دريائي مھماء

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دريائي مھماءِ (عربي: قفر اليهود، فارسي: ڪفراليهود) کؤنر وانگر ڄميل ۽ ڳنڍن جي شڪل ۾ دوا آهي. گهڻا ماڻهو ڌوپ ۽ ڄو مان بہ مصنوعي طور تيار ڪندا آهن. قدرتي طرح بحيره يھوديہ جي پٿرن هيٺان هٿ ڪئي ويندي آهي.

طب[سنواريو]

مزاج: گرم خشڪ.

مقدار خوراڪ: ٻن کان ٽي ماسا.

خاصيت: زفت (ڄو) ۽ عنبر جو قائم مقام سمجهي ڪتب آندو وڃي ٿو. ڌڪ، سنڌ ڀڄڻ ۽ اهڙين ٻين حالتن ۾ مھماءِ جئان مفيد آهي. هن جو دونهون نزلي، زڪام، مٿي جي سور ۽ مرگهي وارن لاءِ نقصانڪار ٿئي ٿو. وات جي خوشبوءِ ۽ ڏندن جي بيمارين لاءِ ڪارگر آهي.

هن کان کنگهہ، سيني جو سور، ڦڦڙن جا ڦٽ، خناق، جگر جي ڪمزوري وغيره دفع ٿين ٿا. رت وهڻ ۽ ان جي تحليل ڪرڻ لاءِ ڪارآمد آهي. رحم جي تڪليفن ۽ عام عضون جي تقويت لاءِ مفيد آهي. لڌڙي جي خصين سان هن جو فرزجہ (Vaginal Suppository) حيض جاري ڪري ٿو. هن جو ليپ اعصاب جي سوڄ، ڪن رڳ سياٽيڪا (Ciatica) جي سور، نقرس (Gout گائوٽ) وغيره لاءِ مفيد ۽ چھري جي ڇانئين وغيره لاءِ فائديمند ٿئي ٿو. پراڻن دستن، گردي جي خرابي، بواسير ۽ معدي جي ڄميل رت جي تحليل لاءِ ڪارگر چيز آهي. اک جي تڪليف ۽ پنبڙين جي خرابي لاءِ سٺو ڪم ڪندڙ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.