حامد علي مرزا (جسٽس)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حامد علي مرزا (جسٽس)
(اردو ۾: حامد علی مرزا خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
معلومات شخصيت
ڄم 14 سيپٽمبر 1940   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
جيڪب آباد   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
تاريخ موت 23 آڪٽوبر 2017 (77 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي

جسٽس حامد علي مرزا 14 سيپٽمبر 1940ع تي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.

تعليم[سنواريو]

1954ع ۾ مئٽرڪ، 1959ع ۾ بي. ايس. سي ۽ 1961ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. بي جي ڊگري ورتائين.

وڪالت[سنواريو]

1961ع کان 1973ع تائين وڪيل طور خدمتون سر انجام ڏنائين. ڊسمبر 1973ع کان 1976ع تائين صوبائي جوڊيشل سروس ۾ بطور سينيئر سول جج ۽ اسسٽنٽ سيشن جج طور مقرر رهيو ۽ فيبروري 1976ع ۾ کيس ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طور ترقي ڏني وئي، ان دؤران هن ڪراچي، سکر، نوابشاهه ۽ ٻين هنڌن تي خدمتون انجام ڏنيون.

شادي[سنواريو]

سندس شادي ٺٽي ضلعي جي بخاري سيدن مان ڊاڪٽر قمر شاهه سان ٿيل آهي، جيڪا سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر آر. اي. شاهه جي ڀيڻ آهي.

جج طور[سنواريو]

جسٽس حامد علي 1983ع ڌاري ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طور ترقي ماڻي. هيءُ 2 ڀيرا 26 مارچ 1983ع کان سيپٽمبر 1984ع ۽ جون 1994ع کان اپريل 1995ع تائين هاءِ ڪورٽ سنڌ جو رجسٽرار به رهيو، تنهن کان سواءِ سيپٽمبر 1991ع کان هڪ سال لاءِ لوڪل ڪائونسل جي ايپليٽ ٽربيونل جو چيئرمئن به رهيو. 10 اپريل 1995ع تي جسٽس حامد علي مرزا کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو. هيءُ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪٽ جو ميمبر، آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو ٽرسٽي ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر پڻ رهيو. 28 اپريل 2000ع کان سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو. جتان 2005ع ۾ ريٽائر ٿيو. جڏهن ته مارچ 2009ع ڌاري صدر آصف علي زرداريءَ کيس چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011