رام ڪرشن ھيرانند راھي آڏواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رام ڪرشن ھيرانند ”راھي“ آڏواڻي ليکڪ، صحافي ۽ نقاد، پهرين جولاءِ 1924ء ۾ سنڌ جي شھر حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو، تعليمي حوالي سان بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”ڀارت جو بلوو عرف آزاديءَ جي يڌ 1940ء“ ”گيان گنج“ ۽ ”ايشور ڌيا ۽ آنند ڀاء“ شامل آھن. ورھاڱي کان اڳ حيدرآباد ڪاليج جي رسالن ”ڦليلي“ ۽ ”تصوير“ جو ايڊيٽر ٿي رھيو، بعد ۾ ھفتيوار ”ھند واسي“ جي آخرين صفحن جو ايڊيٽر رھيو، ان کان علاوه روزاني ”ھندستان“ ۽ ھفتيوار ’ھند واسي“ جو 1957ء دوران عارضي جنرل مئنيجر پڻ رھيو، سنڌيت جي ھلچل ۾ ڪيترن ئي نون ليکڪن، شاعرن ۽ ڪلاڪارن جي تخليق کي ھفتيوار ”ھند واسي“ ۾ شايع ڪري کين اتساھيو، ڪيترن ئي ڪتابن جا مھاڳ لکيائين، آل انڊيا ريڊيو ممبئيءَ تان سنڌي پروگرام شروع ڪرائڻ ۾ خدمتون ڏنائين، سنڌي فلمن جھڙوڪ ”اباڻا“، ”راءِ ڏياچ“ ۽ ”انصاف ڪٿي آھي“ کي مڪمل ڪرائڻ ۾ بھرو ورتائين، جڏھن ته پريس آف انڊيا جي گورننگ ڪائونسل ۽ پريس ڪلب سنسٿائن جو ميمبر رھيو. سندس ديهانت 19 فيبروري 2008ء تي ممبئيءَ ۾ ٿيو.[1]