مواد ڏانھن هلو

بڀاس (راڳڻي ماروا ٺاٺ)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
راڳ
فهرست ٺاٺ
ڪلياڻ ٺاٺ
• ايمن ڪلياڻ • ڀوپالي
پيرون ٺاٺ
• ڀيروي • گن ڪالي • للت • مالڪوس
ٽوڊي ٺاٺ
• ميان جي ٽوڊي • ملتاني
کاڊيو ٺاٺ
• راڻو
کلچ ٺاٺ
• راگيشري • تلنگ • تلڪ جو مود • جهنجهوٽي
ماروا ٺاٺ
• ماروا • پوريا
آساوري ٺاٺ
• آساوري • درٻاري
بلاول ٺاٺ
• ڪيدارا • پهاڙي • ڀاڳ
پوربي ٺاٺ
• پوريا ڌناسري • بسنت
ڪافي ٺاٺ
• شدھ بهار • پیلو • ڀيم پلاس

بڀاس راڳڻيءَ جا کوڙ اصول آهن، جن تي ڳائجي ٿي. ماروا ٺاٺ ۾ سمپورن آهي. اترانگ تي گهڻو زور اٿس. گنڌار، پنچم ۽ مڌم، ڌيوت جي سنگت رهي ٿي. هن کي بلمپت لئي ۾ ڳائڻ گهرجي. هڪ شاستر ۾ پنچم جو سُر نياس ڏيکاريل آهي. مڌم ۽ نکاد ورج ۽ مڌم نکاد جي سنگت ڏيکاريل آهي. پر انھيءَ مت سان راڳڻيءَ کي جيت کان الڳ ڪري ڪو نہ سگهبو. پور وانگ ۾ گوري ۽ اترانگ ۾ ديسڪار ملائڻ سان بڀاس جو روپ ٺھي ٿو.

هن راڳڻي جي خاص تان:پا گي پا- پا ڌي- مي ڌي مي گي - پا گي را سا- ني را گي گي پا گي را سا- پا پا گي را سا آهي.

هن جي آروهي: سا ر اسا- گي پا ڌي پا - ڌي سا، ۽

امروھي: ساني ڌي پا- مي گي- پا گي- پا گي را سا آهي، جڏهن تہ وادي سُر ڌيوت ۽ سموادي سُر گنڌار آهي.

هن راڳڻيءَ جو ذڪر راڳ ساگر ۾ ماروا ٺاٺ جي زمري ۾ ڪيل ڪو نہ مليوآهي.[1]

حوالا

[سنواريو]