خدايار خان جو محل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خدايار خان جو محل، جيڪو ڪوڪند جي موتي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ڪوڪند خانيت جي آخري حڪمران خدايار خان جو محل هو. اهو ازبڪستان جي فرغانہ وادي ۾ سڀ کان وڌيڪ گهميو ويندڙ سياحتي ماڳ آهي.

خدايار خان محل ۾ داخل ٿيڻ جو دروازو

تاريخ[سنواريو]

خدايار خان جو محل، جنھن کي ڪوڪند اُردا بہ چيو وڃي ٿو، 1870ع جي شروعات ۾ تعمير ڪرايو ويو. اهو ستن محلن جي سلسلي ۾ آخري هو، هر محل پوئين کان وڏو آھي، ۽ ان جو مقصد خان جي طاقت کي پيش ڪرڻ هو.[1] هن محل جو معمار مير عبيدالله هو ۽ چيو وڃي ٿو ته اهو محل 80 ماهر اڏيندڙن ۽ 16000 ڀرتي ٿيل مزدورن جوڙيو هو.[2] آمريڪي سفارتڪار يوجين اسڪيولر هن محل کي "وچ ايشيا جي ڪنھن بہ ٻئي محل کان تمام گهڻو وڏو ۽ وڌيڪ شاندار قرار ڏنو آهي... ان جي تازي ٽائلس، نيري، پيلي ۽ سائي [3] جي سڀني رنگن ۾ روشن ۽چمڪندڙ آهي."

وچ ايشيا تي روس جي فتح دوران، زار جي فوجن ڪوڪند جي خانيت تي قبضو ڪري ورتو ۽ ان کي پنھنجي جاگيري رياست ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. خدايار خان شروع ۾ روس حمايتي موقف اختيار ڪيو پر جلاوطنيءَ تي مجبور ڪيو ويو، جنھن سبب پنھنجي محلات کي پوئتي ڇڏڻو پيس.ان بعد مال لٽجي ويو.

بالشويڪ انقلاب دوران، ڪوڪند ۾ 1917ع-18ع تائين بالشويڪ مخالف عارضي حڪومت هئي. جڏهن بالشويڪن 1918ع ۾ شھر تي قبضو ڪيو، تڏهن هنن محلات جي اڪثر حصي کي ڊاهي ڇڏيو، جنهن ۾ سڄو حرم[4] شامل هو، ۽ لڳ ڀڳ 120 مان فقط 19 اصل حالت ۾ وڃي بچيا.

محل خدا يار خان جي تخت جو نقل
محل خدايار خان جو ھڪ عڪس

وصف[سنواريو]

محلات ڪوڪند جي وچ ۾ خوبصورت باغن جي اندر بيھاريل آهي. ڪل ماڳ چئن هيڪٽرن تي مشتمل آهي، ۽ اصل عمارت 138 ميٽر ڊگهي ۽ 68 ميٽر ويڪر هئي. مکيہ دروازو زمين جي سطح کان 5 ميٽر مٿي آهي ۽ ريمپ ذريعي ان تائين پھچجي ٿو.

سڄو محل ڀرپور نموني سان ٽائل لڳل آهي، جن ۾ جاميٽري نمونن ۽ لکت جو ميلاپ شامل آھي. دروازي جي مٿان هڪ عربي لکت لکيل آهي ”سيد محمد خدايار خان جو بلند محل“. [2] رنگ جي اسڪيم ۾ پيلي ۽ سائي رنگ جو استعمال ھن عمارت کي منفرد (۽ تاريخي) بنائي ٿو ازبڪستان ۾ مليل اڪثر ڪري نيري ۽ فيروزي يادگارن جي ڀيٽ ۾.

بنيادي طور تي محلات ۾ ست صحن ۽ 114 (يا، ڪجهہ حسابن موجب 119) ڪمرا هئا. انھن اصلوڪن حصن مان رڳو 5 صحن ۽ 19 ڪمرا وڃي بچيا آهن. ڪيتريون ئي اندروني شيون بحال ڪيون ويون آهن، ۽ خاص طور تي ڪاٺ جي نقاشي، پينل ٿيل ۽ رنگيل ڇت، ۽ ڀت جي نقاشي جا سٺا مثال آهن. [2] تخت جو ڪمرو برقرار آهي، ۽ توهان هڪ نقلي تخت تي ويھي سگهو ٿا، سينٽ پيٽرسبرگ ۾ هرميٽيج عجائب گهر ۾ آهي.

اڏاوت[سنواريو]

سامان جي نقل ۽ حرڪت لاءِ هڪ هزار گاڏين کي استعمال ڪندي سورھن هزار غلام بڻايل مزدورن يا خريد ڪيل غلامن پاران ٺاهيل محل، اسي ماسٽر اڏيندڙن مختلف رنگن ۽ جاميٽري نمونن، عربن، ۽ گلن جي نقشن سان گڏ هڪ آرائشي ڍانچي کي ڊزائين ۽ تعمير ڪيو، جيڪي سيرامڪ ٽائلس مان ٺھيل آهن ۽ مشرقي ڪھاڻين تي ٻڌل آهن.

خدايار خان محل جي ڇت
Restoration work being carried out on the Khudayar Khan Palace, Kokand, Uzbekistan, in 2008
محل خدايار خان جي ڇت
2008 ۾ خدايار خان محل، ڪوڪند، ازبڪستان جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي.

ھاڻوڪو استعمال[سنواريو]

ھن وقت محل هڪ قومي يادگار ۽ عجائب گهر آهي. اهو عوام لاءِ کليل آهي ۽ رهنمائي پيش ڪندڙ دورا پڻ موجود آهن. محلات ڪوڪند کي بشمول ھٿيارن جي بين الاقوامي ميلي جي ڪيترن ئي تھوارن ۽ واقعن لاءِ جڳھ جي طور تي پڻ استعمال ڪيو ويندو آھي.[5]

حوالا[سنواريو]

  1. "Khudoyar Khan Palace | Uzbekistan Travel". uzbekistan.travel. حاصل ڪيل 2022-06-09. 
  2. 2.0 2.1 2.2 Ibbotson, Sophie (2020). Uzbekistan (3rd ed.). Chesham: Bradt Travel Guides.  حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name ":0" defined multiple times with different content
  3. "Khudoyar-Khan Palace, Kokand, Uzbekistan". uzbek-travel.com. حاصل ڪيل 2022-06-09. 
  4. "Khudoyar Khan Palace | Uzbekistan Travel". uzbekistan.travel. حاصل ڪيل 2022-06-09. 
  5. "Central Asia awakes! The Festival of Handcrafters, Kokand, Uzbekistan | Garland Magazine". garlandmag.com. حاصل ڪيل 2022-06-09.