حاجي خير محمد عباسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حاجي خير محمد عباسي نقشبندي مجددي بخشي طاهري حيدرآباد جو هڪ صوفي بزرگ هو. پاڻ نقشبندي طريقي سان لاڳاپيل هو ۽ درگاهه الله آباد شريف (ڪنڊيارو) جي باني پير سهڻا سائين ۽ سندس گادي نشين پير سڄڻ سائين جو خليفو هو. پاڻ 2011 ۾ وفات ڪيائين ۽ حيدرآباد شهر ۾ گاڏي کاتي جي علائقي ۾ حيدر چوڪ جي ويجهو عمر اسلام مسجد ۾ دفن ٿيل آهي. سندس جنازي نماز سندس مرشد سڄڻ سائين عيدگاھ، قاسم آباد ۾ پڙهائي جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا.