روپمتي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
باز بھادر ۽ روپ متي

راڻي روپ متي مالوا جي ھڪ سُھڻي ھندو راڻي ۽ شاعرا ۽ مالوا جي سلطان باز بھادر جي ساٿياڻي ھئي.

روپمتي مالوا جي لوڪ داستانن ۾ نمايان قصو آھي، جيڪو سلطان بازبھادر ۽ روپمتي جي وچ۾ پريم ٻُڌايو ويندو آھي. باز بھادر روپ متي جي پريم ۾ روڳي ٿي ويو، ۽ ھنن ھندو ۽ مسلم روايتن مطابق پرڻو ڪري ورتو.

ادھم خان کي روپمتي جي خوبصورتي سبب مالوا کي تُرت فتح ڪرڻ لاءِ اشارو ڪيو ويو ھيو.جڏهن ادھم خان قلعي ڏانھن روانو ٿيو تہ بازبھادر پنهنجي ننڍڙي طاقت سان سندس مقابلو ڪيو ۽ شڪست کاڌي، تہ پوءِ روپمتيءَ پاڻ کي زهر ڏنو.اهڙيءَ طرح طلسمي محبت جي ڪهاڻي جو انت ٿيو، ھي قصو ميوزڪ، شاعري، رومانس، جنگ ۽ موت سان ڀريل ھيو. اهڙي رومانوي قصي کي ڪجھ ماڻھو ڏند ڪٿا سمجهن ٿا، جڏهن تہ ٻيا اھو حقيقت سمجهن ٿا.

جيون ڪٿا[سنواريو]

سال 1561 ۾، مغل سپاھين ذريعي باز بھادر جي شڪست، راڻي روپمتي ۽ ان جي ساھيڙين قلعي جي ڇِت کان اھو منظر ڏٺو جيڪو اڪبرنامو ۾ بيان ڪيل آھي.

بازبھادر، جيڪو راڳ رنگ جو ڏاڍو شوق رکندو ھيو، سو منڊو جو آخري آزاد حڪمران هو.ھڪ ڀيري شڪار ڪرڻ تي، باز بھادر ريڍار (رڍون چاريندڙ) کي گھيراءُ ڪيو ۽ ان سميت پنهنجي ساٿين سان گڏجي گيت ڳائڻ شروع ڪيا.روپمتيءَ جي پُرجوش خوبصورتي ۽ آواز کان متاثر ٿي، ھن روپمتيءَ کي پنھنجي راڄڌاني شھر ڏانھن ساڻس گڏجي ھلڻ لاءِ التجا ڪئي.روپمتي ان شرط تي مندو وڃڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو تہ ھوءَ ان محل ۾ رھندي جتان ھوءَ پنھنجي محبوب ۽ تعظيم واري دریاھ، نرمدا درياھ جو نظارو ڪري سگھي. اھڙيءَ ريت اس طرح مندو وٽ ريوا ڪوند محل جي اڏاوت ٿي.

بدقسمتيءَ سان، هن مسلمان شهزادو ۽ هندو ريڍار جو رومانس تُرت ئي موت جي سزا اچڻ تي پُڃاڙي تي پهتو. عظيم مغل اڪبر مندو تي حملو ڪرڻ ۽ روپمتي ۽ باز بهادر کي پڪڙڻ جو فيصلو ڪيو. اڪبر مندو تي قبضو ڪرڻ لاءِ  ادهم خان کي روانو ڪيو ۽ باز بهادر پنهنجي ننڍڙي فوج سميت ان کي للڪارڻ ۽ روڪڻ لاءِ اڳتي وَڌيو. وڏي مغل فوج ڀيٽ ۾ ان ننڍڙي فوج گهڻي دير جٽاءُ نہ ڪيو، منڊو سولائيءَ سان مغل فوج هٿان قبضي هيٺ اچي ويو.باز بهادر سهائتا وٺڻ لاءِ  چتورڳڙھ ڀَڄِي ويو. ادهم خان جيئن ئي مندو پهتو، تہ هو روپمتي جي حسن کان حيران ٿيو. راڻي روپ متي گرفتاري بچڻ لاءِ پاڻ کي زهر ڏئي پنهنجي محبت جي ڪهاڻي جو انتُ آڻي ڇڏيو.[1]

راڻي روپمتي طرفان ڪويتا[سنواريو]

سال 1599 ۾، احمد العمري ترڪومن، جيڪو شرف الدين مرزا جي خدمت ۾ ڪرمچاري هيو، تنهن فارسي ۾ راڻي روپمتي جي ڪهاڻي لکي، جنهن ۾ هن سندس 26 ڪويتائون (نظمون) جمع ڪيون ۽ انهن کي پنهنجي ڪم ۾ شامل ڪيو۔ اصل نسخو هن جي پوٽي ڦولاد خان وٽ پهتو ۽ ان جي دوست مير جعفر علي ان مسودو جي 1653 ۾ هڪ ڪاپي  ڪئي. مير جعفر علي جي ڪاپي نيٺ دهلي جي محبوب علي تائين پهتي ۽ ان جي موت کانپوءِ 1831 ۾ دهلي جي هڪ عورت وٽ اها ڪاپي منتقل ٿي. ڀوپال جي جمعدار عنايت علي اهو نسخو پاڻ وٽان آگرا کڻي آيو هيو. پوءِ هي نسخو سي اي لوارڊ تائين پهتو ۽ ان جو انگريزي ۾  "دي ليڊي آف لوٽس: روپمتي، مندو جي راڻي" جي نالي سان ترجمو ايل ايم ڪرمپ  ڪيو، 1926 ۾ هڪ حيرت انگيز ڪهاڻي لکي هئي. ان نسخي ۾ ٻارنهن دوهيڙا، ڏهہ ڪويتا ۽ روپمتي جي ٽن سوائيا جو مجموعو شامل آهي.[2]

عڪس[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "Rewa kund". وقت 14 March 2006 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 June 2006.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. Khare, M.D. (ed.) (1981). Malwa through the Ages, Bhopal: Directorate of Archaeology and Museums, Government of M.P., pp.365-7