دس
دس، سنڌ ۾ رواج آهي ته مڱڻيءَ شاديءَ يا ڪنهن پُني مراد جو ڏينهن ٻڌي پوءِ دهل بيهاريندا آهن. دهلاري روز صبح شام گهر جي اڳيان دس وڄائڻ ايندا. اتي دس جو مطلب ٿيو وڄتن جو سيٽ. ڪي دهلاري، رڳو دهل شرناءِ سان دل وڄائين، ڪي وري مُتو به آڻين ۽ متي وارو دس مزو ڪري، هاڻي مُتو گهڻو ڪري رڳو چونڪي ڏيڻ مهل وڄائين. مڱڻهار فقير دهل ٻن قسمن جا آڻين: هڪڙو وڏو دهل، جنهن کي اڳواڻ چون ۽ ٻيو ننڍو دهل، اڳواڻ جي مدد ۾ وڄائين. ان کي پهلوداري چون. اهو دهلن جي دس وڄائڻ جو رواج فقط سنڌ ۾ آهي. مڱڻهار فقير دس شروع به ڌمال سان ڪندا ۽ ختم به ڌمال تي ڪندا اهو ضروري آهي. دس ۾ پهرين ڌمال وڄائين پوءِ اولنگ پوءِ شادمانيون. پوءِ چيڻو، جهمر، وهول جهمٽ (جهرمٽ) ۽ آخر ۾ ڌمال وڄائي دس پورو ڪن. اڳي جهمٽ کان پوءِ بندر ايني وڄائيندا هئا، پر هاڻي ڪونه وڄائين دس ۾ڪيترا اهڙا تال آهن، جن تي سنڌ ۾ ناچ به ٿيندو آهي، جيڪو هرتال جي بيان ۾ لکبو. جنهن مراد لاءِ دهل بيهاربا آهن، مڱڻهار فقير انهيءَ مراد پڄڻ تائين صبح شام دس وڄائيندا، مراد پڄڻ کان پوءِ، ٻئي ڏينهن وري مبارڪ جو دس وڄائڻ اچن ۽ گهورون گهٻارون وٺي روانا ٿي وڃن. دس جيئن ته دهلن تي وڄايو ويندو آهي. ان ڪري تائين جا ٻول به دهلن جائي لکبا. ها ڌمال ۾ نغارا ۽ مغرمان ۾ ڌمرو وڄائين، ان ڪري ٻولن ۾ فرق ضرور اچيو وڃي وري نغارن ۽ ڌمر سان گڏ به دهل وڄائين ان ڪري ٻول ساڳيا دهل وارا اچيو بيهن. ان ڪري هتي دهلن جا ٻول لکڻ ضرور ٿيندا.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page17.html. Missing or empty
|title=
(مدد)}