روهنگيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هندستان تي برطانوي راڄ (British Raajj) دوران، ايسٽ انڊيا ڪمپني ڏکڻ بنگلاديش جي چٽاگانگ شهر مان مسلمان آبادي کي لڏائي برما (ميانمار) جي سرسبز علائقي ارڪان (Arakan) ۾ آباد ڪرايو هو.

1872ع واري برطانوي راڄ سرڪار طرفان آدم شماري دوران انهي مسلمان پناهگير ابادي جو انگ 85255 هيو، جيڪو انگ 1911ع تائين وڌي 178467 ۽ 1927ع تائين اهو انگ 48000 تائين پهتو، 2015_16ع اڳ انهن جو انگ 12لک کان مٿي ٿي ويو هو، برطانوي راڄ واري ۾ برما جي وڏن شهرن، ارڪان، سٽوي، پاٿين ۾ بنگالين سميت، پوري انڊيا جا پناهگير آباد ٿيندا رهيا، تنيجي ۾ اتان جا مقامي برمي اقليت ۾ تبديل ٿيندا پئي ويا.

ٻي علامي جنگ (World War II) دوران برما تي جاپان قبضي جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران مقامي ماڻهن (ارڪانين) برطانوي غلامي کان بيزار ٿي جاپانين جو ساٿ ڏنو، جڏهن ته برمي پناهگير مسلمانن برطانيا جو ساٿ ڏنو ۽ اهڙي نموني برطانيا برما جي روهنگيا علائقي کي جاپاني قبضي کان بچائي ورتون، ۽ تنيجي ۾ اتي عالمي جنگ سان گڏوگڏ نسلي فساد به شروع ٿي ويا ۽ روهنگا (Rohingya) مقامي (ارڪانين) ماڻهن سان وڙهڻ لڳا، جنهن دوران 20 هزارين ارڪينني مارجي ويا، بدلي ۾ ارڪينن 5 هزار مسلمان قتل ڪيا، روهنگيا کان سواءِ ٻاقي علائقن ۾ جاپانين قتل عام شروع ڪيو، نتيجي ۾ 22 هزار پناهه گير مسلمان قتل ٿيا، جاپانين سان جنگ خاطر برطانيا روهيگا پناهگيرن سان گڏجي “وي فورس” نالي گوريلا تنظيم جوڙي جيڪا تنظيم جاپانين سان وڙهڻ کان وڌيڪ برما جي مقامي ٻوڌي آبادي جو قتل عام ڪندي رهي، برما ۾ ٻڌمت جون عبادتگاهون ۽ ٻيا سرڪاري ادارا به ڊاهي پٽ ڪيا ويا. جيئن ته 4 جنوري 1948ع ۾ برما برطانيه کان آزدي ماڻي، پر انهي کان اول ننڍي کنڊ ۾ هلندڙ پاڪستان ٺاهڻ جي تحريڪ دوران اتان (برما) جي پناهگير مسلمانن برما جي مايو ۽ روهيگا سميت ٻين علائقن کي پاڪستان (اوڀر بنگلاديش) سان جوڙڻ پئي چاهيو، جنهن لاءِ انهن اتي مسلم ليگ جو قيام رکي علحدگي جي تحريڪ به هلائي، پر محمد علي جناع اڳتي هلي انهن کي گڏ کڻي هلڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هو برما جي انهي مسئلي ۾ مداخلت نه ڪندو، جناع جي انڪار کان پوءِ 1950ع ۾ِ انهي مسلم ليگ کي “مجاهد پارٽي” جي نالي سان تبديل ڪري، اتر ارڪاين (روهنگا) کي الڳ مسلم رياست ٺاهڻ جي تحريڪ هلائي وئي، ۽ انهن پاڻ کي روهنگيا چورائڻ شروع ڪيو، جيڪا تحريڪ هٿياربند ويڙهه جي بنياد تي هلندي رهي.

1971_78ع ۾ برمي حڪومت مختلف آپريشن ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي پناهگير، بنگالاديش، انڊيا ۽ سنڌ (ڪراچي) لڏي آيا، پر انهي دوران بنگلاديش ۽ برمي حڪومت پاڻ ڳالهيون ڪيون ۽ جنهن جي نتيجي ۾ برمي حڪومت 2 لک مسلمانن کي بنگلاديش مان گهرائي وري پناهه ڏني، پر برما جا مقامي ماڻهو اهو به چون ٿا ته بنگلاديش ۽ برما جي بارڊر تي سختي نه هجڻ ڪري 1980 ع ڌاري ڪيترائي بنگالي نئين سر برما ۾ ايندا پئي ويا، جنهن ڪري برمي حڪومت وري 1982ع ۾ قومي سڃاڻپ جو نئون قانون لاڳو ڪري مسلمان پناهگيرن سميت، چيني ۽ ٻين پناهگيرن کي شهريت ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ۽ وري جهيڙا شروع ٿيا، 1990ع ۾ انهن مسلمان پناهگيرن هڪ نئين تحريڪ هلائي، جنهن دوران انهن پاڻ کي نه صرف روهيگيا چورايائون پر پنهنجي نسلي سڃاڻپ بنگالي بدران عرب نسل مان ڄاڻايائون، ۽ اها به دعوا ڪيائون ته ارڪين (روهنگيا جو حصو) مسلمان جي الڳ رياست آهي، جيڪا 350 ورهيه اڳ مسلمانن ٺاهي هئي ۽ ردعمل ۾ 2011ع ۾ اتان جي مقامي برمين، مسلمان ۽ چينين خلاف آپريشن ڪيو، نتيجي ۾ 2012ع ۾ اتر اراڪين ۾ گهڻائي رکندڙ مسلمانن ۽ ڏکڻ اراڪين ۾ گهڻائي رکندڙ ٻوڌين ۾ وڏا فساد ٿيا، جنهن دوران ٻنهي آبادين هڪٻئي جا ڳوٺ ۽ آباديون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، حڪومت ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ 2012ع جي آدمشماري دوران برمي حڪومت مسلمان پناهگيرن کي برمي شهري نه ڳاڻايو ۽ انهي کي بنگالي پناهگير طور ڄاڻايو، 2016 ع ۾ ميانمار (Myanmar,) جي بارڊر تي برمي آرمي تي حملا ٿيڻ کان پوءِ برمي حڪومت پناهگير مسلمان خلاف سخت آپريشن ڪيو، جنهن دوران برمي حڪومت جي دعوا آهي ته انهي فسادن کي ڪراچي جا روهنگيا (برمي پناهگير) هٿي ڏين پيا، جڏهن ته چيو پيو وڃي ته انهي معاملي ۾ حافظ سعيد پڻ ملوث آهي. ان سان گڏوگڏ علحدگي پسند مذهبي تنظيم ”ارڪان روهنگا سليويش آرمي” ڪراچي ڄائي برمي (روهنگيا) عطاءُالله طرفان هلائي وڃي پئي.[1]

2012ع ۾ شروع ٿيل روهنگا مسلمانن ۽ ٻڌن وچ ۾ جهيڙا[سنواريو]

2012ع جي بي بي سي جي رپوٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته 2012ع ۾ ان وقت دل ڏاريندڙ وقعا شروع ٿيا، جڏهن روهينگا مسلمانن، ٻڌست عورتن سان زوري زنا ڪندا رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻڌن ۾ سخت تاءُ پکڙجي ويو ۽ روهنگا مسلمانن ۽ ٻُڌن ۾ وچ ۾ سخت جهيڙا شروع ٿي سڄي علائقي پکڙجي ويا, جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا لڳ ڀڳ 200 ماڻهو مري ويا ۽ هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا ۽ اڳتي هلي ان جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جهيڙن جو هڪ اڻکٽندڙ لڳاتار سلسلو شروع ٿي ويو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. روهنگيا | Indus Asia Online Blog, وقت 2020-10-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-09-04 
  2. Why is there communal violence in Myanmar? - BBC News