حيات ڪاٺي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حيات ڪاٺي (اردو ۽ فارسي: چوب حيات، عربي: خشب الحيات) هڪ هلڪي وڻ جي ڪاٺي آهي جنھن مان اگر ڪاٺي جھڙي سڳند اچي ٿي. رنگ ۾ ڀوري، ذائقي ۾ ڪوڙي ٿئي ٿي.

طب[سنواريو]

مزاج: ٻي درجي اندر گرم خشڪ آهي.

مقدار خوراڪ: هڪ ماسي کان ٽي ماسا.

پيدائش: بنارس ۽ گورکپور (ڀارت) ۾ ٿيندي آهي.

خاصيت: هي قابض اثر رکندڙ ۽ زهرن لاءِ ترياق چئي وڃي ٿي، سوڄ کي نيسائڻ لاءِ تمام ڪارگر آهي. نانگ ۽ وڇون وغيره جي ڏنگيل کي پاڻي ۾ گهي پياريندا آهن، ۽ ليپ ڪرائيندا آهن. هن جو مرهم ڦٽ ڇٽائي ٿو. هيضي ۾ جڏهن ڪو الٽيون ڪري ساڻو ٿي پيو هجي، تڏهن استعمال ڪجي تہ آب حيات جو ڪم ڏئي ٿو..[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.