خوجا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

خواجا يا کوجا: ھو اصل ھندو لوھاڻا ھئا، جي پوءِ پندرھين عيسوي صديءَ ۾ مسلمان ٿيا ۽ اسماعيلي شيعا فرقي ۾ آيا، جنھن فرقي ۾ بورا به آيا. سنه 1430ع ۾ پير صدرالدين نصيري فرقي جو ۽ اسماعيلي شيعن مان، سنڌ ۽ گجرات ۾ آيو ۽ مريد ڪرڻ لڳو. برھمڻن پنڊ تن جي مدد سان مذھب کي ھندو رنگ ڏنو، جنھنڪري گھڻا لوھاڻا سندس مريد ٿيا ۽ انھن کي ھن خواجن جو نالو ڏنو. انھيءَ فرقي جو باني حسن صباح ھو، جو تاريخ ۾ مشھور ٿي گذريو آھي. ھو پنھنجي امام جو وڏو داعي يا مشنري ھو، ۽ انھن امامن جي اولاد مان آغا حسن علي ھو، جنھن کي آغا خان ٿا چون. اُھو سنه 1842ع ۾ ايران مان سنڌ ۾ آيو ۽ خواجن جو پير ٿيو. انھيءَ مذھب موجب ھندن جي ديوتا وشنؤ جا نَو اوتار شمار ڪري ڏھون اوتار حضرت عليءَ کي ڳڻيندا آھن. ھو شيعا آھن ۽ پھريان ڇھ امام مڃيندا آھن ۽ پوءِ چوٽيھ ٻيا امام شمار ڪري اچي آغا خان تي بيھندا آھن، جو سندن ھاڻوڪو امام آھي. قرآن ۽ نماز نه پڙھندا آھن. پير صدرالدين جي جوڙيل پوٿي پڙھندا آھن. ھو ڏاڙھي ڪوڙائيندا آھن ۽ مُڇيون وڏيون رکائيندا آھن. ورثو شريعت موجب نه وٺندا آھن، پر ھندو قاعدي موجب ورھائيندا آھن. خواجن جا ٻه فرقا آھن: ھڪڙا پڙائي، جي محرم ۾ پِڙُ ڪندا آھن ۽ ٻين شيعن سان شامل آھن ۽ جي آغا خان جي برخلاف آھن ۽ گھڻا انھيءَ جي حڪم مان نڪتل آھن؛ ۽ ٻيا پنجي ڀائي، جي آغا خان جي فرمان ھيٺ آھن ۽ انھيءَ کي زڪواة ڏيندا آھن. اُھي ڏينھن ۾ ٽي ڀيرا نماز پڙھندا آھن يا عبادت ڪندا آھن، پر مسلمانڪي ۽ ھندڪي گڏيل ٻوليءَ ۾. انھن جي بزرگ کي مکي سڏيندا آھن ۽ سندن عالمن کي ڀڳت. ھنن وٽ مسجد ڪانھي_ مسجدن جي بدران جماعت خانا اٿن. اھي ٻئي فرقا پاڻ ۾ شاديون ڪندا آھن. طھور ننڍي ھوندي ڪندا آھن. پڙائي شيعا ڏاڙھي رکائيندا آھن ۽ ٻين اثنا عشري شيعن يا امياميه مذھب وانگي نماز ۽ قرآن پڙھندا آھن، مگر ورثو اڃا به ھندو ڌرم موجب وراھيندا آھن. اُنھن جو قبرستان به ڌار آھي، جو ٻيا ھنن جي مخالف آھن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو