مواد ڏانھن هلو

دٻلي مڇي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

Ostraciidae
پيلي دٻي مڇي Ostracion cubicus
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): [[حيوانات]]
Phylum: Chordata
Class: Actinopterygii
Order: [[Tetraodontiformes

Tetraodontiformes]]

Superfamily: Ostracioidea
Family: Ostraciidae
ڪانسٽنٽائن سيموئل رافينيسڪ، 1810ع
جنسون

هيٺ ڏسو


دٻلي مڇي يا دٻي مڇي (انگريزي: Box fish) اوسٽريسيئيڊي خاندان جي مڇين جي 23 جنسن مان ڪجهه قسم جيڪي دٻي سان مشابهت رکندڙ آھي. ھي مڇيون مختلف رنگن واريون ھونديون آھن. اوسٽريسيئيڊي، جنهن کي اوسٽريسيئونٽِڊي پڻ چيو ويندو آهي، ٽيٽرااوڊونٽيفارميس سلسلي سان تعلق رکندڙ ڪرنگهيدار (هڏيدار) مڇين جو هڪ خاندان آهي، جيڪو ڦوڪڻي مڇين (پفر مڇيون) ۽ فائيل مڇي سان ويجهو واسطو رکي ٿو. هن خاندان جي مڇين کي عام طور دٻلي مڇي (باڪس فش)، ڪوفر مڇي ، ڳئون مڇي (ڪائو فش) ۽ ٽرنڪ مڇي (ٽرنڪ فش) چيو ويندو آهي. هن خاندان ۾ موجوده دور جون لڳ ڀڳ 23 نوعون شامل آهن، جيڪي 6 موجوده جنسن ۾ ورهايل آهن.

درجابندي

[سنواريو]

اوسٽريسيئيڊي کي پهريون ڀيرو 1810ع ۾ فرانسيسي همه فن مولا ڪانسٽنٽائن سيموئل رافينيسڪ هڪ خاندان (فيملي) طور تجويز ڪيو.[1]

ماضيءَ ۾ هن گروهه کي وسيع خاندان اوسٽريسيئيڊي جي هڪ ذيلي خاندان اوسٽريسيئيڊي طور سمجهيو ويندو هو، جنهن سان گڏ اراڪينائيني ذيلي خاندان پڻ شامل ڪيو ويندو هو. بهرحال، تازين ارتقائي نسب نامياتي (پولي جينيٽڪ) اڀياسن مان معلوم ٿيو آهي ته اراڪينائيني ۽ اوسٽريسيئيڊي ٻئي الڳ ۽ صحيح خاندان آهن، پر اهي گڏجي هڪ ئي ڪليڊ سان تعلق رکن ٿا، جنهن کي اوسٽريسيئوئيڊي چيو وڃي ٿو.[2]

دنيا جون مڇيون جي پنجين ڇاپي موجب هن ڪليڊ کي ٽيٽرااوڊونٽيفارميس سلسلي (آرڊر) جي اندر اوسٽريسيئوئيڊيا نالي ذيلي سلسلو (سب آرڊر) طور درجابند ڪيو ويو آهي.[3]

ٽرنڪ فش

نالي جو اشتقاق

[سنواريو]

اوسٽريسيئيڊي جو نالو ان جي نمونياتي جنس اوسٽريسيئون تان ورتل آهي. اوسٽريسيئون جي معنيٰ "ننڍو دٻو" آهي، جيڪا هن جي نمونياتي نوع او. ڪيوبيڪس جي دٻي جهڙي جسماني شڪل ڏانهن اشارو ڪري ٿي.[4]

اوسٽريسيئيڊي خاندان جون دٻي مڇيون مختلف رنگن ۾ ملن ٿيون ۽ سندن چمڙيءَ تي ڇهن ڪنڊن وارا (هيڪسگونل) يا ماکيءَ جي ماناري جهڙا نمونا نمايان هوندا آهن. اهي مڇيون ٻيڙي هلائڻ جهڙي انداز ۾ ترنديون آهن.

انهن جون ڇهن ڪنڊن واريون پليٽ نما ڇليون پاڻ ۾ ڳنڍجي هڪ مضبوط، ٽڪنڊي يا دٻي جهڙو ڪاراپيس (ٻاهريون حفاظتي خول) ٺاهين ٿيون، جنهن مان فقط پَر، پڇ، اکيون ۽ وات ٻاهر نڪتل هوندا آهن. هن مضبوط زرهي خول سبب اهي تيزيءَ سان ترڻ جي قابل ناهن، پر بالغ مڇين کي ٻين مڇين لاءِ شڪار بڻائڻ پڻ ڏکيو هوندو آهي.

ليڪٽوفرس جنس سان تعلق رکندڙ دٻي مڇيون پنهنجي چمڙي مان ڀرپاسي جي پاڻيءَ ۾ زهريلا مادا خارج ڪنديون آهن، جيڪي کين شڪارين کان وڌيڪ تحفظ فراهم ڪندا آهن.[5]

عام طور بالغ دٻي مڇين جو جسم چورس نما هوندو آهي، جڏهن ته ننڍيون مڇيون وڌيڪ گولائي واريون هونديون آهن. نوجوان مڇيون اڪثر بالغن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ چٽاڀيٽا رنگ رکنديون آهن. اڪيئنٿوسٽريسيئون ڪوئاڊريڪارنِس نالي اسڪريولڊ ڪائو فش وڌ ۾ وڌ 50 سينٽيميٽرs (20 in) ڊگهي ٿي سگهي ٿي، پر بلند ويڪرائن (ھاء ليٽيٽيوڊز) وارن علائقن ۾ ان جو قد عام طور ان کان ننڍو هوندو آهي.[حوالو گهربل]

ورهاءُ

[سنواريو]

هن خاندان جون مڇيون ائٽلانٽڪ، هندي ۽ بحرالڪاهل (پئسفڪ) سمنڊن ۾ ملن ٿيون.[3] اهي گهڻو ڪري وچولي ويڪرائن وارن سامونڊي علائقن ۾ رهن ٿيون، پر عام يا ڀينس ٽرنڪ فش (لاڪٽوفرِس ٽرائگونس)، جيڪا بنيادي طور فلوريڊا جي پاڻيئن ۾ ملي ٿي، اتر طرف ڪيپ ڪوڊ تائين پڻ ڏٺي وئي آهي.[حوالو گهربل]

زهريلا دفاع

[سنواريو]

هن خاندان جون مختلف مڇيون پنهنجي چمڙي ذريعي ڪيٽيوني سطحي فعال مادا خارج ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، جيڪي ڪيميائي دفاعي نظام طور ڪم ڪندا آهن.[6]

ان جو هڪ مشهور مثال پاهوٽوڪسن آهي، جيڪو پاڻيءَ ۾ حل ٿيندڙ قلمي (ڪرسٽلائين) زهر آهي. هي مادو اوسٽريسيئون لينٽيجينوسَس ۽ ٽرنڪ فش خاندان جي ٻين مڇين جي چمڙيءَ مان نڪرندڙ بلغم ۾ موجود هوندو آهي، جيڪو مڇيءَ جي دٻاءَ هيٺ اچڻ وقت خارج ٿيندو آهي.[7]

پاهوٽوڪسن، 3-ايسيٽوڪسي پالميٽڪ تيزاب جو ڪولين ڪلورائيڊ ايسٽر آهي، جنهن جو عمل ايڪائنوڊرم جانورن ۾ موجود اسٽيرائيڊل سيپونن جهڙو هوندو آهي.[8][7]

جڏهن هي زهريلو بلغم پاڻيءَ ۾ خارج ٿئي ٿو ته جلدي حل ٿي وڃي ٿو ۽ ڀرپاسي موجود ٻين مڇين تي نقصانڪار اثر وجهي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ⁠تہ هي زهر ڪجهه صنعتي صفائي ڪندڙ مادَن (ڊٽرجنٽس) سان گهڻي مشابهت رکي ٿو، تنهنڪري اهڙن مادَن جي سامونڊي پاڻيءَ ۾ آلودگي پڻ سامونڊي حياتيات ۾ ريسيپٽر تي ٻڌل حياتياتي عملن ۾ مداخلت جو سبب بڻجي سگهي ٿي.[9]

درجابندي

[سنواريو]

حياتيات جي ماهر ڪيئيچي ماتسوئورا هن خاندان ۾ هيٺيون جنسون ۽ نوعون شامل ڪيون آهن.[2]

موجوده جنسون

[سنواريو]

هن خاندان ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 25 تسليم ٿيل موجوده نوعون شامل آهن، جيڪي 6 جنسن ۾ ورهايل آهن.[3][10]

جنس نوعون
اڪيئنٿوسٽريسيئون بليڪر، 1865ع
ليڪٽوفيريس سوينسن، 1839ع
ليڪٽوريا جورڊن ۽ فاولر، 1902ع
اوسٽريسيئون لينيئس، 1758ع
پيراڪيئنٿوسٽريسيئون وائيٽلي، 1933ع
  • پي. لنڊسيائي
ٽيٽروسومس سوينسن، 1839ع

فوسلي جنسون

[سنواريو]

هيٺيون جنسون رڳو فوسلن مان معلوم ٿيون آهن:

جنس نوع
ايولاڪٽوريا ٽائلر، 1975ع ايولاڪٽوريا سوربينيائيلُوٽيشيئن دور، مونٽي بولڪا، اٽلي (اِيئو سين)
اوليگولاڪٽوريا ٽائلر ۽ گريگورووا، 1991ع اوليگولاڪٽوريا بُوبيڪيروپيليئن دور، موراويا، چيڪ جمهوريت (اوليگوسين)

حوالا

[سنواريو]
  1. Richard van der Laan; William N. Eschmeyer; Ronald Fricke (2014). "Family-group names of recent fishes". Zootaxa 3882 (2): 1–230. doi:10.11646/zootaxa.3882.1.1. PMID 25543675. https://biotaxa.org/Zootaxa/article/view/zootaxa.3882.1.1/10480.
  2. 1 2 Matsuura, K. (2014). "Taxonomy and systematics of tetraodontiform fishes: a review focusing primarily on progress in the period from 1980 to 2014.". Ichthyological Research 62 (1): 72–113. doi:10.1007/s10228-014-0444-5. Bibcode: 2015IchtR..62...72M.
  3. 1 2 3 Nelson, J.S.; Grande, T.C.; Wilson, M.V.H. (2016). Fishes of the World (5th ڇاپو). Hoboken, NJ: John Wiley & Sons. ص. 518–526. doi:10.1002/9781119174844. ISBN 978-1-118-34233-6. LCCN 2015037522. OCLC 951899884. OL 25909650M.
  4. Christopher Scharpf (21 August 2024). "Order TETRAODONTIFORMES: Families MOLIDAE, BALISTIDAE, MONACANTHIDAE, ARACANIDAE and OSTRACIIDAE". Christopher Scharpf. 2 October 2024 تي حاصل ڪيل.
  5. Matsuura, K. & Tyler, J.C. (1998). Paxton, J.R. & Eschmeyer, W.N. (مرتب). Encyclopedia of Fishes. San Diego: Academic Press. ص. 229–230. ISBN 978-0-12-547665-2.
  6. Abdulhaqq, A.J. & Shier, W.T. (1991): Icthyocrinotoxins and their potential use as shark repellents. Journal of Toxicology-Toxin Reviews, 10 (3): 289–320.
  7. 1 2 Boylan, D.B.; Scheuer, P.J. (1967). "Pahutoxin: a fish poison". Science 155 (3758): 52–56. doi:10.1126/science.155.3758.52. PMID 6015563. Bibcode: 1967Sci...155...52B. https://archive.org/details/sim_science_1967-01-06_155_3758/page/52.
  8. Pubchem. "palmitic acid - C16H32O2 - PubChem".
  9. Kalmanzon, E.; Aknin-Herrman, R.; Rahamim, Y.; Carmeli, S.; Barenholz, Y.; Zlotkin, E. (2001). "Cooperative cocktail in a chemical defence mechanism of a trunkfish". Cellular & Molecular Biology Letters 6 (4): 971–84. PMID 11753441.
  10. سانچو:Cof family
Wikispecies has information related to: