خالد اسحاق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پيدائش: 1926

فيبروري:8 فيبروري 2004

پاڪستان جو ممتاز قانوندان ۽ صفِ اول جو وڪيل ۔ ڪيترن ئي مقدمن جي پيروي ڪئي جن ۾ خاص طور تي حڪومتن جي ڪارروائين جي خلاف اخبارن جو دفاع ۽ وڪالت نمايان رھيا۔ ٻٽيھ سالن جي عمر ۾ اڳوڻي اولھ پاڪستان جو ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل مقرر ڪيو ويو۔ پنج سالن بعد ھن کي ايڊوڪيٽ جنرل بڻايو ويو۔

اڻويھ سو چوھٺ ۾ ھن ان عھدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏيو ۽ نجي وڪالت جو آغاز ڪيو ھن پنھنجي ھڪ ذاتي فرم بہ قائم ڪئي جنھن ۾ عبدالرئوف ۽ ناصر اسلم زاھد ان جا شريڪ ھيا مؤخرالزڪر برد ۾ ھاءِ ڪورٽ ۽ سپریم ڪورٽ جا جج رھيا۔ خالداسحاق اسلامي اسڪالر ھو۔ ھن کي عربي ۽ فارسي ٻولين کان علاوه اسلامي امرن تي انتھائي عبور حاصل ھو۔ ھو ٽن ٽن سالن جي مدتن جي لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو رڪن بہ رھيو۔ ھن جي شاگردن جي ھڪ وڏي تعداد اعليٰ عدالتي عھدن تي فائز رھي۔

خالد اسحاق ھڪ وڏي لائبريري ورثي ۾ ڇڏي۔ جيڪا قانون کان علاوہ ديني، علمي ۽ ٻين موضوعن تي نادر ڪتابن جي تمام وڏي تعداد تي مشتمل آھي ۽ مبصرن جي مطابق ان کي بلاشبہ ملڪ جي سڀ کان وڏي ذاتي لائبريري قرار ڏئي سگھجي ٿي۔ ھن جي زندگي جا آخري ٽيھن پنجٽيھن سال ۾ ھن جي گھر تي ھر آچر تي ھڪ محفل ٿيندي ھئي جنھن ۾ دانشورن، اسڪالرن ۽ لکڻ پڙھڻ وارن جي وڏي تعداد شريڪ ٿيندي ھئي۔ انھن محفلن ۾ ملڪ ۽ ٻاھرين ملڪن جي علمي ۽ ٻين اھم امرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي آھي۔

عمر جي آخري سالن ۾ ھن قانون جي باقاعده پريڪٽس ڇڏي ڏني ھئي پر آخري وقت تائين وڪيلن جي رھنمائي ڪندا رھيا۔ گردن جي بيماري جي وجهه سان وفات ڪئي۔