مواد ڏانھن هلو

جوڪو ودودو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جوڪو ودودو
انڊونيشيا جو ستون صدر
عهدي ۾
20 آڪٽوبر 2014
نائب صدريوسف ڪالا
معارف امين (چونڊيل)
کان اڳسسيلو بمبانگ يوڊويونو
جڪارتا جو 14 ھون گورنر
عهدي ۾
15 آڪٽوبر 2012 – 16 آڪٽوبر 2014
نائبباسوڪي تیحییٰ پرناما
کان اڳفعوزي بووو
کان پوءِباسوڪي تیحییٰ پرناما
سوراڪارتا جو 15ھون ميئر
عهدي ۾
28 جولاء 2005 – 1 آڪٽوبر 2012
نائبايف ايڪس ھادي ردياتمو
کان اڳسليمت سريانتو
کان پوءِايف ايڪس ھادي ردياتمو
ذاتي تفصيل
ڄائوموليونو
(1961-06-21) 21 June 1961 (age 65)
سوراڪارتا, انڊونيشيا
سياسي پارٽيPDI-P
زال/مڙساريانا (ش. 24 ڊسمبر 1986)
ٻارجبران رڪابومنگ
ڪاھيانگ آيو
ڪيسنگ پنگريپ
ماءُسوييئاتمي
پيءُوديياتنو نوتوميھريو
رهائشبوگور محل
الما ميٽرگجا مادا يونيورسٽي
دستخط
ويب سائيٽPresidential website

جوڪو ودودو (انگريزي: Joko Widodo) جنھن جو جنم نالو موليونو آهي[1] (پ:21 جون 1961) ۽ جوڪووي نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي، انڊونيشيا جو سياستدان ۽ ملڪ جو ستون صدر آھي. ھن جولاء 2014ع ۾ صدارتي چونڊ کٽي پھريون صدر ٿيو جنھن جو تعلق اشرافيه يا فوج سان نہ آهي. شروع ۾ 2005ع کان 2012ع تائين ھي سوراڪارتا شھر جو ميئر ھيو جنھن بعد 2014ع تائين جڪارتا جو گورنر رھيو. 2009ع ۾ سوراڪارتا جي ميئر واري ڪم ۾ کيس قومي سڃاڻپ ملي. سندس تعلق انڊونيشين ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف اسٽرگل سان آهي.[2][3][4][5] جڪارتا جي گورنري ۾ ھن شھر جي بيوروڪريسي کي بھتر ڪيو ۽ رشوت خوريءَ ۾ ڪمي آندي. ھن شھر جي معيار زندگي کي بھتر بنائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. ھن شھر جو سب وي سسٽم جي تعمير جي شروعات ڪئي[6]. اھڙي طرح ھي انڊونيشيا جي سياست ۾ ھڪ ستارو بڻجي اڀري آيو ۽ ملڪ جو صدارتي اميدوار ٿي چونڊون کٽي آيو[7] وڏي اڪثريت حاصل ڪندي 22 جولاء 2014ع ۾ ملڪ جو صدر ٿيو[8][9] صدر جي حيثيت ۾ ھن ملڪ جي انفرا اسٽرڪچر تي ڌيان ڏنو. ملڪ ۾ وڏن روڊن جي تعمير، تيز ريلوي نظام، ايئرپورٽن جا ڊگھن منصوبن وارا پراجيڪٽ منظور ڪيا. ا[10] ملڪ جي سالميت جي دفاع بہ ھن جي پاليسي جو اھم حصو آهي،[11] جنھن ۾ غيرقانوني ڌارين مڇي جي ٻيڙن کي نشانو بنائڻ[12] منشيات جي سمگلرن ڳريون سزائون ڏيڻ شامل آھي باوجود ان جي تہ آسٽريليا ۽ فرانس کي انھن سزائن تي سخت اعتراضن آھي.[13][14] اپريل 2019ع ۾ ھي ٻيھر ملڪ جو صدر چونڊجي آیو.[15]

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "Name".
  2. ↑ Tempo.Co. "Asal Mula Basuki Tjahaja Dipanggil Ahok | balaikota | tempo.co". Tempo News. 21 October 2016 تي حاصل ڪيل.
  3. ↑ "Naik Kopaja, Jokowi – Ahok Daftar Jadi Cagub DKI" (Indonesian ۾). Tempo. 19 March 2012.{{cite web}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو)
  4. ↑ "Editorial: Jokowi's real battle". The Jakarta Post. 22 September 2012. 3 December 2016 تي حاصل ڪيل.
  5. ↑ Banyan (21 January 2014). "No ordinary Jokowi". The Economist. 31 August 2017 تي حاصل ڪيل.
  6. ↑ "Indonesia's rock governor". www.aljazeera.com. Al Jazeera. 4 April 2014. 31 August 2017 تي حاصل ڪيل.
  7. ↑ 'Governor of Jakarta Receives His Party’s Nod for President', The New York Times, 14 March 2014.
  8. ↑ "Jakarta governor Widodo wins Indonesian presidential election". Indonesia News.Net. اصل نسخو مان 20 October 2014 تي محفوظ ڪيل. 23 July 2014 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Italic or bold markup not allowed in: |publisher= (مدد); More than one of |archivedate= and |archive-date= specified (مدد); More than one of |archiveurl= and |archive-url= specified (مدد); Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  9. ↑ Thatcher, Jonathan; Kapoor, Kanupriya (23 July 2014). "Indonesian president-elect Jokowi calls for unity after bitter election". Reuters. 31 August 2017 تي حاصل ڪيل.
  10. ↑ hermes (27 January 2018). "Jokowi chasing $196b to fund 5-year infrastructure plan". The Straits Times. 22 April 2018 تي حاصل ڪيل.
  11. ↑ حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "sovereignty".
  12. ↑ Chan, Francis (2 April 2017). "Indonesia blows up and sinks another 81 fishing boats for poaching". Straits Times. 31 August 2017 تي حاصل ڪيل.
  13. ↑ حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "balinine".
  14. ↑ Halim, Haeril (22 July 2017). "Jokowi orders police to gun down foreign drug traffickers". The Jakarta Post. 31 August 2017 تي حاصل ڪيل.
  15. ↑ "Joko Wins Re-Election in Indonesia, Defeating Hard-Line Former General". The New York Times. 20 May 2019. 21 May 2019 تي حاصل ڪيل.