خديجة الڪبري رضہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ام المومنين حضرت خديجہ رضہ
[[File:Khadijah.png|frameless|alt=]]
پيدائش خديجہ بنت خويلد
555 CE
وفات رمضان جي ۳ تاريخ ھجرت کان اڳ[1]
تاريخ 22 نومبر 619 عيسوي سانچو:جڏھن تہ سندس پيدائش جو سال 555 عيسوي ھيو
مڪو
مدفن جنت المعلي قبرستان، مڪو
ٻيا نالا خديجہ الڪبري
زال پھريون مڙس: عتيق ابن عيض المخزومي.
ٻيو مڙس: ابو حالہ مالڪ ابن نباش.
ٽيون مڙس: حضرت محمد صہ
والدين خويلد بن اسد
فاطمہ بن زئيدہ
رشتيدار اسد ابن عبدلعزي (ڏاڏو)
حالا بنت خويلد (ڀيڻ)
ورقہ بن نوفل(سؤٽ)


حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ رضي الله تعاليٰ عنها:
حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ جنهن جو لقب بيبي طاهره هو، خوبلد بن اسد جي ڌيءُ هئي. سندن والده جو نالو فاطمه بنت زائده هو.سندس ڏاڏو اسد جي نالي سان قريش جي بنو اسد قبيلي جي شروعات ٿي.[2]بيبي صاحبه جو والد مڪي جو وڏو واپاري ھيو

تفصيلي تعارف[سنواريو]

بيبي صاحبه جن جي ولادت رسول اڪرم صلي الله عليه وآلهِ وسلم جي مديني هجرت ڪرڻ کان 68 سال پهرين ٿي. مڪي وارا کين طاهره جي لقب سان سڏيندا هئا. بهترين طريقئه پرورش عقلمند، دور انديش ۽ پاڪدامنيءَ جي لحاظ کان پنهنجي خاندان ۾ بي مثال حيثيت رکنديون هيون. گهڻيون مالدارهيون، خديجة الڪبريٰ جو تجارتي قافلو سڀني تجارتي قافلن جي برابري ڪندو هو. بيبي صاحبه پاڻ سڳورن جن جي اخلاق، جمال، صورت ۽ ڪمال سيرت کي ڏسي پاڻ ئي ساڻن نڪاح ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ پاڻ سڳورن سندن اها آڇ قبول ڪئي ۽ اشرف قريش جي مجموعي ۾ باقاعدي نڪاح ڪيو. حضرت بيبي خديجه پاڻ سڳورن جي پهرين رفيقه حيات ثابت ٿيون. اهو ئي سبب هو جو، جيستائين بيبي صاحبه حيات هيون، تيستائين پاڻ سڳورن ٻي ڪنهن به عورت سان نڪاح نه ڪيو. پاڻ سڳورن کي بيبي صاحبه سان ايتري محبت هئي جو سندن وفات کان پوءِ بيبي عائشه رضه کي فرمايائون ته، ”خدا جو قسم! خديجه الڪبريٰ کان بهترين مون کي ڪا به شريڪ حيات نه ملي. جڏهن سڀني مون سان ڪفر ڪيو. انهيءَ وقت هن مون تي ايمان آندو ۽ جڏهن سڀ ماڻهو مون کي ڪوڙو ڪوٺيندا هئا، ان وقت هن منهنجي تصديق ڪئي ۽ جنهن وقت منهنجي ڪير به مدد لاءِ تيار نه هو، ان وقت خديجه منهنجي مدد ڪئي ۽ مون کي پنهنجو سڄو مال ڏيئي ڇڏيو ۽ هن جي ئي بطن مان الله تعاليٰ مون کي اولاد عطا فرمايو.“ وحي نازل ٿيڻ کان پوءِ پاڻ سڳورا بيبي خديجه سان گڏ ڪيترو ئي عرصو خفيه طور نماز پڙهندا رهيا. عفيف ڪندي چون ٿا: ”مان جهالت واري زماني ۾، لباس ۽ عطر خريد ڪرڻ لاءِ مڪي ويس، عباس بن عبدالمطلب سان ملاقات ٿي، ٽپهريءَ جي نماز جو وقت هو، مون ڏٺو ته ڪعبي جي ويجهو هڪ جوان آيو ۽ آسمان تي هڪ نظر وڌي ۽ پوءِ ڪعبي جي سامهون بيهي رهيو، انهيءَ کان پوءِ هڪ عورت آئي ۽ هن جي پويان بيهي رهي، هو جوان رڪوع ۾ ويو ته هوءَ عورت به رڪوع ۾ جهڪي ويئي. تنهن کان پوءِ هڪ ٻيو نوجوان آيو. اهو به ائين ئي ڪرڻ لڳو. رڪوع کان پوءِ بلند ٿي، هو ٽيئي سجدي ۾ هليا ويا. مون عباس کان پڇيو ته آءٌ هڪ عجيب شيءِ ڏسي رهيو آهيان!! عباس چيو: ”عجيب شيءِ آهي! تون هن جوان کي سڃاڻين ٿو؟“ مون چيو ”نه!“ هن چيو: ”هي منهنجو ڀائٽيو محمد بن عبد الله بن عبدالمطلب آهي ۽ هي نوجوان جيڪو بعد ۾ آيو ان کي سڃاڻين ٿو؟“ مون چيو ”نه!“ چيائين: ”هي منهنجو ٻيو ڀائٽيو علي ابن ابي طالب آهي ۽ هن عورت کي سڃاڻين ٿو؟“ مون چيو: ”نه!“ هن ٻڌايو: ”هيءَ منهنجي ڀائٽي جي زال خديجه آهي. محمد جن فرمائن ٿا ته مون کي آسمان ۽ زمين جي خدا هن دين تي رهڻ جو حڪم ڏنو آهي. روءِ زمين تي صرف هنن ٽنهي ماڻهن اهو دين قبول ڪيو آهي.“ عفيف چوي ٿو ته منهنجي دل چاهيو ته مان به انهن ۾ چوٿون ٿي وڃان. رسول صلي الله وسلم جن بيبي خديجه جو دل سان احترام ڪندا هئا. وحي نازل ٿيڻ کان پهرين به پاڻ سڳورن بيبي صاحبه جي مخالفت نه ڪئي ۽ وفات کان پوءِ به انهن کي ياد ڪري روئندا هئا. بيبي عائشه رضه فرمايو ٿي ته رسول صلي الله وصلم جن جڏهن گهر کان ٻاهر نڪرندا هئا ته خديجه کي ياد ڪندي هن جي تعريف ۽ مدح ڪندا هئا. دستورات اسلام جي اشاعت جي سلسلي ۾ بيبي خديجه رسول الله صہ جن جو ساڄو هٿ هيون. هجرت کان ٽي سال پهرين 65 سالن جي عمر ۾ مڪي ۾ انتقال ڪري ويون. رسول صلم جن پنهنجي هٿن مبارڪن سان بيبي صاحبه کي دفن ڪيو.[3]

اولاد[سنواريو]

بيبي خديجہ کي هڪ ڌيءُ ۽ هڪ پٽ، پهرئين مڙس مان اڳيئي هئا. حضرت محمد ﷺ جن مان پنجن ورهين کانپوءِ، هڪٻئي پٺيان چار نياڻيون: زينب، رقيہ، اُم ڪلثوم ۽ فاطمه ۽ ٻه پٽ، قاسم ۽ عبدالله ٿيا. اهو سڀ اولاد، حضرت محمد ﷺ جن جي نبوت کان اڳي ٿيو. انهن مان پهرين ٽن نياڻين جي شادي ڪئي ويئي. ننڍي نياڻيءَ فاطمہ بيبي رضه جي شادي، ٻئي هجري سال حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه، سان ٿي، جو حضرت محمد ﷺ جن جو سئوٽ هو. انهن کي امام حسن، امام حسين ۽ ٻيو اولاد ٿيو، ۽ حضرت محمد ﷺ جن جو نسل انهن مان ئي اڄ تائين جاري رهيو، جن کي ”سادات“ چوندا آهن. بيبي فاطمہ رضه، پيءُ جي وفات کان ڇهه مهينا پوءِ وفات ڪئي. حضرت محمد ﷺ جن جا ٻه پٽ ته ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويا. ڪي ورهيه پوءِ، بيبي ”سلمہ ماريہ“ مان کين هڪڙو پٽ ابراهيم نالي ٿيو، پر اُهو به جلد وفات ڪري ويو. [4]

بيبي صاحبہ جي شاعري[سنواريو]

بيبي خديجة الڪبريٰ جا گهڻا شعر آهن، جي خاص حضرت محمد ﷺ جي مدح ۾ آهن.

هي ٻه بيت انهن مان آهن:

بذڪر ڪم يطفي الفواد من الوقد،

و رويتڪم فيها شفاءِ اعين الرمد،

ومن قال ”اني اشتفيٰ من هوا ڪم“

فقد ڪذبوا لومت فيہ من الوجد.

(يعنيٰ اوهانجي يادگيريءَ سان دل جي باهه اُجهامي ٿي ۽ اوهان جي ديدار ۾ اُٿيل اکين کي شفا حاصل ٿي ٿئي، جنهن چيو ته آءٌ اوهان جي محبت کان ٿڪجي پيس، تنهن بيشڪ ڪوڙ ڳالهايو، جيتوڻيڪ آءٌ محبت جي مستيءَ ۾ مري پوان.)[5]

حوالا[سنواريو]

  1. Sayyid Ali Ashgar Razwy. "The Birth of Muhammad and the Early Years of his Life". Retrieved 7 November 2017. 
  2. Benedikt, Koehler (2014). Early Islam and the Birth of Capitalism. Lexington Books. 
  3. {رسالو: سرتيون؛مضمون: حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ رضي الله تعاليٰ عنها؛ از:سيد زڪيہ مھدي شاھ؛ مارچ 2005؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}
  4. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page3.html.  Missing or empty |title= (help)}
  5. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page3.html.  Missing or empty |title= (help)}