راء صاحب گوڪل داس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

راء صاحب گوڪل داس رتيديري شھر جو چڱو مڙس ھيو. شھر جي نالي واري زميندار ۽ ملڪيت واري شخص ميول داس جو پٽ جو. ميول بازار ۽ گوڪل بازار بہ انھن جي ملڪيت ھئي جن ۾ کين 40 جي لڳ ڀڳ دڪان ھيا. راء صاحب گوڪل داس رتيديري جي ميونسپالٽي جو پريزيڊنٽ رھيو ۽ 1937 ۾ جي اليڪشن ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ پوءِ سنڌ جو وزير بہ ٿيو. کيس چار پٽ ھيا: جن مان جن مان گيان آرمي شامل ٿيو؛ ھرداس جيڪو چيٽومل کان پوءِ رتيديري جي ميونسپالٽي جو پريزيڊنٽ ٿيو؛ موتي لال ۽ امر.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. يادن جي ڳڙکيء مان (يادگيريون) از: عبدالرزاق سومرو؛ ترتيب:خالد چانڊيو؛ پبلشر: رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو؛ ايڊيشن :2011 پيج نمبر 26