روشني جا ڪرشما

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنسار جي عمر ۽ سائز روشني جي زبان ۾ لکيل آهي. قدرت جي خوبصورتي ۽ تارن جي اندر موجود مواد، پولار، وقت جا قانون اهي سڀئي شروعات کان ئي موجود رهيا آهن پر اسان انهن کي ان وقت تائين نه ڏٺو جسيتائين اسان انهن کي ڏسڻ جي لاءِ اڃان به وڌيڪ طاقتور طريقي کي ايجاد نه ڪري ورتو. تمام اڳ ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن هڪڙي انسان روشني جي ڏيکاريل ڪمالن کي ڏسڻ جي لاءِ جهاتي ضرور پاتي هوندي. ڪير ڄاڻي ٿو؟. ٿي سگھي ٿو ته روشني جي اهڙي عجيب نظاري پهرئين ماڻهو کي متاثر ڪيو هجي. چين ۾ ٻه هزار سالن کان به اڳ موتزي (Mo Tze ) نالي سان فلسفيدان جي لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته ان روشني جي مدد سان بند ٿيل ڪمري جي اندر تصوير ٺهڻ جو مشاهدو ڪيو هو. اُهو دنيا جي پهرين ڪئميرا، ڪئميرا ابسڪيورا (camera obscura) جي وضاحت هئي جيڪا عڪس ٺاهڻ وارن انهن سمورن ڪئميرائن جو پهريون بنيادي نمونو هو. روشني جي هن عجيب ۽ غريب خاصيتن کي استعمال ڪندي شايد دنيا جي پهرئين فلم ٺهي هئي. روشني جي اُستاد موتزي هر قسم جي تاريڪي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪيو. هڪ فوجي ماهر جنهن پنهنجي ڪاريگري جو استعمال فساد کي روڪڻ جي لاءِ ڪيو. ان جي باري ۾ مشهور هيو ته هو پنهنجي پاڻ ۾ وڙهندڙن مختلف سلطتنتن جو سفر ڪري مختلف طريقن کي استعمال ڪري اُتان جي راجائن سان ڳالهيون ڪري انهن کي جنگ ڪرڻ کان روڪيندو هو. قديم چين ۽ يونان جي ماڻهن اهو مشاهدو ڪيو ته روشني سان تمام گھڻا ڪمال ڏيکاري سگھجن ٿا. پر ڪنهن به ننڍن ٻارن جيان يا ڪنهن هوشيار جي دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ ان بنيادي سوال کي نه پڇيو. ڇو؟ ايسيتائين جو هڪ هزار سال اڳ عراق جي شهر بصره ۾ روشني جو هڪ ٻيو اُستاد ابن الهيزن رهندو هو. ابن الهيزن جي اندر قدرت کي ڄاڻڻ جي جستجو هوندي هئي. هو هر سوال پڇندو هو خاص طور تي انهن شين جي باري ۾ جن کي ٻيا ماڻهو ائين ئي ڇڏي ڏيندا هئا. اُن سوال ڪيو ته اسان ڪنئين ڏسون ٿا؟ ان کان اڳ ۾ ايندڙن مان ڪجهه مشهور ماڻهن اهو ٻڌايو هو ته اسان جي اکين مان ڪرڻا ٻاهر نڪرن ٿا ۽ جيڪا شيءِ اسان ڏسون ٿا اهي ڪرڻا انهن شين تائين سفر ڪري انهن سان ٽڪرائجي ڪري واپس اسان جي اکين تائين موٽي ايندا آهن. پر ابنِ الهثيم اهو اعتراض اُٿاريو ته تارا تمام گھڻي مفاصلي تي موجود آهن انڪري اهو ناممڪن آهي ته اسان جي اکين مان ڪا شيءِ ايتري ڏور وڃي ڪري ٿوري ئي گھڙي ۾ ئي اکين طرف واپس اچي سگھي. اهو اعتراض ڪمال جو هو پر ابنِ الهثيم اُتي ئي نه روڪيو ان اهڙن طريقن کي تلاش ڪرڻ ۾ لڳي ويو جن سان قدرت کي پنهجا راز خود ظاهر ڪرڻ تي مجبور ڪري سگھي. يارهين صدي ۾ ابنِ الهثيم روشني سان لاڳاپيل پنهنجن انهن خيالن جي آزمائش جي ڪوشش ڪئي ڪيو جيڪي اهو ٻڌائين ٿا ته اسان ڪنئين ڏسون ٿا. تنهنڪري اسان هن تجربي مان هڪ خيال کي ٺاهي سگھون ٿا ته روشني ڪهڙي ريت حرڪت ڪري ٿي. ان هڪ تيز اُس واري ڏينهن ۾ هڪ خيمو لڳايو ۽ اُن کي اهڙي طرح سان بند ڪيو جو روشني جي فقط هڪ ئي شعاع اندر داخل ٿي سگھي. پنهنجي دماغ جو استعمال ڪندي ۽ ڪاٺي جي هڪ سڌي ٽڪڙي (هڪ اسڪيل) جي مدد سان ابنِ الهثيم سائنس جي تاريخ ۾ هڪ عظيم ٽپو لڳايو. اُن دريافت ڪيو ته روشني سڌي لڪيرن ۾ حرڪت ڪندي آهي. پر اها ته اڃان شروعات ئي هئي. ابنِ الهثيم اهو معلوم ڪيو ته ڪا به تصوير چاهي اها اک ۾ ٺهي يا ڪئمرا آف آبسڪيورا جي ذريعي تڏهن ئي ٺهي سگھي ٿي جڏهن روشني هڪ ننڍڙي سوراخ مان هڪ تاريڪ خاني (chamber) ۾ داخل ٿي سگھندي هجي. اهو سوراخ اسان جي چوڌاري موجود ٻاهرين روشني جي ڪرڻن جي انتشار کي ڇنڊي ٿو. سوراخ جيترو ننڍو هوندو روشني اوتري ئي گھٽ رُخن مان اندر داخل ٿي سگھندي ۽ نتيجي ۾ تصوير اُوتري ئي چمڪدار ٺهندي. ابنِ الهثيم پنهنجي ڪئمرا آف آبسڪيورا ٺاهي ڪري وقت جي خليفن کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو. ڪئمرا آف آبسڪيورا تيز روشني ۾ ئي بهتر طرح سان ڪم ڪندي آهي. رات ۾ آسمان ۾ موجود تارن مان ايندڙ روشني ايتري نه هوندي آهي تنهنڪري اسان کي روشني کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ وڏي سوراخ جي ضرورت هوندي سان گڏوگڏ اسان کي فوڪس (focus) کي برقرار رکڻ جي پڻ ضرورت هوندي. دوربين پنهنجي بلور يا آئيني جي ڪنهن حصي تي پوندڙ سموري روشني کي گڏ ڪري ڇڏي ٿو ڇاڪاڻ ته هن ۾ ڪئمرا آف آبسڪيورا جي سوراخ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ روشني اندر داخل ٿيندي آهي. اها دنيا جي پهرئين دوربين آهي. 1609ع ۾ گليليو هن ئي دوربين کي استعمال ڪري آسمان جي طرف مشاهدو ڪيو هو هن جي مدد سان ان رات جي گھاٽي تاريڪ پردي کي هٽائي ڪري سنسار جي دريافت جي شروعات ڪئي هئي. بلور جي ڪري دوربين جي اهو ممڪن بڻيو ته اها اسان جي اکين جي ڀيٽ ۾ روشني کي جمع ڪرڻ وارو حصو تمام وڏو ٿي ويو. جديد دوربينين ۾ روشني کي گڏ ڪرڻ وارو تمام وڏو حصو، تمام گھڻا حساس ڊٽڪٽر (sensitive detectors) هوندا آهن جنهن جي ڪري اهي ساڳئي شيءِ کي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڏسي ڪري ان جي وڌ کان وڌ روشني گڏ ڪرڻ جي قابل هوندا آهن. پولار ۾ موجود دوربينون جهڙوڪ هبل (Hubble) تمام سڀ کان ڏور ۽ تمام پراڻي ڪهڪشائين مان ايندڙ روشني کي ڏٺو آهي جنهن سان سنسار جي باري ۾ اسان جي سمجھ کي اڃان به بهتر بڻائي ڇڏيو آهي. ابنِ الهثيم اهو دريافت ڪيو ته ڪهڙي طرح سان روشني سان عڪس ٺهن ٿا پر اها ان جي اُن عظيم ڪاميابي جي اڳيان ڪجهه به نه هئي. انساني وجود جي دائري ۾ جيڪي به شيون آهن ان جي اُبتڙ روشني جون خاصيتون مختلف آهن. مثال طور روشني جي رفتار کي ڏسو. روشني جو بنيادي ذرڙو ڦوٽان آهي ڦوٽان جنئين ئي ڪنهن ائٽم يا ماليڪيول مان ٻاهر ٻاهر خارج ٿيندو آهي ته هڪدم سان روشني جي رفتار سان هلڻ شروع ڪري ٿو. ڦوٽان ڪڏهن به ٻئي رفتار سان حرڪت نه ڪندو آهي ۽ اسان کي ڪنهن اهڙي تجربي جي باري ۾ خبر نه پئي آهي جنهن ۾ هڪدم سان ٻُڙي کان تمام گھڻي رفتار تي پهچي وڃي ٿي. ايتري رفتار ڪنهن به شيءِ جي نٿي ٿي سگھي. جڏهن اسان ٻين ذڙڙن جي رفتار وڌائي ڪري روشني جي رفتار جي برابر آڻڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ته انهن جي روڪاوٽ به وڌندي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته اهي ذرڙا ڳرا ٿيندا ويندا آهن. اڃان تائين ڪنهن به تجربي ۾ اهڙي ڪنهن به ذرڙي کي ٺاهيو نه ويو آهي جيڪو روشني جي رفتار جي برابر رفتار سان حرڪت ڪندو هجي. روشني سان آئزڪ نيوٽن جو لڳاءُ ننڍپڻ کان ئي قائم ٿي چڪو هو. جڏهن نيوٽن اڃان 20 سالن جو هيو تڏهن هو انڊلٺ جي رازن کي حل ڪندڙ پهريون انسان بڻجي ويو هو. نيوٽن دريافت ڪيو ته سج جي روشني يا اڇي روشني انڊلٺ ۾ موجود سمورن رنگن جو ميلاپ هوندي آهي. اها هڪ تمام وڏي دريافت هئي نيوٽن انهن نظر ايندڙ رنگن کي اسپيڪٽرم (spectrum) جو نالو ڏنو هو. جيڪو لاطيني زبان مان ورتو ويو آهي جنهن جو مطلب ڀوت يا ڀوت جو پاڇو آهي. پر روشني ۾ اڃان به وڌيڪ اچرج ۾ وجهڻ واري لڪيل ڄاڻ جنهن کي ڪائنات جي چاٻي چئي سگھجي ٿو ان کي نيوٽن دريافت ڪرڻ کان رهجي ويو. ائين چئي سگھجي ٿو ته نيوٽن هڪ لحاظ کان لڪيل ڪائنات جي هڪ اهڙي دروازي جي سامهون کان گذري ويو جيڪو ايندڙ 150 سالن تائين بند ئي رهيو. 1800ع ۾ هڪ ٻئي سائنسدان کي اسان جي آسپاس موجود لڪيل دنيا جي باري ۾ هڪ اهم ثبوت هٿ اچي ويو. رات ۾ وليم هرشل پنهنجي وقت جي سڀ کان وڏي دوربين سان آسمانن جو مطالعو ڪندو هو جڏهن ته ڏينهن ۾ هو تجربا ڪندو رهندو هو. نيوٽن جي شروعاتي ڪم مان اهو ثابت ٿي چڪو هو ته سج جي روشني الڳ الڳ رنگن جو ميلاپ هوندي آهي ۽ اها سڀني کي خبر هئي ته سج جي روشني ۾ گرمي پڻ موجود هوندي آهي. وليم هرشل جو سوال هو ته ڇا روشني جي ڪجهه رنگن ۾ ٻين رنگن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گرمي هوندي آهي؟ ڪنهن به سائنسي ڏاهي جي اها فطرت هوندي آهي ته هو اهڙا سوال به اُٿاري جن جي باري ۾ ٻين ڌيان نه ڏنو هجي ۽ پوءِ انهن تي تجربو به ڪري. هرشل تجربي ۾ رنگ ۽ گرمي پد جي وچ ۾ رابطي جي چڪاس ڪئي جنهن مان اهو خبر پئي ته ڳاڙهو رنگ، نيلي رنگ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گرم هوندو آهي اها هڪ دلچسپ دريافت ته هئي پر اها ڪنهن انقلاب جيان نه هئي. اهڙي طرح سان هرشل هڪ نئين قسم جي روشني کي دريافت ڪئي. هرشل سڀ کان پهريئن اسپيڪٽرم ۾ ڳاڙهي رنگ واري ڇيڙي کان هيٺ موجود ڪنهن اڻڏٺل روشني جي موجودگي کي تلاش ڪيو. انهيءِ سبب جي ڪري اُن جو نالو انفراريڊ رکيو ويو. لاطيني زبان ۾ انفرا جو مطلب هوندو آهي هيٺ. اها روشني نظر نه ايندي آهي. اسان جون اکيون هن قسم جي روشني کي ڏسڻ جي لائق نه آهن پر اسان جي چمڙي هن روشني جي گرمي کي محسوس ڪري سگھي ٿي. هاڻ اها واقعي هڪ وڏي دريافت آهي پر روشني جي اندر اڃان به تمام وڏا راز لڪيل هئا. جنهن وقت وليم هرشل انگلينڊ ۾ پنهنجي تجرباتي ڪمري ۾ ويهي ڪري انفراريڊ روشني جي دريافت ڪري رهيو هو جوزف فران هوفر (Joseph Fraunhofer) نالي هڪ نوجوان ڇوڪرو تمام ڏکين حالتن ۾ ڦاٿل هو. جوزف زهريلي ڪيميائي موادن سان ڀريل هڪ ديڳ جي ويجهو بيهي ڪري هن کي لڳاتار هلائيندو رهندو هو. جوزف 11 سالن جي عمر ۾ ئي يتيم ٿي ويو هو ۽ ان کي ويشيل برگر (Weichselberger) نالي شاهي شيشن کي ٺاهيندڙ جي حوالي ڪيو ويو. اُن جوزف کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. جوزف ڏينهن ۾ شيشا ٺاهڻ واري ورڪشاپ ۾ ڪم ڪندو ۽ رات جو مالڪ جي گھر جا ڪم ڪندو هو. پوءِ جوزف کي هڪ تمام وڏو موقعو ملي ويو جڏهن ويشيل برگر جو گھر ڍهي پيو. بوويرا جو ٿيڻ وارو راجا ميڪسميلين (Maximilian) ترت حادثي واري جاءِ تي پهچي ويو ته جنئين ماڻهن جي مدد ڪري سگھي. ميڪسميلين پنهنجي سلطنت جي رعايا ۾ تمام گھڻي دلچسپي وٺندو هو جيڪو اُن دور ۾ تمام عجيب ڳالھ هئي. بوويرا جو مستقبل ۾ ٿيڻ وارو راجا جي نگراني ۾ اچڻ کانپوءِ نوجوان فارن هوفر کي نئين دنيا کي ڏسڻ جو موقعو ملي ويو ۽ فقط ايترو ئي نه پر راجا ميڪسميلين، جوزف کي پئسا ڏنا ۽ پنهنجي ڪائونسلر کان ضرورت پوڻ تي اُن ڇوڪري جي وڌيڪ مدد ڪرڻ جيِ به تاڪيد ڪئي. ويشيل برگر ان کان زبردستي سان ڪم وٺندو رهيو ۽ اُن کي اسڪول وڃڻ کان روڪيندو رهيو پر راجڪمار جي ڪائونسلر جي مداخلت جي ڪري جوزف کي هڪ آپٽيڪل انسٽيٽوٽ ۾ نوڪري ملي وئي. هن ننڍڙي مهرباني حقيقت ۾ تمام وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو. 27 سالن جي عمر ۾ جوزف فارن هوفر سُٺي معيار جا بلور، دوربين ۽ ٻين نظري اُوزارن کي ٺاهيندڙ دنيا جو سڀ کان مشهور ڊئزايئنر بڻجي چڪو هو. اولڊ بينيڊيڪٽبيورين ايبي (old Benediktbeuren Abbey) ۾ هوفر پنهنجي هڪ ڪمپني ٺاهي. پراڻي زماني جي بينيڊڪٽين (Benedictine) جا راهب رازداري جو قسم کڻندا هئا. هن قسم جي عام رواج ۽ فارن هوفر جي تجربيگاھ تائين رسائي جي اجازت نه ڏيڻ جي ڪري اُن پنهنجي ڪاروبار کي ۽ رياست جي رازن کي قابو ۾ رکيو. فارن هوفر منشورن سان تجربا ڪري اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته درست بلورن (lenses) جي لاءِ ڪهڙو گلاس سڀني کان بهتر هوندو آهي. هو حيران هو ته آخر ڪهڙي ريت ڪنهن منشور سان ٺهندڙ اسپيڪٽرم کي سان وڌيڪ بهتر طرح سان ڏسي سگھجي ٿو؟ فران هوفر ٿيوڊولائٽ جيڪا دوربين جو هڪ قسم آهي ان کي ٺاهيو. پر هن کان پهريائين اسان آواز جي لهرن تي غور ڪيون ٿا. آواز جون لهرون ٻڌڻ ۾تمام گھڻيون خوبصورت لڳن ٿيون. ٿورو سوچيو اهي ڏسڻ ۾ ڪيتريون خوبصورت لڳنديون. توهان ڪڏهن هن ڳالھ تي غور ڪيو آهي ته آرگن پائيپ جي ڊيگھ الڳ الڳ ڇو هوندي آهي؟ جڏهن ڪو ماڻهو بٽڻ کي دٻائي ٿو ته اهو دٻائيل هوا (compressed air) کي هڪ خاص قسم جي پائيپ ۾ موڪلي ٿو جنهن سان ڪجهه خاص قسم جون آواز جون لهرون ٺهن ٿيون. ڪنهن به پائيپ جي ڊيگھ اهو ٻڌائيندي آهي ته هن جي اندر ڪيتري ڊيگھ واري آواز جي لهر سمائي سگھي ٿي. ننڍي پائيپ مان توهان کي ننڍي آواز جي لهر ٻڌڻ ۾ ايندي. گھٽ آواز جي لهرن جي پچ (pitch) يا فريڪوئنسي اُوچي هوندي آهي. ٻن لهرن جي وچ واري مفاصلي کي لهري ڊيگھ (wavelength) سڏجي ٿو. هڪ ڊگھو پائيپ ڊگھي آواز جي لهر کي پيدا ڪندو آهي جنهن جي پچ يا فريڪوئنسي گھٽ هوندي آهي.

آواز جون لهرون ڪنهن خالي جڳھ (vacuum) ۾ سفر ڪري نه سگھنديون آهن. انهن کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ ڪنهن مادي جهڙوڪ هوا، پاڻي، يا پاڻي جي ماليڪيولن جي ضرورت هوندي آهي پر روشني جون لهرون اڪيلي طور تي سفر ڪن ٿيون اهي پولار  ۾ به آواز جي لهرن جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ ڏھ لک ڀيرا وڌيڪ تيزي سان حرڪت ڪري سگھن ٿيون. هوا ۾ سفر ڪندڙ آواز جي لهري ڊيگھ روشني جي لهري ڊيگھ کان هزارين ڀيرا وڌيڪ هوندي آهي. جهڙي طرح سان آواز جي لهري ڊيگھ اسان کي اهو ٻڌائيندي آهي ته اسان کي ٻڌڻ ۾ ايندڙ اُنهن جي پچ ڪيتري ٿيندي، ساڳئي ريت روشني جي لهري ڊيگھ مان اها خبر پوندي آهي ته اسان کي ڪهڙو رنگ نظر ايندو. پر ڪهڙي سبب جي ڪري منشور سج جي روشني ۾ لڪيل سمورن رنگن کي ڦهلائي ڇڏي ٿو؟ جڏهن روشني هوا يا پولار مان سفر ڪري ٿي ته اُن جا سمورا رنگ هڪ ئي اسپيڊ سان اڳتي  حرڪت ڪندا آهن پر جڏهن اها ڪنهن شيشي جي ڪنهن ڪنڊ سان ٽڪرائجن ٿا ته روشني جي رفتار گھٽ ٿي ويندي آهي ۽ نتيجي ۾ هن جو رُخ تبديل ٿي ويندو آهي. پرزم جي اندر هر هڪ رنگ مختلف رفتار سان حرڪت ڪندا آهي. شيشي جي اندر واڳڻائي رنگ جي روشني جي رفتار جيڪي اسان کي نظر ايندڙ سڀ کان گھٽ لهري ڊيگھ رکي ٿي اها وڌ کان وڌ لهري ڊيگھ رکندڙ ڳاڙهي رنگ جي روشني جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهستي تي ويندي آهي. رفتار جي هن فرق جي سبب رنگ الڳ الڳ ٿي ويندا آهن جنهن جي ڪري انهن جون لهرون ٿورو مختلف رُخن ۾ ڪري سفر ڪنديون آهن. منشور انهيءِ ريت ڪم ڪندو آهي.  جوزف فارن هوفر هاڻي اهو ڪم ڪرڻ وارو هو جيڪو آئزڪ نيوٽن ڪري سگھندو هو پر نه ڪري سگھيو. 

فزڪس ۽ فلڪيات جي ميلاپ جي نتيجي ۾ سائنس جي هڪ اهم شعبي اسٽروفزڪس (astrophysics) جو جنم ٿيو. روشني جي انهن عمودي ڪارين لڪيرن ۾ هڪ راز لڪيل آهي ۽ جڏهن فارن هافر انهن کي ڏٺو ته هو حيران ٿي ويو؟؟ هڪ اهڙو ڪوڊ جيڪو ڪنهن ٻاهرين دنيا جي برهمانڊ کان اسان وٽ پهتو آهي. انهن ڪارين عمودي لڪيرن ۾ ڪهڙو پيغام لکيل آهي؟ هن کي سمجهڻ، ڄاڻڻ ۽ هن جي جواب تلاش ڪرڻ ۾ لڳ ڀڳ سو سالن جو عرصو لڳو. اهو ڪيترو نه خوبصورت آهي؟ زمين جي ڪيميائي بناوت ۽ ان جي وايومنڊل، زندگي جي ارتقا ۾ خوبصورتي جا ڪيترائي نمونا موجود آهن. اچو ته هڪ مثال جي طور تي مٿاڇري تي موجود اسان کي حيران ڪندڙ قدرت جي رنگن تي غور ڪيون. اهو سڀ آخر ڇا ٿي رهيو آهي؟ قدرت جا حيران ڪندڙ اهو ڳاڙهو، نيرو، رنگ آخر ڪنئين ٺهن ٿا؟ سج کان ايندڙ روشني الڳ الڳ لهري ڊيگھن جي شڪل ۾ زمين تي پهچي ٿي. انهن خاص گُلن جون پتڪڙيون سموري گھٽ توانائي ۽ ڊگھي لهري ڊيگھ واري ڳاڙهي رنگ جي لهرن کي جذب ڪن ٿيون پر اُهي پتڪڙيون وڌيڪ توانائي ۽ گھٽ لهري ڊيگھ رکندڙ نيلي روشني کي موٽائين ٿيون. روشني ۽ پتن يا جي وچ ۾ جيڪا لھ وچڙ ٿئي ٿي ان جي نتيجي ۾ نيلو رنگ ٺهي ٿو. سڀ کان ڊگھيون لهرون جنهن کي اسان ڳاڙهي رنگ جي طور تي ڏسندا آهيون انهن جي توانائي سڀ کان گھٽ هوندي آهي. رنگن جي ذريعي ئي اسان جي اکين کي خبر پوندي آهي ته روشني جي لهرن ۾ ڪيتري توانائي موجود آهي.

ڊاڪٽر يوسف سومرو انسٽيٽوٽ آف فزڪس، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو سنڌ پاڪستان