روپاھ ماڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
روپاھ
روپاھ ماڙي
علائقو بدين ضلعو
قسم قديم ڦٽل شھر
تاریخ
معمار ڀونگر سومرو
دور سومرن جو دور
رھائش پذير سنڌي

روپاھ ماڙي(انگريزي: Rupah Mari) روپاهه ماڙي سومرن جي صاحبيءَ جو عظيم شهر هو. چون ٿا تہ: هيءُ شهر دودي ۽ چنيسر جي والد ڀونگر پنهنجي راڻيءَ جي رهائش لاءِ، تعمير ڪرايو هو. هن شهر ۾ جيڪا (جيڪو)بادشاهي محلات هئي (هو) ان جا دروازا چانديءَ جا ٺهيل هئا ۽ انهيءَ ڪري ئي شهر جو نالو روپاهه ماڙي پئجي ويو. هن جي ڀرسان ريڻ درياء وهندو هو [1] ان جا کنڊر اڄ تائين موجود آهن، جتي سومرا قوم پاران ساليانو ميلولڳايو وڃي ٿو. [2]

حوالا[سنواريو]

  1. { (مهراڻ نمبر پهريون 1974ع، صفحه 133، بحواله ڏسو روپاهه ماڙي تي لکيل ڪتاب شيخ محمد سومار جو). }
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سومره سنڌ مصنف؛ وزير علي ايڊيشن: ڇاپو پهريون ايڊيشن؛ مارچ 2001ع ڇپائيندڙ؛ابن اسماعيل سومره پبليڪيشن جڙيا پور چڪس