دادائيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دادائيت يا ڊاڊائزم ( Dadaism) دراصل فن، ادب ۽ موسيقيءَ ۾ هڪ تحريڪ هئي، جنھن ۾ مروج فني ۽ سماجي قدرن جو مذاق اڏايو ويو. هن قسم جي رجحان جو آغاز سوئيٽزرلينڊ ۾”ٽوٽسن ٽسارا“ ۽ هن جي همعصرن ڪيو. ٿوري وقت ۾ هن تحريڪ پنھنجي وقت جي سڀني اخلاقي ۽ ذهني تحفظات کي بالائي طاق رکي فن ۾ هر بي راھ رويءَ کي جائز ٺھرايو. دادائيت جي ان منفي رجحان ۽ ان جي بي اعتدالين ڪري ان شريڪ جا ڪيترا حامي ان کان جدا ٿي ويا. هن قسم جا نقاد انھيءَ ئي تحرير کي سٺو سمجهن ٿا، جنھن ۾ فني بي راھ روي ۽ روايت کان بغاوت هجي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.