حبيب ابراهيم رحمت الله
Lua error in ماڊيول:Cite at line 25: attempt to call method 'getTitle' (a nil value).
| حبيب ابراهيم رحمت الله | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| شھريت | |
| مناصب | |
| عملي زندگي | |
| پيشو | سفير ،سياستدان |
| ترميم | |
سنڌ جي اڳوڻي گورنر حبيب ابراهيم، 10 مارچ 1912ع تي بمبئيءَ ۾ جنم ورتو.
تعليم
[سنواريو]بمبئي يونيورسٽيءَ مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين.
خانداني پس منظر
[سنواريو]حبيب ابراهيم جو والد سر ابراهيم رحمت الله 1931ع کان 1933ع تائين مرڪزي قانون ساز اسيمبليءَ جو صدر رهي چڪو آهي.
خذمتون
[سنواريو]حبيب ابراهيم پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ محمد علي جناح جي هدايت تي مسلمانن لاءِ ‘ايوان تجارت ۽ صنعت’ قائم ڪيو. ان کانسواءِ بئنڪاري، جهاز راني ۽ هوائي ڪمپنيءَ جي شعبن ۾ MCB، محمدي ۽NET جو بنياد وڌو. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر رهيو. راندين جي شعبي ۾ به خدمتون سر انجام ڏنائين. 53-1952ع ۾ فرانس ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ٿيو. 1954ع ۾ پهريائين سنڌ ۽ پوءِ پنجاب جو گورنر رهيو. 1955ع ۾ واپار جو وفاقي وزير ٿيو، 1958ع ۾ جنرل ايوب خان کيس ڪراچيءَ جي مسئلن حل ڪرڻ جي ذميواري سونپي. ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو، کيس 1969ع ۾ ريڊ ڪراس جو سربراهه بڻايو ويو ۽ 1972ع ۾ استعيفا ڏنائين. اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي 1987ع ۾ کيس پاڪستان لاءِ ڪيل جدوجهد طور تمغو ڏنو. هن واپار ۽ صنعت کانسواءِ مختلف سماجي ۽ فلاحي ادارن جي قيام لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
وفات
[سنواريو]حبيب ابراهيم رحمت الله 3 جنوري 1991ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.[1]
حوالو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012