ديد منهنجي ٿڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ديد منهنجي ٿڪي،تڪي تنهنجي گهٽي،
ڪين آئين نظر،او مٺي او مٺي.....

هيءُ مشهور سنڌي گيت آهي، جنهن کي فلمايو پڻ ويو آهي. هن گيت جو شاعر جبار آزاد منگي آهي، هن گيت کي ڳايو شفيق منگي جڏهن ته موسيقي ڏني الطاف کچي.هي گيت لاڙڪاڻي ۾ رڪارڊ ڪيو ويو ۽ سڀ کان اول ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان نشر ٿيو. ان بعد هي گيت ڪي ٽي اين جي شروعاتي ڏينهن جو آهي، جيڪو ڪي ٽي اين جي پهرين سالگره جي موقعي تي ايوارڊ سلسلي ۾ ٻين نمبر تي رهيو، هن گيت کي سنڌ کان علاوه ولايت ۾ رهندڙ سنڌين پڻ بيحد پسند ڪيو ويو. ڪي ٽي اين جي لاءِ هي گيت سنڌ جي قديم آثار موئن جو دڙو تي ايوب گاد فلمايو ۽ ڪيميرامين هادي سانگي هيو. هن گيت جو ڳائڪ شفيق منگي آهي، جنهن ان گيت ۾ ئي اداڪاري پڻ ڪئي آهي. ساڻس ساٿي اداڪار طور نگھت همراهه هئي.

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]