مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

جوکار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جوکار (ع. شخارابيض، فارسي: جوکهار، هندي/اردو وغيره: جوکهار ۽ ڪجن) چينيءَ جي ٽڪرن وانگر هڪڙي قسم جي اڇي کار آهي، ڪي چون ٿا تہ لوڻ جو قسم آهي. (درحقيقت جيئن ٻين دوائن جو لوڻ وٺبو آهي تيئن هي جـَـوَن جو لوڻ آهي)[1]

طب[سنواريو]

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: الٽين کي، ميل: طباشير ۽ کؤنر، عيوض: لوڻ ڪارو، وزن: چئن رتين کان هڪ ماسو.

خاصيت: معدي ۽ هاضمي کي طاقت ڏئي ٿو، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو. پيشاب جاري ڪري ٿو، پرميل، ۽ مثاني جي ڦٽ لاءِ مفيد آهي. مثاني ۽ گردي جي پٿريءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪري پيشاب جي رستي ٻاهر ڪڍي ٿو، رحم جي رطوبت کي سڪائي ٿو، کنگهہ، جگر جي سدن، جلندر ۽ سلسلبول لاءِ فائديمند آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.