رس نگار شاعري
ڏيک
”رس“ سنسڪرت زبان جو هڪ ٻول آهي، جنهن جي لفظي معنا آهي ”لطف، لذت، خوشي يا سَرهائي“. اصطلاحي معنا موجب سنسڪرت ۾، جماليات (Aesthetic) جي دائري ۾ هڪ خاص فلسفي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جو تعلق خاص طرح شاعريءَ ۽ ناٽڪ جي اسباب، اثرات ۽ علامات سان آهي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي سينگار شاعريءَ (Seengaar shaairi) کي هندي سينگار رس جي شرح سمجهن ٿا. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ’شاهه جو رسالو‘، خليفي نبي بخش جو رسالو، ”رسالو سچل سرمست“ وغيره مشهور آهن.[1][2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
- ↑ سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد