روينا ٽنڊن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

روينا ٽَنڊن (انگريزي: Raveena Tandon)، پيدائش 26 آڪٽوبر 1971ع[1]، ھندي فلمن ۾ ڪم ڪندڙ ھندوستاني اداڪارا، پيشڪار ۽ ماڊل آھي. ھيءَ ھدايتڪار روي ٽنڊن جي ڌيءَ آھي. ھيءَ ممبئي ۾ پئدا ٿي ۽ اُتي ئي وڌي ويجھي. ھن پنھنجو پيشو ماڊل طور شروع ڪيو ۽ پوءِ اداڪارا طور فلم "پٿر ڪي ڦُول" (1991ع) ترجمو "پٿر جا گُل" ۾ ڪم ڪري شروعات ڪئي. جنهن لاءِ کيس "سال جي نئين چھري لاءِ فلم فيئر ايوارڊ" مليو.[2]

روينا ٽنڊن آءِ ايف ايف آءِ 2021ع ۾

حوالا[سنواريو]

  1. "rediff.com Movies: Star of The Week-Raveena Tandon". www.rediff.com. حاصل ڪيل 2021-12-21. 
  2. Patthar Ke Phool Awards: List of Awards won by Hindi movie Patthar Ke Phool, حاصل ڪيل 2021-12-21