راءِ بهار اوڌو داس تارا چند اسپتال شڪارپور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھن مضمون کي وڪي طرز تي آڻڻ ۾ مدد ڪئي وڃي. (جولاء 2018)

هيءَ اسپتال شڪارپور شهر جي مک -اسٽيشن- روڊ تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر -1 جي سامهون واقع آهي. شهر جي هڪ سماجي ڪارڪن ۽ خدمتگار جي اڻٿڪ ڪوششن سان هن اسپتال جي پيڙهه جو -پٿر- 3 -اپريل- 1933ع تي سکر ضلعي جي تڏهوڪي ڪليڪٽر مسٽر ايڇ . ٽي سورلي رکيو

۽ جڏهن هيءَ اسپتال جڙي راس ٿي ته -ان- جي افتتاح جي رسم تڏهوڪي -بمبئي- پرڳڻي جي گورنر لارڊ برابورن 2 فيبروري 1935ع تي ادا ڪئي. انهيءَ رسم جي موقعي تي اسپتال جي سڀا پاران انگريزيءَ ۾ ڇپيل هڪ سپاسنامو پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ نه رڳو سندس آمد تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو پر اسپتال جي شروعاتي رٿا کان وٺي -ان- جي راس ٿيڻ تائين سموري وارتا بيان ڪئي ويئي. -ان- وقت جو اهو سپاسنامو اڄ به هڪ مڪمل تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.[1]

تفصيل[سنواريو]

راءِ بهار اوڌو داس تارا چند اسپتال شڪارپور شڪارپور شهر جي مکيه اسٽيشن روڊ تي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر1 جي بلڪل سامهون ”راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال“ ۾ دُکي انسانيت جي خدمت اڄ به جاري آهي. شهر جي داني دياوانن ۽ شيواڌاري ڌنوانن جي اڻٿڪ ۽ مسلسل ڪوششن سان ان جي پيڙهه جو پٿر 30 اپريل 1933ع تي سکر ضلعي جي ڪليڪٽر مسٽر ايڇ. ٽي سورلي رکيو، ۽ جڏهن جڙي راس ٿي ته ان جي افتتاح جي رسم تڏهوڪي بمبئي پرڳڻي جي گورنر لارڊ برابورن (Lord Brabourne) 2 فيبروري 1935ع تي ادا ڪئي، اُنهيءَ رسم جي موقعي تي اسپتال جي سڀا پاران انگريزيءَ ۾ ڇپيل هڪ سپاسنامو پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ نه رڳو لاٽ صاحب جي آمد تي خوشي جو اظهار ڪيو ويو پر اسپتال جي شروعاتي رٿا کان وٺي ان جي راس ٿيڻ تائين سموري وارتا بيان ڪئي وئي، ان وقت جو اهو سپاسنامو اڄ هڪ مڪمل تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.[2]

اڏاوتي ڪاميٽي هيٺين سکر ماڻهن تي ٻڌل هئي؛ ديوان بهادر مرليڌرجي، پنجابي(چيئرمن)، 2-خانبهادر الله بخش سومرو، 3- اسٽيٽ ڪليڪٽر شڪارپور يا سندس عيوضي، 4- مسٽر ڊريو ايڊمنسٽر يٽر شڪارپور ميونسپالٽيءَ، 5-راءُ بهادر اوڌودُاس تارا چند ڇاٻڙيا، 6-سيٺ هرڀڳوان داس ڌنومول بٺيجا، 7-راءِ بهادر ڪشن سنگهه لالا، 8-سيٺ دولت رام موهن داس ڇاٻڙيا، 9-سيٺ گوبند سنگهه، 10-سيٺ ايسر سنگهه چيلا سنگهه بجاج، ۽ 11- مسٽر ڪي، وي، جوشي چيف آفيسر (آنريري سيڪريٽري) مٿين ڪاميٽيءَ، اسپتال جي اڏاوت جو ڪم هيٺينءَ سب ڪاميٽيءَ کي سونپيو؛ 1-راءُ بهادر اوڌو داس تارا چند، 2-راءِ صاحب ڪشن سنگهه چمن سنگهه، 3- خانبهادر الله بخش سومرو. هن سب ڪاميٽيءَ وري اسپتال جي اڏاوت جو سمورو ڪم هيٺين مکيه ماڻهن کي سونپيو، جن اهو ڄاڻايو ته هو منظور ٿيل ٺيڪدار آهن، ۽ واعدو ڪيائون ته اهو ڪم هو نهايت ايمانداريءَ سان سرانجام ڏيندا ؛1- سيٺ ڀاشا سنگهه چمن سنگهه، 2-سيٺ گوبند رامو موتي رام.3-سيٺ شولداس سوڀراج، 4- سيٺ سترام سنگهه چمن، سنگهه 5- سيٺ هري لال اوڌو داس، مٿين ماتوارن ۽ مکيه ماڻهن جي نگرانيءَ هيٺ اسپتال جي اڏاوت وارو سمورو ڪم ڏيڍ سال ۾ پورو ٿيو، مسٽر سوني اوور سيئر، جنهن جي نوڪريءَ جون خدمتون پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (p.w.d) کان رضاڪارانه طور تي ورتيون ويون هيون، تنهن نهايت ايمانداريءَ ۽ دل و جان سان ڪم ڪيو.


چندو هيٺينءَ ريت ڪٺو ڪيو ويو هو، راءُ بهادر اوڌو داس تارا چند -/ 100000 سيٺ هرڀڳوان داس ڌنو مل -/ 25000 سيٺ گوبند سنگهه -/ 20000 دولت رام موهن داس -/ 15000 سيٺ ايسرسنگهه ۽ لڇڻ سنگهه پٽ چيلا سنگهه /15000

مٿيان داني، هميشه لاءِ انتظاميه ڪاميٽي تي بحيثيت مشير کنيا ويا، ۽ کين انتظاميا جي جوڙجڪ وغيرا لاءِ پورا پورا حق حاصل هيا، تخمينو، جنهن تي گهڻا سال اڳ اسپتال جي اڏاوت جي تجويز رٿي ويٺي هئي، سو تقريبن چئن لکن روپين جو هيو، ۽ ان کان پوءِ اضافي خرچ سرڪار کي ڪرڻو هو، تنهن هوندي به ڪاميٽي اگهن جي گهٽتائي جو پورو پورو لاڀ وٺندي، ۽ ذاتي دلچسپي وٺي تمام گهڻو فائدو حاصل ڪيو، ۽ راءِصاحب ڪشن سنگهه ۽ سندس ڀاءُ سيٺ سنگهه جيڪي مانوار؛ گوبندرام، شولداس، سترام سنگهه ۽ هري لال جي مدد هيٺ هيا، اُهي گهڻي ڦيرڦار کان پوءِ -/210000 روپين جي قيمت سان هن عاليشان اسپتال جي اڏاوت ۾ سگهارا ٿيا، اهو خانگي طور تي ڪيڏي نه خرچ وارو ڪم هيو، انهيءَ -/210000 روپين جي ججهي رقم ۾ ميونسپالٽي رڳو -/.25000 روپيا نقد چندي ۾ ڏنا، ۽ -/23000 روپين سان سرزمين خريد ڪري ڏني، ۽ ان کان سواءِ ڊاڪ بنگلي جي سموري زمين مفت حوالي ڪئي، باقي سب ڪجهه خانگي چندي مان ٿيو. اڏاوت جي خرچ ۾ سرڪار نامدار پاران آني برابر به حصو نه ملايو ويو آهي. اهڙيءَ طرح سرڪار گهڻي رقم بچاءِ ورتي، جنهن لاءِ سن 1924ع ۾ وعدو ڪيو هو. راءُ بهادر اُوڌوداس، راءِ صاحب ڪشن سنگهه، سيٺ دولت رام ۽ سيٺ مينگهراج اسپتال جي ڦوڙيءَ ۾ پنهنجي چستيءَ سان هڪ لک روپين جو وڌيڪ چندو گڏ ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي.اسپتال ۾ داخل ٿيڻ وقت کاٻي پاسي کان ڏسبو ته اسپتال جي پيڙهه جو پٿر نصب ٿيل نظر ايندو، جنهن جي عبارت هن طرح آهي:

”اوڌوداس تارا چند اسپتال؛ هيءُ پيڙهه جو پٿر ايڇ. ٽي. سورلي ڪليڪٽر سکر 30-اپريل1933ع تي رکيو“ ساڄي پاسي اسپتال جي افتتحائي پٿر کي پڙهي ڏسبو ته معلوم ٿيندو؛

راءُ بهادر اوڌُوداس تارا چند اسپتال افتتاح هز ايڪسيلينسي دي رائيٽ آنر لارڊ برابورن جي. سي. آءِ.اي.ايم. سي گونر آف بمبئي فيبروري 1935ع اسپتال جي انهيءَ آڳر واري ورانڊي جي کاٻي پاسي کان ديوار ۾ کتل شاندار ڪتبو، جنهن جي ڊيگهه ٽي فوٽ يارنهن انچ ۽ ويڪر ٻه فوٽ يارنهن انچ آهي، ان اڏاوتي ڪاميٽيءَ جو هيٺينءَ ريت ڏس ڏئي ٿو. ڪتبو -”راءُ بهادر اوڌو داس تارا چند اسپتال اڏاوتي ڪاميٽيءَ“ ديوان بهادر موليڌر جي، پي، (چيئرمين)، خانبهادرالله بخش سومرو او.بي.اي.ايم.ايل.اي راءَ صاحب ڪشن سنگهه چمن سنگهه لُلا، ڪليڪٽر يا هن پاران ٿاڦيل عيوضي، ايڊمنسٽريٽر جي، جي.ڊريو، راءُبهادر اوڌو داس تارا چند ڇاٻڙيا، سيٺ هرڀڳوان داس ڌنومل بٺيجا، سيٺ گوبند سنگهه ها سا سنگهه، سيٺ دولت رام موهن داس ڇاٻڙيا، سيٺ چيلا سنگهه سترام سنگهه، سيٺ ايسر داس ۽ لڇمڻ داس (ڌار ڌار) سيٺ گوبندرام اوڌو داس ڇاٻڙيا، ڪي، وي جوشي، بي-اي، (سول)ايم، آر، ايس، (لنڊن) چيف آفيسر ۽ آنريري سيڪريٽري، ڪي، پي، سوني، سب ڊويزنل آفيسر، تنظيمي ڪم ڪندڙ: 1- سيٺ ڀاشا سنگهه لُلا، 2- شولداس سوڀراج کٿوريا 3- گوبند رام موتي رام آڇياليا، 4- سترام سنگهه لُلا، 5- گوبند رام اوڌُو داس ڇاٻڙيا، 6- هري لال اوڌُوداس ڇاٻڙيا، مٿين ڪتبي کان علاوه پنڊال لاءِ دان ڏيندڙ ڌنويرن جي ڪتبي، جنهن جي ڊيگهه پنج فوٽ ساڍا يارنهن انچ ۽ ويڪر ٽي فوٽ پنج انچ آهي، تنهن تي سندن دان جو وچور هينئن ڏنل آهي؛ راءُ بهادر اوڌُوداس تارا چند اسپتال، عام مفت پنڊال لاءِ ڏيندڙن جو وچور: 1- ليڊي نصرت حاجي عبدالله هارون -/ 7000 روپيه 2- سيٺ کلومل ديدومل -/ 6000 روپيه 3- راء صاحب سانولداس بولچند -/ 3000 روپيه 4- خانبهادر عبدالستار آف ڪوئيٽا -/ 1000 روپيه 5-شريمتي ڪلاونتي ٻائي زال گوبندرام پٽ راءُ بهادر اوڌُو داس -/ 1000 روپيه 6- شريمتي ديوي ٻائي زال سيٺ تيرٿداس کٽڻ مل صراف -/ 1000 روپيه 7- سيٺ ٽيڪچند دولت رام معرفت سيٺ ديالداس مينگهراج ۽ سيٺ پرڀ سنگهه نهال سنگهه ناگيپل -/ 1000 روپيه 8- شريمتي پر ميشوري ٻائي زال سيٺ نارائڻ داس وڌوا نيچاڻي -/ 1000 روپيه 9- سيٺ ڌامون ڌر مڌيجوي تاڻه بمبئي، -/ 500 روپيه -10 حاجي مهر بخش مولا بخش اينڊ سنز ڪراچي والا، -/ 500 روپيه 11- راءِ صاحب سيٺ موٽو مل آف منڊو ديرو، -/ 500 روپيه ساڳئي ڪتبي تي هيٺين حقيقت به ڏسجي ٿي: ٽن مسواڙي بلاڪن لاءِ چندو ڏيندڙ: 1- سيٺ هر ڀڳوانداس گهنشام داس لُلا معرفت وڌوا شريمتي رڪمڻي ٻائي -/ 1000 روپيه 2- شريمتي ويرا ٻائي زال صاحب سانول داس سنگهه -/ 1000 روپيه 3- سيٺ واڌورام ڌنومل بٺيجا سندس زال شريمتي ڪلاونتي ٻائي پاران -/ .1000روپيه 4- لالا هيمراج ايسر داس نيچاڻي معرفت سندس زال وڌوا شريمتي گوڪل ٻائي -/ 1000روپيه 5- راءِ صاحب آتمارام يسومل بجاج معرفت سيٺ ڪشن داس بجاج -/ 1000روپيه 6- سيٺ ڏيئومل ناڪوداس لُنڊ -/ 1000روپيه 7- سيٺ جواهرمل ويرو مل آهوجا -/ 1000 روپيه مسٽر ڪشن چند پارومل گاجرا ايل، سي، اي، آنريري انجنئير. ڪتبو پنهنجي ڪئنواس تي انهن چوءئيتاليهن ڌنويرن جا امر نالا سجائي ۽ سمائي ٿو، جن اسپتال لاءِ پنهنجي مايا جي پيتين جا منهن کولي ڇڏيا هئا، انهيءَ ڪتبي جي ماپ پنج فوٽ ساڍا يارنهن انچ ۽ ويڪر ٽي فوٽ پنج انچ آهي، ڪتبو نمبر 3؛- راءُ بهادر اوڌُوداس تاراچند اسپتال لاءِ چندو ڏيندڙ: 1- سوامي ٻائو کٽ وارو صاحب، -/ 501 روپيه 2- راءُ بهادر اوڌُوداس تارا چند ڇاٻڙيا، -/ 100000 روپيه 3- سيٺ هرڀڳوان داس ڌنومل بٺيجا . -/ 25000 روپيه 4- سيٺ حساس سنگهه ٽهل سنگهه چگهه -/ 20000 روپيه 5- دولت رام موهن داس ڇاٻڙيا، -/ 15000روپيه 6- چيلا سنگهه سترام سنگهه، ايسر سنگهه ۽ لڇمڻ داس کان -/15000روپيه 7- راءِ صاحب ڪشن سنگهه ۽ ڀاشا سنگهه پُٽ چمن سنگهه لُلا -/ 15000روپيه 8- سيٺ لالچند ٽيڪچند ماٽا، -/ 15000روپيه 9- مينگهراج ۽ دوارڪاداس ناگپال، -/ 15000روپيه 10- خوشي رام اوڌُوداس ڇاٻڙيا. -/ 15000 روپيه 11- هيمن داس هيرانند مسند ۽ سندس ڌيءَ پرميشوري ٻائي-/2700 روپيه 12- سيٺ حاجي عبدالله هارون ڪراچي وارو، -/ 4000 روپيه 13- مائي ڀڳواني ٻائي زال رامچند جئه سنگهه -/ 3500 روپيه 14- سيٺ ڏيارام مينگهراج وڌوا ۽ ليلارام، -/ 3500 روپيه 15- لڻيندارام اُتمچند گابا؛ گهنشام داس ۽ ڄيٺانند کان -/ 3000 روپيه 16-شيون داس گرمگ داس ترائي ڳڙهي ياسين تعلقو، -/.3000روپيه 17- هاسانند هوتچند ٻيلاڻي آهوجا. -/ 1800 روپيه 18- شريمتي ڄيٺي ٻائي زال سيٺ لکمي چند کٽڻ مل ماکيجا جي ياد ۾، -/ 2000 روپيه 19- سيٺ ايسر سنگهه چيلا سنگهه بجاج -/ 2500 روپيه 20- شريمتي پدما ٻائي زال ديوان هاسانند ڀاٽيه 2500 روپيه 21- سيٺ ويرو مل ڪيولرام آهوجا 2501 روپيه 22- رڪمڻي ٻائي زال سيٺ نارائڻ داس راڌا ڪشنداس لُلا بينڪرس. -/ 2001 روپيه 23- سيٺ راڌاڪشن داس نارائن داس، -/ 1001 روپيه 24- شريمتي رام ديوي ڌيءَ خوشي رام ۽ تيجڀانداس -/ 1001روپيه 25- سيٺ ڌنراج مل چيتن داس چاولا، -/ 1001روپيه 26- مينگهراج واڌورام پنجابي موٽر والا-/1001روپيه 27- ٽيڪمداس نارائڻ داس آهوجا 1001روپيه 28- روچيرام ٺاڪرداس ٽلومل ماکيجا -/ 1001روپيه 29- پرڀ داس شولداس ڀاٽيه -/ 1001روپيه 30- ٺارومل رامداس وڌوا، -/ 1001روپيه 31- شريمتي پهوج ٻائي والده ڪنيالال ڏيپچند -/ 1001روپيه 32- ڪاڪي ٻائي زال سڳنو مل سس ڪنيالال -/ 1001روپيه 33- سيٺ ديدومل ايسر داس چگهه. -/ 1001روپيه 34- مينگهراج ويرڀانداس گابا، -/ 1001روپيه 35- هريرام کيٽا رام. -/ 1001روپيه 36- پيسو مل وشنداس چگهه -/ 1001روپيه 37- ليلا رام پريتم داس بٺيجا -/ 501 روپيه 38- گهنشام داس ڀڳوان داس نارنگ -/ 501 روپيه 39- جڳئناٿ گهنشام داس اُتم چند گابا -/ 501 روپيه 40- کيمچند جوڌارام ڇاٻڙيا. -/ 501 روپيه 41- جيٺانند اُتم چند چيلا رام گابا -/ 501 روپيه 42-کيئلداس خوبچند وڌاوا ۽ سندس پٽ -/ 601 روپيه 43-ملڪي رام چيتن رام خوشي رام روهڙا -/ 501 روپيه 44- نسروانجي رستمجي مهتا جي يادگيري ۾، -/ 501 روپيه سيٺ هر گووند ڀائي جي ديسي سماجڪ ناٽڪ ’مست شيطانو’ جي اسٽيج ٿيڻ جي موقعن تي وڪرو ڪيل ٽڪيٽن سان گڏ بمبئيءَ شهرين کان وصول ڪيل دان طور رقم جو وچور: 1- سيٺ ميگهجي مٿراداس ڀاٽيه، -/ 5000 روپيه 2- ڪانجي جا ديو جي -/ 4001 روپيه 3- سنت داس راول داس اينڊ ڪمپني-/ 1501 روپيه 4- ڀاون داس اينڊ ڪمپني -/ 1500 روپيه 5- نارائڻ منورداس گورڌن داس سونا والا -/ 1501 روپيه 6- مڌوس دان مل، -/ 1001 روپيه 7- سيٺ تيجڀانداس ڍولڻ داس ڇاٻڙيا -/ 751 روپيه 8- ڪرمچند اينڊ ڪمپني -/ 701 روپيه 9- سنگو مل -/ 551 روپيه 10- هري ٻائي زال سيٺ ٺاڪرداس؛ سيٺ سوڀراج کان -/ 501 روپيه 11- سيٺ نارائن داس پرمانند؛ سيٺ ڇڳومل کان -/ 501 روپيه 12- نهچلداس ٽيڪمداس بٺيجا -/ 501 روپيه 13- ديالداس خوشي رام ڇاٻڙيا، -/ 501 روپيه 14- گوپالداس ليلاڌر -/ 501 روپيه 15-گوبندرام سوڀراج، -/ 501 روپيه 16- آر.بي.آتمارام. سيٺ پيسومل -/ 501 روپيه 17- سيٺ سيتلداس تيرٿ داس. -/ 501 روپيه 18- شيوارام ٽيڪمداس -/ 501 روپيه 19- لڻيندا سنگهه سترام سنگهه بجاج./ 751 روپيه 20- جيسا سنگهه سترام سنگهه بجاج -/ 751 روپيه 21- نارائڻ سنگهه سترام سنگهه بجاج-/ 751 روپيه 22- ڌر مداس قيمت رام ناگپال -/ 501 روپيه 23- ڪريم ٻائي لعلجي سڄڻ اينڊ ڪمپني-/ 501 روپيه 24- سيٺ نندرام داس هيرانند بجاج، - /501 روپيه 25- آر، ايس، دوارڪادا س ۽ سندس پُٽُ/ 501 روپيه 26- بيگراج ٽهلرام جئه سنگهه -/ 501 روپيه 27- نڪارام پرمانند ڀاٽيه. -/ 501 روپيه 28- نورتن ڀائي رامچند. -/ 501 روپيه 29- واڌي لال چني لال. -/ 501 روپيه 30- نارائڻ داس گنگا وشنداس. -/ 501 روپيه 31- موهن داس سانولداس جئه سنگهه/ 501 روپيه 32- چني لال ڀائي لال مهتا. -/ 501 روپيه 33- ڪلورام برج موهن. -/ 501 روپيه 34- پرشوتم گووند جي ڀاٽيه. -/ 501 روپيه 35- ڪشن داس جهامنداس. -/ 501 روپيه 36- مرار جي گووند جي ڀاٽيا. -/ 30333 روپيه

ٽوٽل-/70837 روپيه متفرقه -/38017 روپيه ٽوٽل مٿيئن ڪتبي جي ڊيگهه پنج فوٽ پنج انچ ۽ ويڪر ڇهه فوٽ ڇهه انچ آهي.


سڀني چندن يا عطين کي انهيءَ زماني جي ناڻي جي قدر وقيمت کي آڏو رکي ڪٿ ڪبي ته ان ۾ تمام وڏو ايثار نظر ايندو.انهيءَزماني ۾ جيڪا هڪ پائيءَ جي قيمت هئيءَ، سااڄڪلهه هڪ روپئي جي برابر وڃي بيٺي آهي، تڏهن هڪ روپيه ۾192 پايون هونديون هيون.انهيءَ انداز سان اسپتال جي اڏاوت تي آيل خرچ جو تخمينو ڪبو ته اڄڪلهه جي ڪاٿي موجب ڪروڙن جو ٿيندو.[2] راءُ بهادر اُڌوداس تارا چند شڪارپور ۾ 1870ع ۾ ڄائو، اوجهن ۽ پاٺشالائن مان گرمکي اکر پڙهي ۽ ليکي-چوکي جي سکيا حاصل ڪري پنهنجي اباڻي ڪرت وڻج واپار سان واڳجي ويو. سن 1935ع ۾ ”راءُ بهادر“ جو اعليٰ اعزاز ڏيئي، سندس سماجي خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو، ھن جي جدوجهد ۽ ڪوشش جي شروعات ان وقت کان ٿي، جڏهن اسپتال جي پيڙهه ۾ اڃان پهرين سر به نه لڳي هئي. ان عملي طور پاڻ کي ان مقصد لاءِ پوريءَ طرح وقف ڪري ڇڏيو هو. اسپتال ئي هن جي لاءِ زندگي ۽ زندگيءَ جو مقصد بنجي وئي ۽ هن دل کولي دان ڪري ڇڏڻ سان اهو ثابت به ڪيو. اسپتال لاءِ چندو گڏ ڪندي وڃي بمبئيءَ کان نڪتو، جتي سندس طبعيت اچانڪ خراب ٿي پئي. ۽ سُر هري ڪشنداس اسپتال بمبئي ۾ بستري داخل ٿيو سندس طبيعت سدرڻ بدران ويتر بگڙندي وئي گهڻيئي معالج سندس صحتيابيءَ لاءِ جتن ڪندا رهيا، مگر هن دياوان داني پرش جو وقت اچي ڀريو هو. سو18 جنوري 1943ع تي اُتي ئي پراڻ ڇڏي امر ٿي ويو.[2][2] راءُ بهادر اُڌوداس تارا چند بمبئيءَ ۾ مرتبي تائين ٻاويهه هزار اَٺ سئو ڇاهٺ روپيه عطيو گڏ ڪيوهو اُن جو وچور ” اتهاس گئلري“ ۾ ساڄي پاسي اولاهين ڀت ۾ لڳل آخري ڪتبي تي ٻين ڌنويرن جي نالن سميت آيل آهي، ساڳئي ڪتبي تي سندس مرتيئي تي دک ۽ درد جي وارتا به ڏنل آهي، جا ساڳئي نموني سان ٻئي هند به ڪتبي تي لکيل آهي. جا گهربل جاءِ تي درج ڪئي وئي آهي ڪتبي جي ڊيگهه چار فٽ اٺ انچ ۽ ويڪر ٻه فوٽ ساڍا يارانهن انچ آهي: -1 سيٺ ويرومل پرسرام آهوجا -/3500 روپيه -2 دولت رام موهن داس ڇاٻڙيا ايم. ايل. اي-/2500 روپيه -3 ديپ چند ڪنيا لال هندوجا -/ 2500 روپيه -4 تيجڀانداس ٺارومل ڇاٻڙيا -/ 1.500 روپيه -5 تيجڀانداس اُڌوداس ڇاٻڙيا -/ 1.500 روپيه -6 سيٺ هاسانند روپ چند منڌياڻ پنجابي.-/ 1.500 روپيه -7 سرتو مل ڪنيالال ناگپال. -/ 1.000 روپيه -8 جيونداس ڀوجراج ڇاٻڙيا -/ 1.000 روپيه -9 گوبندرام سيڪساريان (مارواڙي)-/ 1.000 روپيه -10 سڳنومل ريجهومل. -/ 1.000 روپيه - 11 پرسومل وشنداس چگهه، -/ 1.000 روپيه -12 ٺاڪرداس ڦيرومل روهڙا. -/ 1.000 روپي -13 بيگراج گرڌاري داس جئه سنگهه / 750 روپيه -14 ٽيڪمداس ڪمپني (ڪاٽن والا) -/500 روپيه -15 سمڀال داس (ملتان والا) -/500 روپيه -16 گمنام ڌنويرن کان -/1.116 روپيه -17 سيٺ ڌن پت مل ديوان، چيف آف ديوان فلور مل شڪارپور (جيڪو-/ 1.000 روپيه لائلپور ۾ ترسيل هو. تنهن تار ذريعي راءُ بهادر اُڌوداس تارا چند ڏان بمبئي چندو موڪليو.) جملي گڏ ٿيل چندو 22. 866- - - روپيه

  • * * *

راءُ بهادر اُڌوداس تارا چند جو ديهانت نه رڳو سندس پونئيرن يا اسپتال لاءِ وڏي نقصان جو ڪارڻ هو، پر شڪارپور جي لاءِ به تاريخي صدمو هو.[2]

هن اسپتال کي پهرين جولاءِ1967ع کان جئين ئي حڪومت پنهنجي تحويل ۾ ورتو، تڏهن کان جيڪي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ پنهنجي اعليٰ عهدي تي رهيا، تن جي فهرست بالترتيب هيٺين ريت آهي. 1-ڊاڪٽر غلام الله اعواڻ، 2-ڊاڪٽر گلزار احمد شيخ، 3-ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، 4- ڊاڪٽر عبدالقيوم ”طراز شيخ“ (سنڌ جوسڄاُڻ ليکڪ ۽ شاعر)5-ڊاڪٽر رياض احمد شيخ، 6- ڊاڪٽر عبدالقيوم”طراز“(ٻيو ڀيرو) 7- ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، 8-ڊاڪٽر خداد ابڙو، 9- ڊاڪٽر امداد علي راجپوت، 10- ڊاڪٽر شيخ نجيب الله شيخ ۽ ڊاڪٽر واحد بخش جا نالا ڳاڻاٽي هيٺ اچن ٿا[2]


حوالا[سنواريو]

  1. اوڌو داس تارا چند اسپتال : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 نقش ناياب منگي--”راءُ بهادر اوڌو داس تارا چند اسپتال“ شڪارپور (هڪ تعارف) رسالو:مهراڻ 1999 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ