خواب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
سورمي جو خواب نالي ھڪ پينٽنگ جيڪا 1655 ۾ انٽونيو ڊي پريڊا ٺاھي

خواب(انگريزي: Dream ) خواب تصويرن، خيالن، جذباتن ۽ احساسن جو ھڪ تسلسل آهي جيڪو ننڊ جي ڪنھن حصي ۾ غير ارادي طور تي ذھن ۾ واقع ٿيندو آهي[1].خوابن جي سائنسي تعليم کي انائرولاجي (Oneirology) يا علم الاحلام چوندا آهن.[2].خواب گھڻي ڀاڱي تند چشم حرڪت واري ننڊ (انگريزي: Rapid Eye Movement Sleep ) ۾ ڏٺا ويندا آهن. اھو ننڊ جو اھڙو سوپو ھوندو آھي جنھن ۾ ماڻھو جو جسم مفلوج ٿي ويندو آھي سواءِ اکين، دل، ڊايافرام ۽ آنڊن جي مشڪن جي سموريون جسماني مشڪون (muscles) سن ٿي وينديون آھن ۽ ذھن مڪمل جاڳيل ھوندو آھي. اکين ۾ ھڪ يا ٻہ سيڪنڊ تيز حرڪت ٿيندي آهي. خوابن جي ڊيگھ ننڍي وڏي ٿئي ٿي. ڪن جي ڊيگھ چند سيڪنڊ ٿئي ٿي ۽ وڏا خواب لڳ ڀڳ 20 کان 30 منٽن جا ھوندا آھن[3] [4].سراسري عمر م ھڪ ماڻھو ھڪ رات ۾ 3 کان 5 خواب ڏسي سگھندو آھي ڪو ڪو ماڻھو ھڪ رات۾ ستن تائين خواب ڏسي سگھي ٿو[5]. اڪثر خواب ھڪدم يا ٿوري دير ۾ ئي وسري ويندا آه.[6] اٺن ڪلاڪن جي ننڊ ۾ اڪثر خواب تند چشم حرڪت واري ننڊ جي ٻن ڪلاڪن واري سوپي ۾ ايندا آهن. [7] گھما گھمي يا مصروفيت واري زندگيءَ وارن خوابن ۾ تند چشم حرڪت واري ننڊ سان ٿيٽا لھرون پڻ شامل ھونديون آھن جن سان جذبات واري ياداشت انھن ۾ شامل ٿي ويندي آهي[8]. خوابن جو مطلب ڪڍڻ بابت راء ھر معاشري ۾ مختلف ھوندي آھي. اڪثر خواب متعلق سگمنڊ فرائيڊ جي خوابن واري نظريي کي مڃيندا آھن جنھن مطابق "خواب مخفي خواھشن ۽ جذبن جي بصيرت کي ظاھر ڪندا آهن".

خواب جو اسلامي تصور[سنواريو]

خواب کوڙ مشرقي مذھبن وانگر اسلام ۾ بہ وڏي اھميت رکن ٿا ڇوتہ خوابن ڏسڻ کي پيشنگوئي سان ڳنڍيو ويو آهي[9]. خواب ۽ ڏيکاري (vision) کي قرآن بائيبل وانگر خدا جي پيغمبرن سان رابطي جو ذريعو ٻڌايو آهي ۽ کوڙ نبين کي خدا خوابن جي تعبير جو علم عطا ڪيو[9]. کوڙ حديثن ۾ حضرتِ محمد ﷺ طرفان خوابن ۽ وحي جي وچ ۾ تعلق جي ڳالھ فرمائي آھي. ھڪ حديث ۾ فرمايائون ته خدا جي وحي نبين وٽ جاڳندي بہ ۽ ننڊ دوران نازل ٿيندي آهي[9]. قرآن مان مثال ڏيندي ۽ حضرت محمد ﷺ طرفان خوابن کي ڏنل اھميت جي بنياد تي مسلمانن خواب جي تعبير (oneiromancy) کي اسلام کان اڳ جو خوابن جي درجه بندي ۽ تفسير جو علم سمجھي وڏي اھميت ڏني آھي[9]. خدا جي پاسي کان سچا خواب ڏسڻ ۽ شيطان جي پاسي کان ڪوڙا يا شيطاني خواب ڏسڻ جو اعتقاد اڄوڪي جديد اسلامي معاشري ۾ بہ خوابن ۽ ڏيکن جي قبوليت بڻجي ويو آهي[9]. اسلامي سوانح حيات وارين لکڻين، تاريخي واقعا ترتيب سان ڏيکارڻ واري جدولن، تنقيد ۽ مضمونن وارين لکڻين ۽ فلسفيانه عقيدن ۾ خوابن ۾ ڏٺل واقعن جو ڦھلاء ظاھر ڪري ٿو ته اھي مقابلي واري مذھبي ۽ سياسي اختياري جي ثالثن جي سماجي ڪمن سرانجام ڏيڻ ۽ مسلم معاشري ۾ انفرادي ۽ اجتماعي رھنمائي جو ذريعو آھن[9]. روايتي طور تي خوابن جا واقعا گھڻي ڀاڱي صوفي بزرگن جي سوانح حيات جي لکڻين ۾ ڏنل آھي[9]. قرآن ۾ ڏنل خوابن ۽ ڏيکارين جا تفصيل ساڳيا آھن جيڪي بائيبل ۾ ڏنل آھن[9]. قرآن جي سورة 12 ۽ آيت 102 ۾ ابراھيم کي ڏيک جو ذڪر آهي جنھن ۾ کيس سندس پٽ جي قرباني جو حڪم مليو[9]. سورة 12 جي آيت 44 ۾ يوسف جي خوابن ۽ فرعون جي غيرواضع خوابن جو ذڪر ٿيل آهي[9]. اسلام ورثي ۾ شامل اھي خوابن جون روايتن کي حضرت محمد ﷺ جي خوابن ۽ ڏيکاري ڏسڻ جي سندس زندگي جي اھم واقعن جي مقدس حوالن جي روشني ۾ ڏٺو وڃي ٿو[9]. قرآن جي سورة نمبر 8 جي آيت 43 ۾ جنگ بدر کان اڳ خدا طرفان خواب ۾ فتح جي بشارت جو ذڪر ٿيل آهي[9]. سورة نمبر 48 جي آيت 27 ۾ مڪي ۾ فاتحانه داخلا کي خدا جي رسول جي ڏيک جي تڪميل سڏيو ويو[9]. نبي صه جي بيت المقدس جي سفر ۽ آسمانن واري معراج جي بيان قرآن جي سورة 17 آيت نمبر 60 ۾ ڪيو ويو جنھن ۾ ڏيکاري جو ذڪر ٿيل آهي. ان ڏيکاري لاء مسلمانن جي اڪثريت جو اعتقاد آھي تہ نبي صه جسماني طور تي معراج تي ويو ھو[9]. ھڪ حديث م نبي صه فرمايو تہ سندس بعد خدا ماڻھن کي سچن خوابن ذريعي رھنمائي ڪندو[9]. اسلامي فلسفين ۾ ابن سينا (وفات:1037) ۽ ابن رشد (وفات:1198) مطابق خواب حتمي حقيقت جا مظھر آھن ۽ جن ذريعي خدا انسانن ۾ علم منتقل ڪري ٿو[9]. صوفين جي بيانن مطابق روحاني ترقي جون وڌندڙ منزلون حضرت محمد صه جي آسماني معراج جي نموني وانگر آھن[9]. امام غزالي مطابق خواب ھڪ نئين روحاني حالت ۾ داخل ٿيڻ جو ابتدائي عمل آھي[9]. شاھ ولي الله (وفات:1762) مسلم امت جي اصلاح واري مقصد کي خواب م حضرت محمد صه ۽ سندس ڏوھٽن جي زيارت ٿيڻ کان پوءِ سمجھيو[9]. فولاني اڳواڻ عثمان دان فوديو (وفات:1817) سماجي برائين جي خلاف سندس جھاد لاء خواب م حضرت محمد صه جي آمد کي محرڪ قرار ڏنو[9].

حوالا[سنواريو]

  1. سانچو:Cite web.
  2. Kavanau, J.L. (2000). "Sleep, memory maintenance, and mental disorders". Journal of Neuropsychiatry and Clinical Neurosciences 12 (2): 199–208. doi:10.1176/jnp.12.2.199. PMID 11001598. 
  3. [1](REM sleep and dreaming: towards a theory of protoconsciousness -J. Allan Hobson- Nature Reviews Neuroscience volume 10, pages803–813(2009)Cite this article- 2559 Accesses -235 Citations- 511- Altmetric- Metrics details Key Points)
  4. (Review REM Sleep and Dreaming: Towards a Theory of Protoconsciousness J Allan Hobson. Nat Rev Neurosci. Nov 2009) [2]
  5. Empson, J. (2002). Sleep and dreaming (3rd ed.)., New York: Palgrave/St. Martin's Press
  6. Cherry, Kendra. (2015). "10 Facts About Dreams: What Researchers Have Discovered About Dreams آرڪائيو ڪيا ويا 2016-02-21 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.." About Education: Psychology. About.com.
  7. Ann, Lee. "HowStuffWorks "Dreams: Stages of Sleep"". Science.howstuffworks.com. وقت May 15, 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل August 11, 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. Eichenlaub, Jean-Baptiste; van Rijn, Elaine; Gaskell, M Gareth; Lewis, Penelope A; Maby, Emmanuel; Malinowski, Josie E; Walker, Matthew P; Boy, Frederic et al. (2018-06-01). "Incorporation of recent waking-life experiences in dreams correlates with frontal theta activity in REM sleep". Social Cognitive and Affective Neuroscience 13 (6): 637–647. doi:10.1093/scan/nsy041. ISSN 1749-5016. PMID 29868897. 
  9. 9.00 9.01 9.02 9.03 9.04 9.05 9.06 9.07 9.08 9.09 9.10 9.11 9.12 9.13 9.14 9.15 9.16 9.17 9.18 9.19 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages#202.203.204 ,