حفيظ قريشي (عقيلي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حفيظ قريشي هالا پراڻا جي مشهور علمي ۽ ادبي خاندان آخوند ساوڻيءَ سان تعلق رکندڙ جو جنم، 8 جولاءِ 1959ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. هي عقيلي قريشي خاندان سان تعلق رکي ٿو.

خانداني پس منظر[سنواريو]

سنڌ ۾ سندن وڏو حاجي متين الدين دهليءَ کان اچي هبارين جي دور ۾ آباد ٿيو، سندس ڏاڏو حافظ عبدالحق نياآباد، ڪراچيءَ جي لياري واري علائقي جي خيراڻي مسجد ۾ درس ڏيندو هو ۽ 1914ع کان 1920ع تائين شهر جو قاضي رهيو. جتي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سندس والد قاضي عبدالرحمان برٽش آرمي ڇڏڻ کانپوءِ سيڪشن آفيسر ۽ بجيٽ آفيسر ٿي رهيو. ون يونٽ ٺهڻ کانپوءِ سندس والد پهرين لاهور، پوءِ حيدرآباد، پراڻي وحدت ڪالونيءَ ۾ اچي رهيو.

تعليم[سنواريو]

حفيظ قريشي، پهريون درجو ڪراچيءَ سر عبدالله هارون جي مدرسي مان پاس ڪرڻ کانپوءِ باقي تعليم حيدرآباد ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄام شوري مان حاصل ڪئي. هـن 1982ع ۾ آرڪـيـٽيـڪـچــر ۾ ڊپـلــومـا، 1987ع ۾ ائسـوسيـئيـٽ انجنيئرنگ ۾ چئن سالن جو ڊپلومه سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ڪـراچــيءَ مــان، بـعـد ۾ 1983ع ۾ پوليٽيڪل سائنس، (1992ع) ۽ ماس ڪميونيڪيشن (2006ع) ۾، سنڌي ادب ۾ ماسٽرس کان علاوه 2003ع ۾ قانون جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي. هن جي ابتدائي علمي ۽ ادبي تربيت والده زبيده کان ٿي ۽ سياسي تربيت جا سبق سائين جي. ايم. سيد ۽ پروفيسر سيد ظفر حسن کان حاصل ڪيائين.

سياست[سنواريو]

حفيظ 1978ع ۾ جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ٿيو ۽ جنرل ضياء الحق خلاف پمفليٽ ’اسان ۽ توهان‘ ورهائڻ جي ڏوهه ۾ هڪ سمري ملٽري ڪورٽ نمبر 18 جي ميجر صوفي غلام محمد کيس 15 آڪٽوبر 1981ع تي هڪ سال سخت پورهئي ۽ ڏهن ڪوڙن جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته 7 جنوري 1982ع تي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ نيشنل عوامي پارٽيءَ لاءِ ٺهيل جيل جي ڪورٽ جي چوديواريءَ ۾ ڪوڙا لڳايا ويا. 88-1990ع ۾ کيس بينظير ڀٽو شهيد ڪوڙن جي سزا جي اعزاز طور نوڪري جي آڇ ڪئي جيڪا هن رد ڪئي. اڳتي هلي هن هڪ سماجي تنظيم سنڌي قومي ساٿ جي هلچل ۾ پنهنجي ڀيڻ فهميده قريشيءَ سان گڏجي ڀرپور نموني بهرو ورتو. سنڌ ۾ باندي کيت مزدورن جي آجپي واري تحريڪ کي هَٿِي ڏني.

مزاحمت[سنواريو]

هن پنهنجي ڀيڻ فهميده قريشي سان گڏ سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. 90-1988ع جي نسلي فسادن جي متاثر سنڌين لاءِ حيدرآباد ۾ سحرش نگر آباد ڪرايو جنهن لاءِ هي ٻئي ڀاءُ ڀيڻ اڃا تائين قانوني جاکوڙ ڪري رهيا آهن. هن 1988ع ۾ ٿيل لساني فسادن تي ’ڌرتيءَ ڌڪاڻا‘ ڊاڪيومينٽري فلم ٺاهي. ٽنڊي بهاول واري مشهور سانحي ۾ جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي هڪ ميجر هٿان 10 بيگناهه هارين ۽ پورهيتن جو قتل ٿيو ته حفيظ قريشي ۽ سندس ڀيڻ فهميده قريشي ڳوٺاڻن سان گڏجي آواز اُٿاريو ۽ ٽنڊي بهاول کان حيدرآباد ۽ حيدرآباد کان ايوان صدر اسلام آباد تائين لاڳيتو جاکوڙ ڪئي ۽ حڪمرانن پاران انصاف جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهڻ تي ٻن ڀينرن حاڪمزادي ۽ زيب النساءِ جي خودسوزيءَ کانپوءِ قاتل ميجر ارشد جميل منطقي انجام تي پهتو. اهڙي جاکوڙ جي ڪري رياست پاران قومي ساٿ جي سوين ڪارڪن هارين ۽ ٻين ڪارڪنن سوڌو، حفيظ قريشي، فهميده قريشي، مائي جندو ۽ ٻين تي 19 جڙتو ڪيس مڙهيا ويا، جيڪي 1996ع کان 2000ع تائين هلي پورا ٿيا.

هڪ آرٽسٽ[سنواريو]

حفيظ قريشي آرٽسٽ هئڻ جي حيثيت ۾ مشاهير سنڌ تي به ڪم ڪيو آهي. هن 2003ع ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ ۽ ايلسا قاضيءَ جي 18 پورٽريٽن ۽ 2004ع ۾ سن ۾ سائين جي. ايم. سيد جي 18 پورٽريٽن جو نماءُ ڪيو. جڏهن ته مختلف وقتن تي هن سنڌ جي ٻين مشاهرين، جنرل هوش محمد شيدي، حر تحريڪ جي ڪردارن، محمد صديق مسافر، مولوي احمد ملاح، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مخدوم شفيق الزمان، ملڪ آگاڻي سميت شيخ مجيب الرحمان، خان غفار خان، بينظير ڀٽو ۽ ٻين جا پورٽريٽ ٺاهيا.

تصنيفون[سنواريو]

هن جو هڪ ڪتاب ’کليل خط‘ 1989ع ۾ ڇپيو. سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت دوران مختلف ڪتاب ايڊٽ ڪيا. هن شاعر شهيد غلام رسول مستاني جو مجموعو ’آزادي اعلان اسان جو‘ ترتيب ڏنو. حفيظ قريشي تحقيقي مقالا به لکندو رهيو آهي. هيءُ سنڌ يونيورسٽي جي جاگرافي شعبي ۾ نقشه نويس آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012