جھاد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

اسلام ۾ جهاد جو تصور:(انگريزي: Concept of Jihad in Islam )جهاد ظلم ڪرڻ نه بلڪه ظلم روڪڻ جو نالو آهي.

"اُذِنَ لِلَّـذِيْنَ يُقَاتَلُوْنَ بِاَنَّـهُـمْ ظُلِمُوْا ۚ وَاِنَّ اللّـٰهَ عَلٰى نَصْرِهِـمْ لَقَدِيْرٌ". (سورت الحج 39) ترجمو:" جن سان (ڪافر) وڙھندا آھن تن کي (جھاد لاءِ) انھيءَ ڪري موڪل ڏني وئي جو انھن تي ظلم ڪيو ويو آھي، ۽ بيشڪ الله کين مدد ڏيڻ تي وس وارو آھي".

— القرآن

جهاد جو مقصد ملڪ گيري ۽ ٻين ملڪن کي مغلوب ۽ زليل ڪرڻ نه بلڪه دين اسلام کي غالب ڪرڻ ۽ حفاظت ڪرڻ آهي.

"اَلَّـذِيْنَ اٰمَنُـوْا يُقَاتِلُوْنَ فِىْ سَبِيْلِ اللّـٰهِ ۖ وَالَّـذِيْنَ كَفَرُوْا يُقَاتِلُوْنَ فِىْ سَبِيْلِ الطَّاغُوْتِ"(سورت النساء 76) ترجمو:" جيڪي مؤمن آھن سي الله جي واٽ ۾ وڙھندا آھن، ۽ جيڪي ڪافر آھن سي شيطان جي واٽ ۾ وڙھندا آھن".

— القرآن

اھو خيال آهي ته جتي وعظ نصيحت جو هٿيار نٿو هلي جنگ ضروري ٿيو وڃي. اهنسا ۽ عدم تشدد جو فلسفو هر جاء تي ڪارگر نٿو ٿئي. دنيا جو ڪو به مذهب اهڙو ناهي جيڪو جنگ جو مڪمل انڪاري هجي. يهودين جي ڪتاب ۾ بي رحمانه جنگ جو تصور ملي ٿو. بائبل ۾ آهي ته " جڏهن توهان" يرون" کان پار ٿي" ڪنعان " ۾ داخل ٿيو ته سڀني بتن کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ زمين جي باشندن کي هتان ڀڄايو، هنن جون مورتيون فنا ڪريو ۽ جا تيار ڪيل بت ٽوڙي ۽ سندن جايون ڊاهي ڇڏيو هت رهندڙن کي ٻاهر ڪڍي پاڻ هت رهو (استثناء). هندو مذهب به پاڻ کي اهنسا ۽ عدم تشدد مذهب ڄاڻائي ٿو، پر هندن جي تاريخ پڻ جنگن سان ڀريل آهي. "رامائڻ" ۾ شري رام جا واقعات ۾ رام ۽ راوڻ جي جنگ بابت حوالا ملن ٿا. "گيتا" جا هندن جو مقدس ڪتاب آهي ۾ ڪوروئن ۽ پانڊوئن جي جنگ جو داستان ملي ٿو. هنن حوالن سان ڪير چوندو ته هندن وٽ جنگ جو تصور آهي ئي ڪون. اسلام به جهاد جو حڪم ڏئي ٿو، پر هن جي معني اها به ناهي ته جيڪو غير مسلم نظر اچي ماريو ويندو، بلڪه قرآن حديث جي روشني ۾ فقهاء امت غير مسلمن کي ٽن درجن ۾ تقسيم ڪيو آهي. ذمي، معاهد ۽ حربي

1.مسلم ملڪ جي غير مسلم شهري کي "ذمي" چئبو آهي. بعض ماڻهو چون ٿا ته ذمي چوڻ تحقير ۽ تذليل جي ذمري ۾ اچي ٿو حالانڪه حقيقت ۾ ائين ناهي. ذمي عربي زبان ۾ "عهد" جي معني آهي ۽ ذمي جو معني آهي، مسلمانن طرفان اهو عهد هجي جنهن سان اهي هڪ ٻي سان پرامن طريقي سان رهندا ۽ هڪ ٻي جي حقن جي پاسداري ڪندا. ذمي جو جان، مال ۽ عزت آبرو جي حفاظت جو ايترو حق آهي جيترو مسلمانن جو.

2. غير مسلمن جو ٻي قسم آهي "معاهد" يعني اهي غير مسلم جيڪي غير مسلم ملڪ ۾ رهندا هجن، هن ملڪ جو مسلم ملڪ سان امن جو معاهدو هجي. اهي به هڪ طرح سان ذمي ئي هوندا آهن، جنهن جو جان مال ۽ عزت آبرو مسلمانن جيان هوندا آهن ۽ اهو به جائز ناهي ته معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وڃي.

3. غير مسلم جي ٽي قسم اها آهي جنهن کي "حربي" چئبو آهي. يعني اهي غير مسلم جيڪي غير مسلم ملڪ جا شهري هجن ۽ هن ملڪ جو مسلم ملڪ سان امن جو معاهدو نه هجي ۽ اهي مسلمانن سان مهاڏو اٽڪائيندا رهندا هجن ۽ جيڪي اسلام ۽ انسانيت لاء غارت گري لاء اڳڀرا رهندا هجن. اسلام صرف اهڙن تي تلوار کڻڻ جي اجازت ٿو ڏئي. ان هوندي اسلام ئي اهو مذهب آهي جنهن سب کان اڳ جنگ جا مهذب قانون مرتب ڪيا.

پاڻ رسول ﷺ فرمايو ته:

چرچ ۽ مذهبي عبادت خانن سان تعلق رکندڙ شخصن کي قتل نه ڪيو وڃي.

پوڙهڻ، عورتن ۽ ٻارن کي قتل نه ڪيو وڃي.

مقتولين جو مثلو(عضوا ڪٽڻ) کان منع ڪيائون.

ڪنهن کي باه ۾ نه وڌو وڃي.

ڪنهن کي ٻڌي نشانو نه هنيو وڃي

— حديث

دشمنن مٿان فتح حاصل ڪرڻ بعد رسول الله ﷺ فراخدلانه سلوڪ ۽ عفو درگزر جو رستو اختيار فرمايو، جنهن جو مثال فتح مڪه ۾ ڏسڻ وٽان آهي. مشرڪين مڪي وارن رسول ﷺ ۽ سندس اصحاب سڳورن مٿان ڇا ڇا نه ظلم ڪيو. پر رسول ﷺ انتقام وٺڻ بجاء عام معافي جو اعلان ڪيو. غزوه بدر 70 قيدي هن شان سان آزاد ڪيا ويا جو سندن ڪپڙا سبي پارايا ويا، قيدين کي صحابن ۾ ورهائي هنن جي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرايو . غزوه حنين ۾ 6000 فوجي گرفتار ٿيا، پاڻ ﷺ بغير ڪجه وٺي کين آزاد ڪيو. غور ڪيو پيغمبر اسلام جو حسن سلوڪ، ٻي طرف شرافت ۽ انسان دوستي جو اهو حال آهي جو نپولين 4000 فوجين کي هن ڪري مارايون جو سندن کي کارائڻ ٻوجه سمجهيائين. اسلام جي جهاد جو تصور جو پس منظر جو ذڪر هت مناسب هوندو، غزون ۽ سرين (صحابن جي اڳواڻي ۾) ڪل 82 جنگون آهن، جن ۾ مسلمام شهيد 259 آهن ۽ غير مسلم 759 آهن ۽ هاڻي هن جو تقابل ڪيو جيڪي ٻين قومن ۾ پيش آيون. هندو تاريخ مطابق "مها ڀارت" جي جنگ ۾ لکين ماڻهو ماريا ويا. عيسائي دنيا جي ڪليسائي نظام جي زماني ۾ مذهبي عدالتن جي قتل جي حڪم تحت هڪ ڪروڙ ويه لک ٻڌايو ٿو وڃي جن ۾ 32 هزار کي زنده باه ۾ وڌو ويو. بيت المقدس تي جڏهن عيسائن قبضو ڪيو ته بلا امتياز 70 هزار مرد عورت ۽ ٻارن کي شهيد ڪيو ويو، ۽ جڏهن بيت المقدس تي وري صلاح الدين غازي فتح ڪيو ته عام معافي جو اعلان ڪيو، عيسائي يهودين سان رهڻ پسند نه ڪندا هئا، ٻنهي کي الڳ علائقن ۾ رهائڻ جو بندوبست ڪيائين. پهرين جنگ عظيم ۾ مرندڙن جي تعداد 74 لک ٻڌائي ٿي وڃي، ٻي عالمي جنگ. روس انقلاب ڪروڙين ماڻهو قتل ڪيا ويا.