جيمس برنس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جيمس برنس مشهور انگريز ليکڪ ۽ سياح هو، جيڪو ڪجهه عرصو سنڌ ۾ رهيو. هن پنهنجن بالا عملدارن (انگريز حاڪمن) کي سنڌ بابت معلومات ڏيڻ لاءِ هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو عنوان هو: “A Narrative of a Visit of Court of Sindh: A Sketch of the History of Cutch.” هيءُ ڪتاب 1831ع ۾ انگلنڊ ۾ شايع ٿيو، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو محمد حنيف صديقيءَ ڪيو ۽ اهو ڪتاب ”سنڌ جي درٻار“ جي عنوان سان، سنڌي ادبي بورڊ 1966ع ۾ ڇپايو. ان ڪتاب جي مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن ڪتاب جا اڄ تائين چئن کان وڌيڪ ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. جيمس برنس هيءَ معلومات انگريز حاڪمن کي ان وقت ڏني هئي، جڏهن سنڌ اڃا انگريزن جي قبضي ۾ نه آئي هئي. سنڌ تي حملو ڪرڻ کان اڳ کين سنڌ ملڪ بابت هر قسم جي معلومات گهربل هئي، ۽ جيمس برنس کي پنهنجن اعليٰ عملدارن جي خوشنودي درڪار هئي؛ ان ڪري سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن ڏانهن هن جو رُخ همدرديءَ وارو نه هو. اهوئي سبب آهي جو هن ڪتاب ۾ ٽالپر حڪمرانن لاءِ اڻ سونهائيندڙ لفظ استعمال ڪيا آهن. جيمس برنس، ڀُڄ جي سفارتخاني مان 10 جون 1828ع تي ڪڇ جي سفير ڏانهن هڪ خط لکي، سنڌ جي سفر جي تازي معلومات موڪلي ۽ اميد ڏيکاري ته انگريز حاڪمن لاءِ اها معلومات ڪارآمد ٿيندي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "برنس جيمس". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. حاصل ڪيل جنوري 13، 2018ع.  Check date values in: |access-date= (مدد)