راءِ ڏياچ (فلم)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

راءِ ڏياچ (انگريزي ٻولي: Rai Diyach (film)) هڪ سنڌي فلم آهي جيڪا 1959ع هندستان ۾ ٺهي ۽ رليز ٿي.[1] ان فلم جي ڪهاڻي شاهه عبداللطيف جي سر سورٺ تي آڌاريل آهي،[1] جنهن ۾ راجا راءِ ڏياچ سنگيت جي سُرن تي عاشق ٿي هڪ سُرندي وڄائيندڙ ٻيجل کي سِر وڍي ڏئي ٿو.[1] هيءَ فلم آتو لعلواڻي ٺاهي ۽ هدايتڪار جي .جي للا هو. فلم جا گيت پرسرام ضيا لکيا ۽ موسيقي بلو سي راڻي ڏني.[1] هن فلم جي ڪهاڻي بهترين هئي جيڪا سنڌي ماڻهن کي ڏاڍي وڻي ۽ انهن فلم کي ساراهيو.[1]

ڪردار[سنواريو]

  • پرتاب منيار[1]
  • آتو لعلواڻي
  • شانتي ڪان موهن
  • ڀڏو آڏواڻي
  • ٽُن ٽُن

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 "راءِ ڏياچ فلم : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-09-30.