رنجيت سنگهه جي خلاف سيد احمد بريلوي جو جهاد
شيخ محمد اڪرام لکي ٿو ته توڙي جو سيد احمد شاھ بريلوي جي تعليم ناظره قران کان وڌيڪ نه هئي پر سيد احمد, شاهه عبدالقادر جي سلسلي نقشبنديا ۾ خليفو هو. سن 1810ع ۾ سيد احمد ٽونڪ جي والي نواب امير خان وٽ سوار جي طور ڀرتي ٿي ويو[1]. جڏهن سيد احمد بريلوي، رام پور ويو ته اتي ڪيترائي ولائيتي افغان آيا ۽ انهن سيد احمد کي پنجاب ۾ سکن طرفان مسلمان ڇوڪرين کي زوريءَ کڻڻ ۽ انهن کي سک ڪري پنهنجون زالون ٺاهڻ جا قصا ٻڌايا ۽ کيس درخواست ڪئي ته، ”اَي سيد! اوهان ولي الله آهيو، ڪجهه ڪيو ته جيئن انهن ڪافرن مان آجپو ملي.“ [2] يوپي مجاهدن جو لشڪر سيد احمد بريلوي جي قيادت ۾ پشاور پهتو ۽ 1826ع کان 1831ع تائين سکن جي خلاف جهاد جاري رکيو. پر ان اسلامي لشڪر سکن کان مسلمان ڇوڪريون ڇڏائڻ جي بدران پٺاڻ ڇوڪرين ۽ عورتن سان مجاهدن جا وهانءَ (شاديون) ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيون. ان جي نتيجي ۾ پشاور جي سردارن ۽ پٺاڻ عالمن جو يو پي جي مجاهدن جي خلاف هڪ گڏيل محاذ ٺهي ويو. جن مجاهدن کي ”خارج از اسلام“ ۽ ”واجب القتل“ جا فتوا ڏنا[1]. مَلڪ سمهَ, پشاور جي حاڪم جي راضپي سان فيضلو ڪيو ته جيڪي به مجاهد تعلقي جي عشر ۽ انتظام تي مقرر آهن, انهن کي انهن ئي علائقن ۾ هڪ ئي رات ۾ قتل ڪري ڇڏيو وڃي. مقرر يا طئي ٿيل رات تي عشا جي نماز کان پوءِ هر ڳوٺ ۾ نغارا وڳا ۽ صبح تائين سڀني اسلامي مجاهدن کي رڍن ۽ ٻڪرين وانگر ذبح ڪري انهن جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو ويو[1]. سيد احمد سان گڏ باقي جيڪي سندس ساٿي هئا انهن کي راجا شير سنگھ جي لشڪرين بالاڪوٽ وٽ گهيري ۾ آڻي قتل ڪري ڇڏيو[1].