روبينا ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

روبينا ابڙو، 24 آڪٽوبر 1971ع تي ڳوٺ ڳيريلي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ -جنم- ورتو. هوءَ سنڌي ٻوليءَ جي شاعر عورتن ۾ غزل جي شاعريءَ ۾ اهم مقام رکي ٿي. سندس غزل فني ۽ فڪري حوالي سان پختا ۽ متاثر ڪندڙ آهن. هن ادبي دنيا ۾ 1991ع کان پير پاتو. ابتدا ۾ ڪجهه ڪهاڻيون لکيائين، جيڪي ريڊيو خيرپور جي پروگرامن ۾ نشر ٿيون، پر پوءِ هن پنهنجي لاءِ شاعريءَ جو ميدان چونڊيو ۽ شاعر عورتن ۾ نالو پيدا ڪيو. مريم مجيدي ۽ سحر امداد واري ٽهيءَ کان پوءِ واري ٽهيءَ ۾ روبينا ابڙو ۽ رخسانه پريت ئي غزل جون ٻه پختيون شاعرائون آهن. روبينا ابڙو ايم. اي سنڌي (1995ع) ۽ ايم. اي ايڪانامڪس (1997ع) آهي. هوءَ گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول نظر محلي، لاڙڪاڻي ۾ اُستاد طور پڙهائي رهي آهي. سندس شاعري ۽ مضمون سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. هوءَ هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا[سنواريو]