خنساء بنت عمرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

خنساء بنت عمرو
(عربي ۾: الخنساء خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
Al-Khansa.jpg 

معلومات شخصيت
ڄم سال 575  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت سال 645 (69–70 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو شاعر،ليکڪ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

خنساء بنت عمرو: عرب جي شاعرن مان ته گهڻائي مشهور ٿي گذريا آهن، پر زالن مان خنساء ڌيءَ عمروءَ جي، عربي شاعريءَ ۾ جا ڪماليت حاصل ڪئي. سا ٻئي ڪنهن کي حاصل نه ٿي. هوءَ قبيلي ”بني سليم“ جي سردار ”عمرو بن شريد“ جي ڌيءُ هئي. حضرت محمد صلعم کان ڏهه ورهيه اڳي هوءَ ڄائي هئي. ننڍي هوندي ئي، عربن جي رواجي دستور موجب، هوءَ ڪڏهن ڪڏهن ٻه چار شعر چئي ويندي هئي. جوانيءَ ۾ ڏاڍي حسن واري ٿي: ”ديرد بن الصمة“ ”هوازن“ جي قبيلي جو مشهور ٻڍو شاعر، مٿس عاشق ٿيو. انهيءَ سندس تعريف ۾ وڏا قصيدا لکيا. شاديءَ جي لاءِ هن کي چوايائين. پر هن جواب ڏنو ته ”آءٌ پنهنجي قبيلي جا خوبصورت جوان ڇڏي، تو ٻڍي سان شادي نه ڪنديس.“ تنهن تي ڪاوڙجي، هن ٻيو قصيدو لکيو: انهيءَ جي جواب ۾ وري خنساء پنهنجو قصيدو لکيو. انهيءَ ٻن بيتن جو مطلب هي آهي ته ”بيشڪ تون ڏاڍو فياض آهين _ هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي فياضي ٿي سگهي ٿي، جو تو پنهنجن ڏندن جا موتي به ڏيئي ڇڏيا! جهڙيءَ مشڪلات سان ڪو ٽوٻو سمنڊ مان ڳولي موتي لهي ٿو، تهڙيءَ مشڪلات سان، ماڻهوءَ جي نگاهه، تنهنجي منهن تي تنهنجو اکيون ڳولي ٿي!“ پر اها اڃا خنساء جي شعر گوئيءَ جي شروعات هئي: پوءِ جو هن جا ڀائر قتل ٿيا، ۽ درد غم مٿس ڪاهي آيا، تڏهن ته سندس شاعري ڪماليت کي پهتي. انهيءَ جو مختصر قصو هيئن آهي: انهيءَ قبيلي بني سليم جو، قبيلي بني انس سان وڙهڻ جو اتفاق ٿيو. ان ۾ خنساء جو ڀاءُ، مڪاولي نالي، مارجي ويو. ۽ ماٽيجو ڀاءُ ”صخر“ زخمي ٿيو، ۽ نيزي جي سيني ۾ لڳڻ ڪري ڦڦڙ ئي نڪري آيو هوس. انهيءَ صخر سان خنساء جي ڏاڍي محبت هئي، جو هو ڏاڍو عقلمند سخي ۽ بهادر هو. بيماريءَ ۾ هن جي گهڻي ئي خدمت ڪيائين، پر ورهيه کن کان پوءِ هو به مري ويو. انهيءَ ڏک ۾ هن صخر جي غم ۾ شعر لکڻ شروع ڪيا. اهي مرثيا اهڙا درد ناڪ هئا، جو ٻڌندڙن جي دل ڪباب ٿي ٿِي. شاعريءَ جي اها شاخ، يعني مرثيي گوئي اصل کان خاص زالن جو ئي حق آهي. جي مرثيا مڙسن لکيا آهن، تن ۾ به هنن رڳو زالن جي پيروي ڪئي آهي. رسول صلعم جي ڏينهن ۾ ”بدر“ جي جنگ ۾ گهڻن ڪافرن کي قتل ڪيو هو، ۽ جدا جدا شاعرن پنهنجن پنهنجن سردارن لاءِ مرثيا لکيا: ليڪن جهڙا مرثيا ”فتيله“ هڪڙيءَ قريشيءَ ڪنواريءَ ڇوڪريءَ چيا آهن. اهڙا ٻئي ڪنهن جا نه آهن. اهي پنهنجا مرثيا پنهجي پيءُ جي قتل ٿيڻ ڪري لکيا هئا. هوءَ اهو مرثيو پڙهندي اچي لنگهي. حضرت رسول جن اصحابن سان گڏ مسجد ۾ ويٺا هئا: هن جو مرثيو ٻڌي ڏاڍو رنائون. ۽ فٽيله کي سڏي ڏاڍادلاسا ڏنائونس، ۽ اڳتي لاءِ حڪم ڏنائون ته جيترو ٿي سگهي اوترو قريشين کي نه ماريو. ”خوله“ جا مرثيا به مشهور آهن، جي پنهنجي ڀاءُ ”اضرار“ جي قيد ٿيڻ تي لکيائين. اهڙن مرثين، بعضي وقت عرب ۾ دنگا فساد ۽ جنگيون مچائي ڏنيون آهن. ليڪن ”خنساء“ انهن سڀني کان گوءِ کڻي ويئي آهي. مثال لاءِ ٻن ٽن بيتن جو مضمون هتي ڏجي ٿو: ”اي منهنجون ٻئي اکيون! اوهين روئو ۽ بس نه ڪريو. ڇو اوهين صخر جي لاءِ نه ٿيون روئو: انهيءَ جوان مرد سردار لاءِ ڇو نٿيون روئو؟“ عرب ۾ دستور هوندو هو ته ٺهرايل وقت تي هر سال ميلو لڳندوهو. جنهن کي ”سوق عڪاظ“ چوندا هئا. ۽ جتي سڀ قبيلن جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. قومي ڪمن لاهڻ کان پوءِ سڀ شاعر گڏ ٿي پنهنجو شعر پڙهندا هئا، ۽ مصنف فيصلو ڪندا هئا ته ڪنهن جو شعر سڀ کان بهتر آهي. انهيءَ ميلي يا قومي مجلس ۾ به ”خنساء“ جو شعر لاجواب ۽ لاثاني ثابت ٿيو. جڏهن اهڙن ميلن ۾ هوءَ اٺ تي چڙهي ايندي هئي. تڏهن سڀ ٻيا شاعر هن جي چوڌاري ڦري بيهندا هئا، ۽ منتظر هوندا هئا ته هن جو ڪو نئون شعر ٻڌون. هڪڙي ڀيري ٻي هڪڙِي مشهور شاعر زال هند بنت عتبه به اتي آئي ۽ خنساء سان مقابلي ڪرڻ لاءِ پنهنجا مرثيا پڙهيائين، جو هن تي به خنساء وانگي مصيبت پيل هيون، ۽ سندس پيءُ چاچو ۽ ڀاءُ ٽي ئي جنگ ۾ مارجي ويا هئا. مشهور مرد شاعر نابغه سندس وچ ۾ امين ۽ منصف ٿيو، خنساء جو شعر يعني مرثيو ۽ قصيده ٻڌي حيران ٿي ويو، ۽ فيصلو ڪيائين ته خنساء اڄوڪي زماني ۾ سڀني شاعرن کان مٿي آهي.[1] خنساء ڏاڍي شريف ۽ اعليٰ طبيعت جي هئي. ڀاڻس صخر به اهڙو ئي وڏيءَ دل وارو هو. ننڍيون تڪليفون هو پنهنجي نفس تي خوشيءَ سان سهي ويندا هئا: انهيءَ ڪري هنن ٻنهي ڀاءُ _ ڀيڻ جي پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هئي، جا عرب ۾ ضرب المثل ٿي ويئي هئي. عرب ۾ دستور هو ته هڪڙي قبيلي جو شاعر ٻئي قبيلي جي شاعر جي هجوَ يا سِٺ ڪندو هو: پرخنساء ڪنهن جي به ڪڏهن هجو نه ڪئي. پنهنجي ڀاءُ جي قاتل هاشم لاءِ ماڻهن گهڻو ئي چيس ته انهيءَ جو هجو شعر ۾ ڪر پر هن ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ۽ انهيءَ جي بدران هڪڙو مزي جهڙو قصيدو چيائين، جنهن جو پهريون بيت هي آهي: وقالو الا نهجو فوارس هاشم، ومالي واهداءِ انحنا ثم ماليا. (يعني ماڻهو چون هاشم جي سوارن جي هجو ڇونٿي ڪرين، ڀلا مون کي اجائيءَ بڪ ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو _ ۽ پوءِ ڪهڙو فائدو؟)[1] عرب هجو کان تمام گهڻو ڊڄندا هئا. جو انهيءَ جي ڪري اهو قبيلو ساري ملڪ ۾ بدنام ٿيندو هو. اهڙو هجو ڪرڻ وارو جڏهن ڪنهن تجويز سا نقيد ٿي ويندو هو، تڏهن انهيءَ کي گهوڙي وانگي لغام چاڙهيندا هئا: انهيءَ هوندي به هو ڪين رهندا هئا. هڪڙي هجو ڪندڙ شاعر کي خليفي حضرت عمر ٽي هزار درهم ڏنا هئا ته مسلمانن جي هجو نه ڪري. خنساء پوءِ نيٺ پنهنجي قبيلي سوڌي مسلمان ٿي، ۽ حضرت جن اڪثر سندس شعر ٻڌندا هئا ۽ خوش ٿيندا هئا. خنساء اڪثر بيبي عائشه وٽ وڃي ويهندي هئي، ۽ انهيءَ کي به پنهنجا شعر ٻڌائيندي هئي. خنساء همت واري به ڏاڍي هئي. حضرت عمر جي زماني ۾ ”قادسيه“ جي جيڪا مشهور جنگ ٿي، تنهن ۾ هوءَ پاڻ به حاضر هئي، ۽ سندس چار پٽ به جنگ کان هڪڙو ڏينهن اڳي، هن اهڙن جوش وارن لفظن ۽ شعرن ۾ پٽن کي وڙهڻ لاءِ ترغيب ڏني. جو هنن کي جنگ جي انتظار ۾ رات گذارڻ لڳي. صبح ٿيڻ سان سڀ کان اڳي هو وڃي وڙهيا، ۽ چارئي هڪ ٻئي پٺيان هڪ ٻئي کي ڏسندي قتل ٿي ويا. هي حال ڏسي خنساء پنهنجي جگر تي هٿ ڏيئي ڏاڍو روئڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي ته ”خدا جو شڪرانو آهي هو شهيد ٿيا! آءٌ هنن کي انهيءَ هنڌ ملنديس جنهن هنڌ خدا جي رهمت جو پاڇو هنن جي مٿان هوندو.“ حضرت عمر هن جي گهڻي تعريف ڪئي. ۽ سندس چئني پٽن جو پگهار هن کي مقرر ڪري ڏنائين. انهيءَ کان پوءِ خنساء پنهنجو سڄو وقت گوشي نشين ٿي، خدا جي عبادت ۾ گذاريو. سن 41 هجري (سن 661ع) م 84 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 7.html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 7.html Check |url= value (مدد).  Missing or empty |title= (مدد)}
  2. {رسالو: سرتيون؛آڪٽوبر1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو{http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/sartyoon/Book6/Book_page2.html}}