مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

رفتار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رفتار (Speed) ڪنھن بہ طئي ٿيندڙ مفاصلي (S) کي جيڪڏهن ان جي نسبتي وقت (t) سان ونڊ ڪبي تہ ان جي ’رفتار‘ معلوم ٿيندي. ڪنھن بہ جسم جي رفتار اهو ٻڌائي ٿي تہ اهو جسم ڪيتري تيزيءَ سان چرپر ڪري/ هلي رهيو آهي، جڏهن تہ ان مان جسم جي هلندڙ طرف جي ڄاڻ نٿي پوي. جيڪڏهن ان وقت (t) دوران جسم ڪو مفاصلو (s) طئي ڪري ٿو تہ اهڙي جسم جي سراسر رفتار برابر ٿيندي s/t. ڪنھن بہ جسم جي حرڪت/ رفتار سان گڏ جيڪڏهن ان جي طرف جي بہ ڄاڻ هجي تہ اها ان جسم جي ويلاسٽي (Velocity) سڏبي.[1]

انٽرنيشنل سسٽم آف يونٽس (SI) مطابق تيزيءَ جو ايڪو ميٽر في سيڪنڊ آهي، جڏهن تہ عام طور تيزيءَ جي ايڪي لاءِ اسان روزمره جي زندگيءَ ۾ ڪلوميٽر في سيڪنڊ يا ميل في سيڪنڊ استعمال ڪندا آهيون تہ هوائي ۽ سامونڊي سفر لاءِ ناٽ (Knot) ڪتب آڻيندا آهيون. اهڙي وڌ ۾ وڌ تيزي، جنھن سان ڪا معلومات يا توانائي پھچائي سگهجي ٿي، اها ڪنھن خال/ خلا ۾ روشنيءَ جي رفتار 299،792،458 ميٽر في سيڪنڊ، اٽڪل 1079 ملين ڪلوميٽر في ڪلاڪ (671،000،000 ميل في ڪلاڪ) آهي.ائين ٿيڻ لاءِ توانائيءَ جي لامحدود مقدار جي گهرج پوندي. نسبتي فزڪس (relativity physics) جي حوالي سان تيزيءَ جو تصور، رفتار جي (classical) تصور ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. اڄڪلھ جي ڊوڙون پائيندڙ (runners) رانديگرن لاءِ اهو چوڻ بھتر ٿئي ٿو تہ ڪو بہ نوجوان گهٽ ۾ گهٽ 20 ڪلوميٽر في ڪلاڪ (يا 12.43 ميل في ڪلاڪ) جي حساب سان ڊوڙي سگهي ٿو تہ هڪ سٺو ڊوڙندڙ 30 ڪلوميٽر في ڪلاڪ (يا 18.64 ميل في ڪلاڪ) جي حساب سان ڊوڙي سگهي ٿو، جيڪي 100 ميٽر اٽڪل 12 سيڪنڊن ۾ ڊوڙي طئي ڪرڻ جي برابر آهن. اهو اٽليءَ جو طبيعات دان (Physicist) گئليليو هو، جنھن سڀ کان اول رفتار جي ماپ ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "رفتار : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-06-10.