حميد ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هن ليکڪ جو نالو عبدالحميد ابڙو آهي، 2 اپريل 1973ع تي ٺل تعلقي جي ڳوٺ حاجي شاهنواز ڏيئي ۾ علي محمد ابڙي جي گهر ۾ -جنم- ورتائين. پرائمري -تعليم- ڳوٺ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان، انٽر ۽ گريجوئيشن سچل سرمست ڪامرس ڪاليج حيدرآباد مان ۽ ايم اي اڪانامڪس سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. حميد ابڙي 1992ع کان اخبارن ۽ رسالن ۾ پروف ريڊر، ڪمپوزر ۽ سب -ايڊيٽر- طور ڪم شروع ڪيو جنهن دوران سندس ادب ڏانهن دلچسپي وڌي ۽روزاني عبرت، خادم وطن، عبرت مئگزين، ماهوار هزار داستان، سنڌ رنگ ڊائجسٽ ۽ هفتيوار سنڌو ۾ سندس ڪهاڻيون ۽ مضمون ڇپجندا رهيا. حميد ابڙي ڪهاڻين ۾ سماجي قدرن، ديس واسين سان محبت ۽ غريب طبقي جي مسئلن کي اجاگر ڪيو آهي. کيس سندس ٽي وي ڊرامي ”درياهه جو درد“ تي 2004ع ۾ بهترين ڊرامه رائيٽر جو اوارڊ ڏنو ويو. -ان- کانسواءِ 2009ع ۽ 2005ع ۾ -انيس انصاري- اڪيڊمي پاران سندس ڪهاڻي ”مٽي“ ۽ ”سُکا“ تي اوارڊ ڏنا ويا.[1]

حوالا[سنواريو]