مواد ڏانھن هلو

خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سانچو:ڏسو لقب

خان-- Khan اھو منگول حاڪمن ۽ فوجي سربراھن جو لقب ھيو. ان لقب جي معني ڪمانڊر، سردار، حاڪم يا بادشاھ وانگر آهي. اھو ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا، اوڀر يورپ، ترڪي ۽ وچ اوڀر ۾ عام آهي.عورتن لاءِ ان جو متبادل خانم ۽ خاتون جو لقب آهي.اصل ۾ اھو زائن بياء ڪنفيڊريشن وارن علائقن جو لقب ھيو جيڪي ھن وقت منگوليا ۽ اتر چين ۾ واقع آھن.[1] [2]انھن علائقن ۾ ھڪ خيال مطابق روران پھريان ھيا جن پنھنجي شھنشاھن لاء خان يا خاغان يا خاقان جا لقب استعمال ڪيا. [3] خانن جي خان کي خاغان جو نالو ڏنو ويو.اھو چين جي 626 کان 649 تائين حڪومت ڪندڙ شھنشاھ ٽيزانگ جو ۽ منگول حاڪمن چنگيز خان جو لقب خاغان ھيو

مسلمانن جي نالن پٺيان گهڻو ڪري ’خان‘ ايندو آهي. جيئن: اسلم خان، افضل خان، اعظم خان وغيره. ’خان‘، ترڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: سردار، رئيس، امير. دراصل ترڪستان ۽ خطا جي بادشاهن جو لقب هو، جو سنڌ جي مسلمانن به، ان اميراڻي روايت کي قائم رکندي، پنهنجي نالي پٺيان ’خان‘ لاڳو ڪيو. ’خان‘ کي ’م“ گڏڻ سان ’خانم‘ مونث ٿيو، جو وڏ گهراڻي عورتن جو لقب اهي. جيئن بلقيس خانم، خورشيد خانم وغيره.[4]

حوالا

[سنواريو]
  1. Henning, W. B., 'A Farewell to the Khagan of the Aq-Aqataran',"Bulletin of the School of Oriental and African studies – University of London", Vol 14, 13, pp. 501–522
  2. Zhou 1985, pp. 3–6
  3. René Grousset (1988). The Empire of the Steppes: A History of Central Asia now. Rutgers University Press. pp. 61, 585, n. 92.. ISBN 0-8135-1304-9. 
  4. سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو