندن ۾ آنڱريون ڏيندڙ چنڊن ۾ ھڪ اھڙو به آھي جتان جو وايو منڊل ۾ اسان کي زمين وانگي آڪسيجن جا ثبوت مليا آھن. اھو آھي ريا RHEA .
زحل جا گھڻو ڪري چنڊ تمام ننڍا ۽ بيحد ٿڌا آھن. ماھرين جو مڃڻ آھي ته انھن برفيلي چنڊن جي اونھائيء ۾ وڏي مقدار ۾ پاڻي جا سمنڊ ٿي سگھن ٿا. Rhea به انھن برفيلي چنڊن مان ھڪ آھي. ريا جي کوج سن 1672ء ۾ Giovanni Domenico Cassini ڪئي. ريا جو نالو يوناني فلسفي طور رکيو ويو. ھن کي Saturn v جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. ڇو ته ھي زحل کان پنجون نمبر چنڊ آھي. زحل کان لڳ ڀڳ پنج لک ستاويھ ھزار ڪلو ميٽر پري کان چڪر ھڻندڙ ھي چنڊ زحل سان مڪمل طور ڳنڍيل آھي. ھن جو ھڪ حصو ھميشه زحل ڏانھن ھوندو آھي. جڏھن ته ھي زحل جو ھڪ چڪر ھڻڻ ۾ ساڍا چار ڏينھن لڳائيندو آھي.
ريا Rhea جو ايوريج ڊائيا ميٽر 1528 ڪلو ميٽر آھي. جيڪو زحل جي سڀني کان وڏي چنڊ ٽائيٽن کان گھڻوئي ننڍو آھي. جيتوڻيڪ ريا زحل جو ٻئي نمبر تي وڏو چنڊ ۽ نائين نمبر تي اسان جي نظام شمسي جو وڏو چنڊ آھي. ھي زحل جي چوٿين نمبر چنڊ Dion سان گھڻو ڀانڱي ملندڙ جلندڙ آھي. ھنن جو ڪمپوزيشن ۽ اتھاس لڳ ڀڳ ھڪ جھڙو آھي.
ريا جي مٿاڇري تي تي گھڻا شھابيا ملن ٿا. ھي اسان جي سولر سسٽم جو سڀني کان وڌيڪ شھابين وارن چنڊن ۾ پڻ ڳڻيو وڃي ٿو. ھن جي مٿاڇري کي شھابين جي اونھائي ۽ ڊيگھ مطابق ٻن ڀاڱن ۾ ورھايو ويو آھي. پھرين حصي ۾ وڏن شھابين واري ڀاڱن کي شامل ڪيو ويو جنھن ۾ شھابيا 40 ڪلو ميٽر يا ان کان وڏا ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ شھابيا 40 ڪلو ميٽر يا ان کان گھٽ ھجن ٿا ۽ ايتري گھٽ وجود جا شھابيا ھن جي قطب واري جاين ۾ ئي ملندا آھن. ريا جو اھو ڀاڱو جيڪو زحل ڏانھن نه ٿو ھجي شھابين سان ڀريل آھي. ريا جي ان حصي ۾ ٻه وڏا وادي ٺھيل آھن جيڪي 400 کان 500 ڪلو ميٽر جي چوڌاري علائقي ۾ ڦھيليل آھن . ھتي ملندڙ لڳ ڀڳ 48 ڪلو ميٽر جو اٽامي نالي ھڪ شھابيو جيڪو ھن جي مٿان پوندڙ روشنيء ڪارڻ مشھور آھي. ھن کي دس پليٽ جي نالي به سڃاتو وڃي ٿو.
ريا تي ٻين چنڊن جي مقابلي ايترا گھڻا شھابيا ڇو آھن؟ اھو ريا کي ھڪ حيرت انگيز Mystery ثابت ڪري ٿو. في الحال اسان وٽ سٺو جواب آھي . زحل جي ويجھي چنڊن تي ميداني علائقا آھن. ڇو ته زحل جي Intensity gravity ڪارڻ انھن جي اندروني حصي ۾ گرمي پيدا ٿئي ٿي. جيڪو ھنن جي مٿاڇري تي ڄميل برف کي پگھاري ڇڏي ٿي. پگھريل برف شھابين ۾ وڃي ڄمي ٿي ان نموني ميداني علائقا ٺھن ٿا . جڏھن ته ريا تائين زحل جي Gravitational effect ايترو نه ٿو پڄي سگھي جو ھو ريا جي ڄميل برف کي پگھاري سگھي. شايد اھو ئي ڪارڻ آھي جو ريا تي ايترا گھڻا شھابيا اڄ به ٺھيل آھن. جيتوڻيڪ ان وضاحت سان اھيا خبر نه ٿي پوي تي اھي شھابيا ڪيئن ٺھيا ھوندا . جڏھن ته ان جو جواب اسان وٽ اھو آھي ته جيڪي چنڊ عام طور تي جيترا وڌيڪ پري ھجن ٿا انھن کي اوترو وڌيڪ شھابين کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. انھيء ڪارڻ ريا تي ايترا وڌيڪ شھابيا آھن .
ريا جو 25 سيڪڙو حصو سليڪيٽ پٿر جڏھن ته 75 سيڪڙو حصو پاڻي جي برف سان ٺھيل آھي. تمام پري ھجن ڪارڻ سج جي سڌي ڪرڻن پوڻ باوجود ھن جي گرمي پڌ ڪاٽو 174 رھندي آھي. ٻئي پاسي گرمي پڌ 200 سيلسيئس تائين ھليو ويندو آھي. ريا تي کوڙ چمڪندڙ علائقا آھن مڃيو وڃي ٿو ته ماضي ۾ ھن چنڊ تي برفي جوالا مکي رھيا ھوندا. ان دوران ھن جي اندرئين حصي ۾ پاڻي پاڻياٺ جي روپ ۾ موجود رھيو ھوندو. انھيء جوالا مکيءَ جي وھڻ ڪارڻ ھن جا چمڪيلا حصا ٺھيا ھوندا.
نومبر 2010ء ۾ ناسا ھي چيو ته ريا تي آڪسيجن ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ موجود آھن. آڪسيجن ھنجي مٿاڇري تي موجود برف جي ريڊيوليسز سان ٺھي ٿي. جڏھن ته ڪاربن جي ٺھڻ جو ڪارڻ ڇا آھي؟ اھو آڃان پوري طرح واضح نه آھي گھڻ خيال آھي ته آرگينڪ ميٽر organic matter جي آڪسيڊيشن سان ريا تي ڪاربن ٺھي ٿي. 2008ء ۾ ناسا اھو پڻ چيو ته ھن کي رنگ سسٽم آھي. جڏھن ڪيسيني ريا جي ويجھي کان گذريو تہ ھن مطالعو ڪيو ته زحل جي مقناطيسي ميدان ۾ ڦاٿل اليڪٽرون جي وھڪري Flow ۾ بدلائو اچي پيو ۽ ان سان ريا جي رنگ ھجڻ جي نظريي کي طاقت ملي. ٻيا به ڪيئي اشارا مليا جنھن سان ريا جي رنگ سسٽم ھجڻ ظاھر پي ٿيو. جيتوڻيڪ ڪيسيني ڌار ڌار جڳھن کان ريا کي چيڪ ڪيو پر رنگ سسٽم جو ڪو ثبوت نه مليو. پوء ھي مڃيو ويو ته پھرين ٿيل حساب ۾ گڙٻڙ ھئي.
سن 1980ء ۽ 1981ء ۾ وائجر1 ۽ وائجر 2 ريا کي چيڪ ڪيو ۽ ڪارائتي ڄاڻ ۽ تصويرون اسان کي موڪليائين . ان کان پوء ڪسيني ڦرندڙ Cassini Orbitor به ريا سان ڳنڍيل اسان جي ڄاڻ ۾ ايترو واڌ ڪيائين جو لڳي پيو ته ڄڻ ريا اسان جو پاڙيسري چنڊ ھجي. ڪيسيني ھن جي تمام ويجھي کان تصويرون ورتائين ۽ ھن جو مشاھدو ڪيائين. ڪيسيني ھن جي ويجھي کان پنج پروازون ڪيائين. 26 نومبر 2005 تي 500 ڪلو ميٽر 30 آگسٽ 2007 تي 5،750 ڪلو ميٽر 2 مارچ 2010 تي 100 ڪلو ميٽر 11 جنوري 2011 تي 69 ڪلو ميٽر آخري اڏام 9 مارچ 2013 تي 992 ڪلو ميٽر ويجھي کان گذريو.
شايد ريا جا انيڪ راز اھڙا ھجن جن کي اسان نه ڄاڻندا ھجئون. ٿي سگھي ٿو ته اتي زندگي ساہ کڻندو ھجي ؟ جيڪڏھن ماضي ۾ ريا تي پاڻي پاڻياٺ ۾ ھو ته پوء اھو ڄمي ڇو ويو؟ جنھن جو جواب اسان کي ريا کان ئي ملي سگھندو. پر ھينئر تائين ريا اسان لاء عجيب انوکو چنڊ آھي . جيڪو ھن ڪائنات جي انيڪ رازن کي لڪائڻ ۾ ڪامياب ويو آھي.
حوالا
[سنواريو]
حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref>
آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/>
نہ مليو