جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي پاڻي جي جھاز جو ٺاھيل نقل.ڪمپني جھازن جو نالو ايسٽ انڊيا مينرکيو ھو.نيدرلينڊز جي ھيء ڪمپني1602 ۾ ٺھي ۽ دنيا جي پھرين منظم ۽ جديد جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني ھئي [1][2][3][4][5][6][7][8][9]

مشترڪ سرمائي واري ڪمپني يا جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني (انگريزي ٻولي: Joint-stock Company)، ھڪ اھڙي ڪاروباري ھستي يا وجود (انگريزي ٻولي: Entity) جو نالو آهي، جنھن ۾ ڪمپني جي سرمايي يا موڙي (انگريزي ٻولي: Stock) جي حصيدار خريد ۽ فروخت ڪري سگھن ٿا. ان ڪمپني جو ھر حصيدار ڪمپني جي سرمايي يا اسٽاڪ جو جزوي مالڪ ھوندو آھي ۽ انجي ان حصي جو مالڪي وارو سرٽيفڪيٽ پڻ جاري ٿيندو آهي، سرمائي جي سيڙپ جي عيوض ان سرٽيفڪيٽ آف انڪارپوريشن ذريعي اھو ڪمپني ۾ شامل ٿي ويندو آهي [10] حصيدار پنھنجي ان حصي کي ڪنھن ٻئي کي وڪڻي منتقل ڪري سگھندو آھي ۽ ان منتقلي سان ڪمپني تي ڪوبہ اثر نہ پوندو آھي.[11]

جديد دؤر ۾ آبادي جي اضافي ۽ ان جي ضرورتن جي دائري جي وسعت ۽ ضرورت جي شين جي طلب ۾ اضافي جي ڪري وڏي سرمائي جي ضرورت پئي ٿي جيڪو ڪنھن ھڪ شخص يا ڪنھن ھڪ گروھ جي وس جي ڳالهه ناهي ان صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ گڏيل يا مشترڪ سرمائي واريون ڪمپنيون وجود ۾ آئيون.اھا مشترڪ سرمائي جي ڪمپني قانون ۾ ھڪ مصنوعي شخصيت تصور ڪئي ويندي آھي جيڪو اصل ۾ حقيقي ماڻھن تي مشتمل ھڪ گروھ ھوندو آھي جنھن کي قانون ھڪ مخصوص نالي سان ھڪ شخص تصور ڪندو آھي جنھن جي نمائندگي ڪمپني جا ڊائريڪٽر ڪندا آهن. ڪمپني جو پنھنجو وجود ان جي ٺاھيندڙن يا مالڪن جي وجود کان علحده ھوندو آھي ان ڪري مالڪن يا حصيدارن يا ڊائريڪٽرن جي بدلجڻ سان ڪمپني جي وجود تي ڪو اثر نہ پوندو آهي.ڪمپني جو وجود مصنوعي ھجڻ جي باوجود قانون ۾ ڪمپني کي اصلي وجود رکندڙ شخصن وانگر حق ۽ ذميداريون ھونديون آھن. ڪمپني ڪنھن تي بہ دعوا ڪري سگھي ٿي ۽ ڪمپني تي بہ ڪو دعوا ڪري سگھي ٿو. حصيدار جو وجود الڳ ھجڻ ڪري اھو بہ ڪمپني تي دعوا ڪري سگھي ٿو. ڪمپني مصنوعي شخصيت ھجڻ جي ڪري دستخط نہ ٿي ڪري سگھي تنھنڪري ڪمپني جي ھڪ مشترڪ مھر ٿيندي آھي جيڪا ڪمپني جي سيڪريٽري جي نگراني ۾ ھوندي آھي جيڪو ان جو استعمال بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي مرضيءَ سان ڪندو آهي جڏھن بہ ان مھر کي ڪنھن دستاويز تي لڳائبو آھي تہ ڪمپني جا ٻہ ڊائريڪٽر شاھدن جي حيثيت ۾ اتي صحيح ڪندا آهن.جيئن تہ ڪمپني جو ھڪ الڳ مصنوعي وجود ھوندو آھي تنھن ڪري ڪمپني طرفان کنيل قرض بہ ڪمپني جي ذميداري ھوندا آھن ۽ انھن قرصن جو حصيدار ذميدار نه ھوندو آھي. ان جي ذميداري ان جي حصي تائين محدود ھوندي آھي . جيڪڏھن ڪمپني مالي گھوٽالي جو شڪار ٿئي ٿي تہ حصيدار صرف پنھنجي حصي جيترو ذميداري ۾ ٻڌل رھندو ان کان وڌيڪ ذميداري صرف ڪمپني جي ھوندي آھي. ڪمپني جو وجود مسلسل ھوندو آھي ڪنھن بہ حصيدار يا ڪمپني جي ڊائرہڪٽر جي موت سا ڪمپني جي وجود تي ڪو اثر نه پوندو آھي.جيڪڏھن ڪنھن حصيدار جو ڏيوالو نڪري ٿو تہ ڪمپني تي ڪوبہ اثر نہ ٿيندو.ھن دؤر جي ڪارپوريٽ يا ڪمپنين جي قانون ۾ جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني جو بدل انڪارپوريشن ۽ محدود ذميداري (limited liability) آھي تنھن ڪري جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني ھاڻي ڪارپوريشن ۽ لميٽيڊ ڪمپني کي چئبو آهي.
جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني کي حصيدار نہ پر انھن طرفان چونڊيل ڊائريڪٽر ھلائيندا آهن جن جي چونڊ سالياني عام گڏجاڻي ۾ ٿيندي آهي. حصيدار کي سالياني رپورٽ کي منظور ڪرڻ يا رد ڪرڻ لاء ۽ کاتن جي چڪاس (audit) لاءِ ووٽ جو حق رکندا آهن.

  1. Morck, Randall; Yeung, Bernard: Agency Problems and the Fate of Capitalism. (Cambridge, MA: National Bureau of Economic Research, Working Paper No. 16490, Issued in October 2010)
  2. Funnell, Warwick; Robertson, Jeffrey: Accounting by the First Public Company: The Pursuit of Supremacy. (Routledge, 2013, ISBN 0415716179)
  3. Steensgaard, Niels (1982), 'The Dutch East India Company as an Institutional Innovation,'; in Maurice Aymard (ed.), Dutch Capitalism and World Capitalism / Capitalisme hollandais et capitalisme mondial (Studies in Modern Capitalism / Etudes sur le capitalisme moderne), pp. 235–257
  4. Hawley, James P.; Williams, Andrew T.: The Rise of Fiduciary Capitalism: How Institutional Investors Can Make Corporate America More Democratic. (University of Pennsylvania Press, 2000, ISBN 9780812235630), p. 44
  5. Ferguson, Niall (2002). Empire: The Rise and Demise of the British World Order and the Lessons for Global Power, p. 15.
  6. Smith, B. Mark (2003). A History of the Global Stock Market: From Ancient Rome to Silicon Valley. (University of Chicago Press, ISBN 9780226764047), p. 17
  7. Von Nordenflycht, Andrew (2011), 'The Great Expropriation: Interpreting the Innovation of “Permanent Capital” at the Dutch East India Company,'; in Origins of Shareholder Advocacy, edited by Jonathan G.S. Koppell. (Palgrave Macmillan, 2011), pp. 89–98
  8. Clarke, Thomas; Branson, Douglas (2012). The SAGE Handbook of Corporate Governance (Sage Handbooks). (SAGE Publications Ltd., ISBN 9781412929806), p. 431
  9. Vasu, Rajkamal (November 19, 2017). The Transition to Locked-In Capital in the First Corporations: Venture Capital Financing in Early Modern Europe. (Kellogg School of Management, Northwestern University)
  10. Courtney, Thomas B.. The Law of Private Companies (2nd ed.). p. 26. ISBN 1-85475-265-0. 
  11. "Joint Stock Company". West's Encyclopedia of American Law. Retrieved 4 May 2012.