حاجي غلام حسين انڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جو مشهور سياستدان حاجي غلام حسين -انڙ- -اپريل- 1948ع ڌاري ڳوٺ علي -آباد-، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ زميندار گھراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد وڏيرو غلام عمر خان -انڙ- تر جو ناليوارو سياستدان ۽ زميندار ٿي گذريو آهي. سندس ڏاڏو فقير محمد خان -انڙ- به سياسي حوالي سان تر جو مشهور ماڻهو هو، جنهن کي -انگريز- دور ۾ ”خانبهادر“ جو لقب مليو هو. حاجي غلام حسين -انڙ- ابتدائي -تعليم- نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. گريجويشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. شروع کان وٺي سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ دلچسپي وٺندو هو. هن سياسي ڪيريئر جي شروعات بلدياتي چونڊن ۾ ڪائونسلر چونڊجڻ سان ڪئي. 1983ع ۾ تعلقي ڪائونسل جو چيئرمئن ٿيو. 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ پهريون دفعو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1988ع ۽ 1990ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي -ٽڪيٽ- تي ايم.پي.اي چونڊيو. انهن ئي سالن ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو بنا مقابلي چيئرمئن به ٿيو. 1992ع ۾ مسلم ليگ (فنڪشنل) جي -ٽڪيٽ- تي ايم. پي. اي لاءِ چونڊ وڙهيو، پر پ پ پ اميدوار کان هارائي ويو. 1992ع ۾ هو مسلم ليگ (فنڪشنل) لاڙڪاڻي ضلعي جو صدر چونڊيو. هن ضلعي سطح تي سياست ڪرڻ ۽ ضلعي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ”لاڙڪاڻو -اتحاد-“ قائم ڪيو. جنهن کي پ پ مخالف محاذ تصور ڪيو ويو. 1990ع ۾ هو مشهور ”-انڙ- ڪيس“ ۾ گرفتار ٿيو. ڄام صادق علي جي نگران وزير اعليٰ ٿيڻ بعد سندس حمايت سان آزاد ٿيو. 22 مارچ 1994ع تي کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ۽ 22 مهينا قيد رهيو. 22 ڊسمبر 1995ع تي آزاد ٿيڻ کانپوءِ 25 -جنوري- 1996ع تي وفات ڪيائين. سندس -ڀاءُ- الطاف -انڙ- به مشهور سياستدان آهي، جيڪو اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ صوبائي وزير رهي چڪو آهي. سندس فرزند شفقت حسين -انڙ- ڏوڪريءَ جو اڳوڻو تعلقي ناظم رهي چڪو آهي، هينئر سندس سياسي وفاداريون -پاڪستان- پيپلز پارٽيءَ سان آهن.[1]

حوالا[سنواريو]