داردي ٻوليون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

داردڪ ٻولين (Daadirik bboliyoon) جو بنياد پئشاچ لوڪن وڌو، جن ڪشمير، پنجاب ۽ سنڌ ۾ اچي بيٺڪون وڌيون. پراڪرت گرامر جوڙيندڙ مارڪڻڊيا، جنهن ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ ’وراچڊ اپڀرنش‘ چالو هئي (جا ڦري هاڻوڪي سنڌي ٻولي ٿي آهي)، تنهن هيئن به لکيو آهي، ته سنڌ ۾ ٻي ٻولي ’وراچڊ پئشاچي‘ به چالو هئي ۽ گهڻو زور هن حقيقت تي ڏنو اٿس، ته وراچڊ پئشاچي جو مکيه نمونو ’ڪيڪيا پئشاچي‘ هو. هيمچندر آچاريا پنهنجي ٺاهيل ’هيم وياڪرڻ ‘ ۾ ’چوُلڪا پئشاچي‘ جو به ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ ريت ڄاڻ ملي ٿي، ته پئشاچي جا جملي ٽي نمونا هئا. اهي ٽيئي ڦري هاڻوڪيون ’داردڪ ٻوليون‘ ٿيون آهن.

چوُلڪا پئشاچي[سنواريو]

سر گريئرسن جي چوڻ موجب اها ٻولي ڪشمير ۽ ان جي الهندي طرف چالو هئي، جنهن مان ڪافرستان، چترال، ڪشمير ۽ داردستان (گلگت، شنا وغيره) جون ٻوليون پيدا ٿيون، جن سڀني کي گڏي ’داردڪ ٻوليون‘ سڏيو اٿس.

ڪيڪيا پئشاچي[سنواريو]

ڪيڪيا جو پرڳڻو، جنهن جو ذڪر اڳيئي ڪيوويو آهي، سو هاڻوڪي ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان کان وٺي ملتان جي حدن تائين هو. ملتان وارو پاسو ’سؤوير‘ سڏبو هو ڪيڪيه ۽ سؤوير ٻئي ڀائر هئا، تنهنڪري سندن انهن ٻنهي پرڳڻن جي ٻولي ساڳي هئي. انهن پرڳڻن ۾ پئشاچن بيٺڪون وڌيون، ته اتي جي پراڪرت ’ڪيڪيه پئشاچي‘ سڏجڻ ۾ آئي، جنهن مان هاڻوڪي ’لهندا‘ٻولي يعني پنجاب جي الهندي طرف جي ٻولي پيدا ٿي آهي، جا پنجاب جي اتر- الهندي ڏي ديري غازي خان، ديري اسماعيل خان ۽ ميانوالي تائين، ۽ پنجاب جي اتر- اڀرندي ڏي بهاولپور رياست جي حدن کان وٺي مانٽگومري (ساهيوال)، پنجاب واري گجرات ۽ ڪشمير طرف پيرپنجل واري گهاٽ تائين ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي. اها ملتان ڏي ’ملتاني‘ ۽ بهاولپور ڏي ’بهاولپوري‘ سڏجي ٿي. اهو سڄو ٻروچڪو ملڪ آهي، پر ايڏهين ڪيترا پنجابي هندو به اها ٻولي ڳالهائيندا آهن، تنهنڪري پٺاڻ ۽ ٻيا ’لهندا‘ کي ’هندڪي‘ يعني هندن جي ٻولي به سڏيندا آهن.

وراچڊ پئشاچي[سنواريو]

پئشاچ لوڪن مان جن سنڌ ۾ بيٺڪون وڌيون، تن جي پراڪرت ٻولي وڌيڪ بگڙيل هئي، تنهنڪري اها ’وراچڊ پئشاچي‘ پراڪرت سڏجڻ ۾ آئي، جا ڦِري هاڻوڪي سرائڪي‘ ٻولي ٿي آهي. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته سنڌي ۽ سرائڪي ٻيئي اسان جي سنڌ پرڳڻي ۾ سن 1100ع ڌاري گڏ ڄايون هيون، جنهنڪري چئبو ته هڪ سَرتيون آهن. اڄ به ٻنهي ٻولين جي وچ ۾ ڪو گهڻو تفاوت ڪونهي. انهن جو وڌيڪ ذڪر اڳتي هلي ڪبو. [1]

سنڌيءَ جو سرائڪي ۽ داردڪ ٻولين سان لاڳاپو[سنواريو]

صدين کان سنڌ، پنجاب ۽ ڪشمير جا رهاڪو هڪٻئي سان گهڻو لڙهه وچڙ ۾ آيا آهن، ۽ خود ڪشمير وارو پاسو، پنجاب سميت، ڪيترو وقت سنڌ جي حڪومت هيٺ ٿو، تنهنڪري سنڌيءَ جو انهن ٻولين سان ججهو ناتو ٿيو آهي. اڄ به ڏسو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي اتر ڏي اُٻاوڙي طرف سرائڪي يا اُڀي جي ٻوليءَ جو نمونو اختيار ڪندي، بهاولپور ڏي به اهو ئي بيک ڌاريندي، ملتاني ٻوليءَ سان وڃي گڏي آهي، ۽ ملتاني، لاهور ۽ امرتسر طرف، اَڻلَکي طرح ڦرندي وڃي پنجابيءَ سان گڏي آهي، جنهنڪري ائين چئي سگهجي ٿو، ته سرائڪي ٻولي ڄڻ ته وچون ڏاڪو يا وچ واري ڪڙي آهي، جا سنڌيءَ کي پنجابيءَ سان ڳنڍي ٿي، ۽ پنجابي ٻولي اتر ڏي ڪشميريءَ سان وڃي گڏي آهي. انهيءَ ريت سنڌ کان وٺي ڪشمير تائين ٻولين جا پاڻ ۾ ڪڙو ڪڙي سان ڳنڍيو پيو آهي. ٻولين جي انهيءَ ناتي مان اهو به سمجهي سگهجي ٿو، ته آڳاٽا پئشاچ لوڪ اهائي واٽ وڍي آيا هئا يعني ڪشمير کان پنجاب ۽ باهولپور ۾ بيٺڪون وجهندا، ۽ پوءِ سنڌ ۾ پنهنجا ماڳ جوڙي اچي ويٺا هئا. هن وقت جيتوڻيڪ انهن سڀني هنڌن جون ٻوليون پنهنجي پنهنجي نموني آهن، ته به اُچارن ۽ نحوي بناوت (Grammatical formation) ۾ هڪٻئي سان گهڻيون مشابهت رکن ٿيون. اهي ڳالهيون مناسب هنڌن تي کولي ٻڌائبيون. انهن جي پڪي يادداشت ضميمي ٻئي ۾ ڏني ويئي آهي. هتي رڳو چئن مکيه ڳالهين جو ذڪر ڪجي ٿو. [2]

حوالا[سنواريو]