دي اسٽارز شائين ڊائون (ناول)
![]() ڪتاب جي تصوير | |
| ليکڪ | سڊني شيلڊن |
|---|---|
| ملڪ | يونائيٽيڊ اسٽيٽس |
| ٻولي | انگريزي |
| صنف | سنسني خيز (انگريزي: Thriller) |
| ڇاپيندڙ | وليم مارو (پبلشر) |
| ڇپائي تاريخ | آڪٽوبر 1992 |
| ذريعي جو قسم | پني تي ڇاپيل |
| پنا | 400 |
| آئي ايس بي اين | 0-688-08490-7 |
| اڳيان | دي ڊومس ڊي ڪنسپئريسي (ناول) |
| پوءِ | نٿنگ لاسٽس فارايور (ناول) |
دي اسٽارز شائين ڊائون(انگريزي: The Stars Shine Down) سڊني شيلڊن جو 1992 ۾ لکيل ھڪ ناول
ناول جو سٽاء
[سنواريو]ناول م ھڪ ڪردار لارا ڪيمرون جي ڪھاڻي ٻڌايل آهي جيڪا ھڪ ڪامياب بلڊر ھئي جيڪا اسڪاٽ لينڊ جي نووا اسڪوٽيا جي ھڪ غريب خاندان مان ھئي ۽ ان جي ڄمڻ وقت سندس ماء ۽ جاڙو ڀاء مري ويا. ان جو پيء ھڪ بورڊنگ ھائوس جو ملازم ھو ۽ ڪرائي جي وصولي وارو ڪم ڪندو هو. لارا زندگي جي شروعات ۾ مردن جي معاشري ۾ پاڻ کي بچائڻ سکي ٿي ۽ پيء جي وفات بعد ان جي جاء تي ملازم ٿي ڪم جي شروعات ڪيائين ۽ ان سان گڏوگڏ بورڊنگ ھائوس جي بورچياڻي پڻ ٿئي ٿي ھڪ شخص چارلس ڪوھن ھن مان متاثر ٿي کيس ھڪ تعميراتي ٺيڪو ڏيندو آھي ۽ ان لاء سٺي زمين حاصل ڪرڻ لاءِ سودي ۾ پئسن سان گڏ زمين جي مالڪ کي پنھجو جسم بہ حوالي ڪري ٿي ۽ اھڙي طرح ان ٺيڪي جي تڪميل سان پئسي واري ٿي آمريڪا جي شھر شڪاگو ۾ جائداد جو ڌنڌو شروع ڪري ھڪ بزنس ايمپائر ٺاھي ھڪ امير ترين عورت ٿي وڃي ٿي. کيس ھڪ ذھين پيانو وڄائيندڙ فلپ ايڊلر سان پيار ٿي وڃي ٿو ۽ ساڻس شادي ڪري ٿي . ان بعد ھر چيز، مڙس سميت، جيڪا حاصل ڪيائين اھا وڃائي وہھي ٿي ۽ پوء ٻيھر سڀ ڪجهه حاصل ڪري ٿي
