ذڪري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ذڪري ھيءُ ھڪڙو مذھبي فرقو آھي، جنھن کي داعي به سڏيندا آھن. اھي اصل مڪراني آھن ۽ مسلمان چوائن ٿا؛ مگر حضرت محمدصه کي نٿا مڃين ۽ چون ٿا ته انھيءَ جي جاءِ تي مھدي آيو ۽ پنھنجي پير رحمت يا دوست محمد نالي کي اُ ھي مھدي ٿا ڄاڻن؛ اُھي قرآن پڙھندا آھن. انھيءَ سندن پير پنھنجي قبر جي ويجھو ھڪڙي وڻ جي پاڙ مان ھڪڙو نئون ڪتاب ڪڍيو. ھاڻي اھي ماڻھو مڪي جي بدران اتي زيارت لاءِ ويندا آھن. ھو نماز نه پڙھن ۽ روزو نه رکن. فقط جمعي جي ڏينھن ويھي ذڪر ڪندا آھن، جو مسلماني ذڪر کان ٻيءَ طرح جو آھي. ڪراچيءَ جي مڪرانين مان ڪي انھيءَ فرقي جا آھن۔

ھيءُ ھڪڙو مذھبي فرقو آھي، جنھن کي داعي به سڏيندا آھن. اھي اصل مڪراني آھن ۽ مسلمان چوائن ٿا؛ مگر حضرت محمدصه کي نٿا مڃين ۽ چون ٿا ته انھيءَ جي جاءِ تي مھدي آيو ۽ پنھنجي پير رحمت يا دوست محمد نالي کي اُ ھي مھدي ٿا ڄاڻن؛ اُھي قرآن پڙھندا آھن. انھيءَ سندن پير پنھنجي قبر جي ويجھو ھڪڙي وڻ جي پاڙ مان ھڪڙو نئون ڪتاب ڪڍيو. ھاڻي اھي ماڻھو مڪي جي بدران اتي زيارت لاءِ ويندا آھن. ھو نماز نه پڙھن ۽ روزو نه رکن. فقط جمعي جي ڏينھن ويھي ذڪر ڪندا آھن، جو مسلماني ذڪر کان ٻيءَ طرح جو آھي. ڪراچيءَ جي مڪرانين مان ڪي انھيءَ فرقي جا آھن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو