رام پور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دنيا ۾ موجود جڏهن هڪ ئي نالي جي ٻن شهرن جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ماڻهو حيران ٿين ٿا ۽ ان حوالي سان ڄاڻڻ چاهين ٿا. جيئن سنڌ جي شهر حيدرآباد ۽ انڊيا جي شهر حيدرآباد جا نالا ساڳيا هئڻ سبب ماڻهو انهن ٻنهي شهرن جي حوالي سان وڌيڪ دلچسپي وٺڻ ٿا. جيئن لنڊن شهر رڳو انگلينڊ ۾ ڪونهي، پر هڪ ٻيو لنڊن شهر، ڪئناڊا جي صوبي آنٽاريو ۾ پڻ آهي. توڻي جو لنڊن، آنٽاريو ۾ اهڙي ڪا خاص ڳالهه ڪونهي، پر ساڳيو نالو هئڻ جي ڪري ڪيترائي ڪئناڊا ايندڙ سياح رڳو لنڊن، آنٽاريو ان ڪري گهمڻ اچن ٿا ۽ ان ۾ دلچسپي وٺن ٿا، ڇو جو ان شهر جو نالو لنڊن آهي. هڪ ئي نالي جا ٻه شهر هئڻ جي ڀيٽ ۾، هڪ ئي نالي جا 32 شهر هئڻ جي ڳالهه ڪجهه وڌيڪ ئي حيراني واري لڳي ٿي، پر اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي. ڇو جو انڊيا ۾ نه رڳو هڪ ئي نالي جا 32 شهر موجود آهي بلڪي ان نالي ساڳي نالي سان وڌيڪ چار شهر نيپال، ميانمر ۽ انڊونيشيا ۾ پڻ آهن.

هندوستان ۾ رهندڙ گهڻو ڪري اُتر پرديش جي شهر رام پور، واراناسي (اڳوڻو نالو سورت) ۾ موجود رام پور جي باري ۾ ته ڄاڻن ٿا، پر ان کانسواءِ به هندوستان ۾ رام پور جي نالي سان ٻيا شهر پڻ آهن جي باري ۾ نٿا ڄاڻن ته، هندستان جي رياست راجسٿان جي ضلعي الور، تلنگنا ۽ بهار ۾ پڻ وڌيڪ پنج رام پور شهر آهن. جڏهن ته رياست گجرات ۾ ٽن شهرن جو نالو رام پور آهي. ان کانسواءِ رياست مگهيالا، ميزورام، آسام، اوڀر سڪم، اروناچل پرديش ۽ مني پور ۾ به رام پور نالي جا شهر موجود آهن. ان کانسواءِ به انڊيا جي ٻين ڪيترين ئي رياستن ۾ رام پور نالي جا ننڍا ننڍا شهر ۽ ڳوٺ پڻ موجود آهن.[1]

حوالا[سنواريو]