مواد ڏانھن هلو


سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو سنڌي قوم لاءِ سنهيو
سنڌي وڪيپيڊيا کي توهان جي گھُرج آهي!
پنهنجي مادري ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي آزاد انسائيڪلوپيڊيا (سنڌي وڪيپيڊيا) لاءِ اڳتي اچو ۽ ڀاڱيداريون ڪري سنڌي ڀاشا جي سيوا ڪريو.

وڪيپيڊيا تي توهان اسان جهڙا عام پر باشعور ماڻهو ڪم ڪن ٿا، جيڪي مختلف شعبن سان واڳيل پڻ هوندا آهن. سنڌي وڪيپيڊيا جي واڌاري لاءِ اسان سان سهڪار ڪريو ۽ اسان جا ٻانهن ٻيلي ٿيو.

راڻي لاڏي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

راڻي لاڏي (انگريزي: Queen Laddi) اصل ۾ راجا ڏاھر جي ٻيو نمبر راڻي ھئي. تاريخ مان ڄاڻ ملي ٿي ته پھرين راڻي جا لوھاڻي حاڪم اگھم جي ڌيءُ ھئي، (تاريخ ۾ اچي ٿو ته لوھاڻي جي حاڪم اگھم جي ڌيءُ ڏاھر جي ڀاءُ ڏھرسين جي زال ھئي، تنھن سان ڀاءُ جي مرڻ کان پوءِ ڏاھر شادي ڪئي. [1] تنھن مان جيسين پُٽ ڏاھر پيدا ٿيو. راڻي لاڏيءَ منجھان ٻي ڌيئر سريا ديوي ۽ پرمل ديوي ھيون. پُٽن جي سلسلي ۾ تاريخدانن جا الڳ الڳ رايا آھن. ڪن جو خيال آھي ته جيسين کان سواءِ ھڪڙو پٽ ڏھرسين به ھيو (ڏاھر سان جنگ ۾ ٻئي پُٽ جيسين ۽ ڏھرسين گڏ ھئا. [2] پر وري ٻي جاءِ تي وڪو ۽ گوپي نالي وارا پڻ ڏاھر جا پٽ ڄاڻايا وڃن ٿا. (اھا ڳالھ چچ نامي، معصومي، تحفة الڪرام ۾ بيان ٿيل آھي.) ٽين جاءِ تي چچ پُٽ ڏاھر پڻ ملي ٿو. (چچ پٽ ڏاھر بلاذري، فتوح البلدان ۾ ڄاڻايو آھي.) مٿين لکت مطابق مھاراجا کي جملي پنج پُٽ ٿيندا، جيئن ته جيسين جي ڄمڻ سان مھاراجا جي اڳين راڻي دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويئي ھئي ۽ اھو سندس وڏو پُٽ ھيو ان ڪري چئبو ته راڻي لاڏيءَ منجھان کيس چار پُٽ ٿيا، پر تاريخدانن جي اڪثريت سندس ٽن پُٽن تي متفق آھي ۽ جنگ کان اڳ ۽ پوءِ واري دور ۾ نمايان طور ٽن جو ذڪر ملي ٿو، ان ڪري اسان پڻ ان ڳالھ کي درست ٿا سمجھون. ان خيال سان راڻي لاڏيءَ منجھان مھاراجا کي ٻه پُٽ ٿيا.

عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ڊگھي وقت تائين، راڻي لاڏي، جيسين سان گڏ مختلف قلعا (جي سنڌ جي ئي حدن ۾ ھئا) مٽائيندي پُٽ جي ٻانھن ٻيلي ٿي عربن خلاف جنگ ڪرڻ ڪارڻ فوج تيار ڪندي رھي. آخرين قلعو برھمڻ آباد جو ھيو، جنھن ۾ فوج کي گڏ ڪيائين ۽ تلقين ڪرڻ سان گڏوگڏ اھو پڻ احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪيائين ته ھيءَ ئي جاءِ پنھنجو آخري سھارو آھي، جنھن تان بيھي پاڻ کي وطن واپس ورائڻو آھي. ھن بهادر زئفان قلعي ۾ گڏ ٿيل وڙھندڙن کي چيو: ”ھيءُ مضبوط قلعو ۽ عيال ڪيئن ڇڏينداسين؟ اسان کي لاچار ھتي رھڻ گھرجي، جيئن دشمن تي سوڀ حاصل ڪيون ۽ اسان جو مُلڪ ۽ گھر سلامت رھي.“ نه صرف ايترو پر کين ڪڏھن به ھار نه مڃڻ وارو سبق ڏيندي چيائين: ”جيڪڏھن عرب جو لشڪر غالب رھيو ته پوءِ ڪا ٻي تدبير ڪنداسون.“ [3]

چچ نامي جي غلط بياني

[سنواريو]

ھن تاريخ جي صفحي 268- 269 تي ھڪ روايت ۾ لاڏيءَ جي زباني بيان ڪئي وئي آھي ته جڏھن ڏاھر جي قتل کان پوءِ ڏاھر جي زال لاڏي گرفتار ٿي, تڏھن محمد بن قاسم ھن سان نڪاح ڪيو، لاڏي ام ولد (نڪاح ۾) ٿي تڏھن محمد بن قاسم کانئس پڇيو: ”تون ڪيئن ڏاھر جي پوئلڳن سان گڏ گرفتار ٿيئنءَ؟ ۽ ڏاھر کان ڪھڙي سبب ڌار ٿينءَ؟“ لاڏيءَ جواب ڏنو ته: ”جڏھن اسلامي لشڪر راجا ڏاھر جي سامھون ٿيو، تڏھن ھن ھر ھڪ زال جي مٿان سخت نگران ڇڏي چيو ته جيڪڏھن اسلامي لشڪر غالب ٿئي ۽ ڪافر شڪست کائين ته ھنن زالن کي ڪُھي ڇڏجو متان مسلمانن جي ھٿان گرفتار ٿين. پوءِ انھيءَ نگران چوبدار، راڻي لاڏيءَ ڏانھن ڏسي پئي چيو: ”ته تنھنجي منھن جو بشرو اھڙو کليل آھي جو (معلوم ٿو ٿئي ته) تنھنجي دل عرب جي بادشاھ ڏانھن مائل آھي ۽ تون ضرور انھيءَ جي راڻي ٿيندينءَ.“ آخر جڏھن اسلام جي لشڪر حملو ڪيو ۽ مشرڪ ڀڄي ويا, تڏھن ھر ھڪ نگران سندس حوالي ڪيل راڻيءَ کي ڪُٺو (اھو حال ڏسي) مان پاڻ کي اُٺ تان ھيٺ ڦِٽو ڪيو ۽ وڃي جنگ جي (ميدان) وچ ۾ پيس، منھنجو نگران منھنجي ڪُھڻ جو خيال ڇڏي وٺي ڀڳو. پوءِ مسلمانن اچي مون کي گرفتار ڪيو ۽ امير محمد بن قاسم مون کي خريد ڪري پنھنجي نڪاح ۾ آندو.“ اھا روايت جا راڻي لاڏيءَ سان لاڳاپيل آھي سا خيال ڪيو ٿو وڃي ته غلط، ڪوڙي ۽ بي بنياد هوندي، جنھن کي تصحيح ۽ تشريح ڪندڙ پڻ لنوائي ويا آھن.

مٿين روايت کي غلط سمجھڻ لاءِ ھيٺيون ٻه ڳالھيون نظر اچن ٿيون:

(الف) روايت ۾ راڻيءَ جي زباني ٻڌايو ويو آھي ته: ”جڏھن اسلام جي لشڪر حملو ڪيو ۽ مشرڪ ڀڄي ويا تڏھن ھر ھڪ نگران (جي خاص بيھاريل ھئا) سندن حوالي ڪيل راڻيءَ کي ڪُٺو.“ مٿيون ذڪر ثابت ڪري ٿو ته سواءِ لاڏيءَ جي جنھن پالڪيءَ مان ھيٺ ٽپو ڏنو ٻين راڻين کي مقرر ڪيل نگرانن ڪُھي ڇڏيو پر وري اڳتي راوڙ جي قلعي مان ھٿ آيل مال جو ذڪر ڪندي ساڳيو مصنف ڄاڻائي ٿو ته: ”ھٿ آيل ٻانھين مان ٽيھ راجائن جو ڌيئرون ھيون.“ [4] ھتي مسئلو اھو آھي ته جيڪڏھن راجا عورتن کي ڪُھڻ لاءِ ماڻھو مقرر ڪيا ته پوءِ ھي ٽيھ راجائن جون ڌيئرون ڪيئن بچي ويون. پر جيڪڏھن ائين کڻي چئجي ته اھي ٽيھ ڏاھر جي ٻين مائٽن جون ھونديون ۽ ھن پنھنجين کي ڪُھرايو ھوندو، تڏھن به اُھا ڳالھ غلط ثابت ٿيندي ڇو ته سندس ويجھن واسطيدارن مان سندس ٻئي ڌيئر گرفتار ٿيون، ڀاڻيجي قيد ٿي، ڀيڻ ماين ڏاھر جي مرڻ کان پوءِ به جنگ ڪرائيندي رھي، آخر ڪو چاڙھو نه ڏسي راوڙ جي قلعي ۾ ڪيترين ئي ٻين عزيزياڻين سان گڏجي پنھنجو انت آندائين. آخر اھي ايتريون ساريون ڏاھر سان واسطو رکندڙ عورتون ڪيئن جلادن جي چنبي کان بچي نڪتيون.

(ب) ٻي ڳالھ جا مٿين ڳالھ کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ پيش ڪري سگھجي ٿي سا آھي راڻي لاڏيءَ پاران سندس پٽ جيسين سان گڏجي برھمڻ آباد جي قلعي تي قبضو ڪرڻ ۽ اتان وطن واپس وٺڻ لاءِ جاکوڙ ڪندي گرفتار ٿي وڃڻ. ساڳيو مصنف اڳتي ھلي لکي ٿو: ”جڏھن برھمڻ آباد جو قلعو ھٿ آيو (مراد جيسين پُٽ ڏاھر کي ھٿ آيو) تڏھن ڏاھر جي زال لاڏي، جا ڏاھر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ ڏاھر جي پُٽ سان برھمڻ آباد ۾ (جنگ لاءِ تيار ٿي) بيٺي. روايت ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڏاھر جي قتل ٿيڻ سان جيئن ئي فوج ۾ ڀاڄ پئي، تيئن لاڏي جان بچائڻ ڪارڻ اُٺ تان ٽپو ڏنو ۽ گرفتار ٿي، پر ساڳئي مصنف جو اڳتي برھمڻ آباد ۾ لاڏي پاران جنگ لاءِ تياري ڪرڻ ظاھر ڪري ٿو ته پھرين روايت غلط ۽ بي بنياد آھي.

قربانيءَ جو جذبو

[سنواريو]

وطن واپس ورائي وٺڻ واري جاکوڙ ڪندي ڪڏھن به حال ھيڻو نه ڪيائين ۽ ٻين کي ھمٿائيندي ائي. جڏھن ٻيا سڀ رستا بند ٿيندي نظر آيس، تڏھن اھا تجويز پيش ڪري ٿي ته: ”جيڪڏھن قلعو فتح ٿيو ته مان پاڻ کي ٻارن ۽ پوئلڳن سميت ساڙيندڙ باھ جي خوراڪ بڻائيندس.“ [5] فاتحن کان بچڻ ڪارڻ، پنھنجو پاڻ انت آڻڻ واريون ڪاروايون آخرين سھارو ھونديون آھن. قلعو فتح ٿيڻ تي ڏاھر جي واسطيدارن کي ھڪدم گرفتار ڪيو ويو، اھڙي ريت سنڌ جي ھيءَ عورت وڙھندي ۽ وڙھندڙن جي قيادت ڪندي برھمڻ آباد جي قلعي ۾ قيد ٿي ويئي.

عربن جي چنبي ۾

[سنواريو]

برھمڻ آباد جو قلعو فتح ٿي ويو. راڻي لاڏي نڪري نه سگھي ۽ فاتحن جي هٿ اچي ويئي. قلعي فتح ٿيڻ کان پوءِ، جي ماڻھو عربن اڳيان پيش پيا، تن کي محمد بن قاسم پڪي امان ڏيندي چيو: ”ڏاھر جا لاڳاپيدار جتي به ھجن، انھن کي ھٿ ڪندا.“ [5]

عربن جي لکت موجب معافيءَ دروازا سندن لاءِ بند ھئا. ”آزاد“ تاريخن ۾ اچي ٿو: ”برھمڻن ھن مضبوط عھدنامي جي بناءِ تي ڏاھر جي زال لاڏي کي بُھري مان ٻاھر ڪڍيو ۽ باقي ماڻھن تي رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي طريقت موجب ڍل مقرر ڪيائين.“ [6] جڏھن باقي قيدين کي آندو ويو جن ۾ راڻي لاڏي پڻ شامل ھئي. تڏھن محمد بن قاسم سندس سونھن تي موھجي پيو ۽ کيس پنھنجي نڪاح ۾ آڻڻ لاءِ حجاج کي خط لکي اجازت گھري. (مٿين ڳالھ ”اجازت گھرڻ واري“ پڻ بي بنياد پئي معلوم ٿئي ڇوته ان وقت پيغامن پھچائڻ وارو ڪم گھوڙن ۽ ٻيڙن رستي ٿيندو ھو جنھن ۾ وڏو عرصو لڳندو ھو. فاتح ڪنھن مفتوح تي موھجي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ويھي انتظار ڪري. سا ڳالھ سمجھ کان ٻاھر لڳي ٿي. تنھن کان سواءِ گھڻي وقت کان عربن اندر اھڙي قسم جون حرڪتون ھلندڙ ھيون، جنھن ۾ ھو غلامن کي بغير نڪاح جي پڻ وھاري ڇڏيندا ھئا.)

چچ نامي جي لکت مطابق حجاج اھڙو احوال خليفي وليد جي خدمت ۾ عرض ڪري لاڏيءَ جي خريد ڪرڻ جي فرمان ڏيڻ جي خواھش ڏيکاري. [7] اھڙي ريت محمد بن قاسم کي دارالخلافت مان لاڏيءَ جي خريد ڪرڻ جو حڪم مليو ۽ ھن کيس پنھنجي نڪاح ۾ آڻي زال بڻايو. (مولانا دين محمد وفائي پنھنجي ڪتاب نو مسلم ھندو راڻيون ۾ تصديق ڪندي ڄاڻايو آھي ته محمد بن قاسم کيس مسلمان بڻائي شادي ڪئي ۽ سندس اسلامي نالو ”خديجا“ رکيو ويو.) [8] [9]

حوالا

[سنواريو]
  1. چچ نامو ص 92
  2. ”مختصر تاريخ سنڌ“ ، ليکڪ؛ مرزا قليچ بيگ ص 13
  3. چچ نامو ص 301
  4. چچ نامو ص 283
  5. Jump up to: 5.0 5.1 چچ نامو ص 303
  6. چچ نامو ص304
  7. چچ نامو ص 278
  8. سنڌ جون انقلابي عورتون (آزاد قاضي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-08 
  9. ڪتاب: سنڌ جون انقلابي عورتون، ليکڪ: آزاد قاضي