رسل ڪرو
| رسل ڪرو | |
|---|---|
جون 2013 ۾ ڪرو جي نڪتل تصوير | |
| پيدائش | رسل ارا ڪرو 07 اپريل 1964 (عمر 61 سال) ويلنگٽن، نيوزيلينڊ |
| شھريت | نيوزيلينڊ |
| پيشو |
|
| سَرگَرمُ سالَ | 1985 کان وٺي ھاڻي تائين |
| جيون ساٿي | ڊينيلي اسپينسر(آسٽريليائي اداڪاره) (ش. 2003; طلاق 2018) |
| ٻار ٻچا | 2 |
رسل ارا ڪرو(انگريزي: Russell Ira Crowe)7 جنوري 1964 ۾ نيوزيلينڊ جي شھر ويلنگٽن ۾ پيدا ٿيو پر ھن پنھنجي زندگي جو وڏو حصو آسٽريليا ۾ گذاريو آهي [1]ھن کي 2000 ۾ ھدايتڪار رڊلي اسڪاٽ مشھور فلم گليڊيئيٽر ۾ رومن جنرل ميڪسيمس جو ڪردار ادا ڪرڻ تي بين الاقوامي شھرت ملي جنھن تي کيس بھترين اداڪار ھجڻ جو اڪيڊمي ايوارڊ، بھترين اداڪاري لاء براڊڪاسٽ فلم ڪرٽڪس ايسوسيئيشن ايوارڊ ، بھترين اداڪاري لاءايمپائر ايوارڊ ۽ بھترين اداڪاري تيلنڊن فلم ڪرٽڪس سرڪل ايوارڊ مليو ان کان علاوه ڏھ ٻين بھترين اداڪاري جي ايوارڊن لاءِ سندس چونڊ ٿي .1999 ۾ ڪرو فلم دي انسائيڊر ۾ ڪم ڪرڻ تي بھترين اداڪار ھجڻ جا پنج ايوارڊ حاصل ڪيا ان کان علاوه ست بھترين اداڪاري جي ٻين ايوارڊن لاءِ بہ سندس چونڊ ٿي. 2001 ۾ ھن فلم بيوٽي فل مائينڊ م ھڪ نوبل انعام يافتہ جان ايف نيش جو ڪردار ادا ڪيو جنھن لاء بہ کيس کوڙ ايوارڊ مليا جن م بافتا ايوارڊ، گولڊن گلوب ايوارڊ ، اسڪرين ايڪٽرس گلڊ ايوارڊ پڻ شامل آهن.ھاليووڊ جي فلم انڊسٽري ۾ رسل ڪرو جو مقام ايئن آھي جيئن بالي ووڊ ۾ عامر خان جو.
فلموگرافي
[سنواريو]فلمون
[سنواريو]ٽيليويزن
[سنواريو]| سال | سيريز | ڪردار | ڊائريڪٽر | نوٽ |
|---|---|---|---|---|
| 1987 | Neighbours | ڪيني لارڪن | پاؤل مولوني | 4 قسط |
| 1991 | Brides of Christ | ڊومينڪ مئلوني | پيني چيپمين | 1 قسط |
| 2012 | Republic of Doyle | بائڊ ڪئلي | ڪيٿ سيمپلز | 1 قسط |
حوالا
[سنواريو]- ↑ Roach, Vicki (26 June 2013). "Oscar-winner Russell Crowe denied Australian citizenship". Courier Mail. http://www.couriermail.com.au/entertainment/oscarwinner-russell-crowe-denied-australian-citizenship/story-fnic6ynx-1226670247991. Retrieved 26 June 2013.
- ↑ The Mummy Sneak Peek: First Look at Dr. Jekyll and Mr. Hyde | SYFY WIRE