حبيب ابراهيم رحمت الله
حبيب ابراهيم رحمت الله | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم | 10 مارچ 1912 ممبئي [1] |
موت | 2 جنوري 1991 (79 سال) ڪراچي |
مناصب | |
سنڌ جو گورنر [2] | |
عهدو جو مدت 12 آگسٽ 1953 – 23 جُونِ 1954 | |
عملي زندگي | |
پيشو | سفير ،سياستدان |
ترميم ![]() |
سنڌ جي اڳوڻي گورنر حبيب ابراهيم، 10 مارچ 1912ع تي بمبئيءَ ۾ جنم ورتو.
تعليم
[سنواريو]بمبئي يونيورسٽيءَ مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين.
خانداني پس منظر
[سنواريو]حبيب ابراهيم جو والد سر ابراهيم رحمت الله 1931ع کان 1933ع تائين مرڪزي قانون ساز اسيمبليءَ جو صدر رهي چڪو آهي.
خذمتون
[سنواريو]حبيب ابراهيم پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ محمد علي جناح جي هدايت تي مسلمانن لاءِ ‘ايوان تجارت ۽ صنعت’ قائم ڪيو. ان کانسواءِ بئنڪاري، جهاز راني ۽ هوائي ڪمپنيءَ جي شعبن ۾ MCB، محمدي ۽NET جو بنياد وڌو. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر رهيو. راندين جي شعبي ۾ به خدمتون سر انجام ڏنائين. 53-1952ع ۾ فرانس ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ٿيو. 1954ع ۾ پهريائين سنڌ ۽ پوءِ پنجاب جو گورنر رهيو. 1955ع ۾ واپار جو وفاقي وزير ٿيو، 1958ع ۾ جنرل ايوب خان کيس ڪراچيءَ جي مسئلن حل ڪرڻ جي ذميواري سونپي. ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو، کيس 1969ع ۾ ريڊ ڪراس جو سربراهه بڻايو ويو ۽ 1972ع ۾ استعيفا ڏنائين. اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي 1987ع ۾ کيس پاڪستان لاءِ ڪيل جدوجهد طور تمغو ڏنو. هن واپار ۽ صنعت کانسواءِ مختلف سماجي ۽ فلاحي ادارن جي قيام لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
وفات
[سنواريو]حبيب ابراهيم رحمت الله 3 جنوري 1991ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.[3]
حوالو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ https://afroasian.mediaplaygrounds.co.uk/
- ↑ subject named as: Habib Ibrahim Rahimtoola — اخذ شدہ بتاریخ: 27 اپريل 2022
- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012