جهنجهوٽي
راڳ | |
![]() | |
فهرست ٺاٺ | |
جهنجهوٽي، کماچ ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي، ٻئي گنڌارون ۽ ٻئي نکادون لڳائجن ٿيون. مندرستان جي پنچم کان مڌ مستان جي راکب تائين مينڍ هن راڳ جي خاص تان آهي.
خاص تان[سنواريو]
هن جي خاص تان،سا، ري، ماگي ري سا، نا، ڌي پا، ڌي سا، ري ماگي، ما گي ري سا، آهي.
آروهي[سنواريو]
هن جي آروهي ڌي سا ري ماگي، ماپا ڌي ني سا آهي.
امروهي[سنواريو]
امروهيءَ سا نا ڌي پا ماگي ري سا آهي.
وادي، سموادي[سنواريو]
جڏهن ته وادي سُر گنڌار ۽ سموادي سُر ڌيوت اٿس.
وقت[سنواريو]
راڳ ساگر جي مصنف وادي سُر رکب ۽ سموادي سُر ڌيوت لکيو آهي. هيءَ راڳڻي رات جي وقت ڳائي ويندي آهي.[1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012