جناح انٽارڪٽڪ اسٽيشن
| جناح انٽارڪٽڪ اسٽيشن | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| Jinnah Antarctic Station جناح جنوبی قطب اسٹیشن | |||||
| Pakistani postal stamp commemorating the establishment of the Jinnah Antarctic Station, issued in October 1991.<ref="Stamp" /> Pakistani postal stamp commemorating the establishment of the Jinnah Antarctic Station, issued in October 1991.<ref="Stamp" /> | |||||
| |||||
| انٽارڪٽيڪا ۾ جناح انٽارڪٽڪ اسٽيشن جي جاء | |||||
| متناسقات: 70°24′S 25°45′E / 70.4°S 25.75°E | |||||
| ملڪ | |||||
| انٽارڪٽيڪا ۾ مقام | سور رونڊڻ جبل، ڪوئین موڊ لينڊ | ||||
| انتظاميه | پاڪستان انٽارڪٽڪ پروگرام، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشينوگرافي، پاڪستان پاران | ||||
| قائم ڪيو ويو | 25 جنوري، 1991ع | ||||
| نالي تي رکيو ويو | قائداعظم، محمد علي جناح | ||||
جناح انٽارڪٽڪ اسٽيشن (Jinnah Antarctic Station) انٽارڪٽيڪا تي هڪ تحقيقي اسٽيشن آھي، جيڪا پاڪستان جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وزارت جي تحت، "پاڪستان جي انٽارڪٽڪ پروگرام" ذریعي ھلایو ویندو آھي. اها اسٽيشن اوڀر انٽارڪٽيڪا (East Antarctica) ۾، ڪوئن ماوڊ لینڊ (Queen Maud Land) ۾ "سارونڊئن جبلن جي سلسلي" (Sør Rondane Mountains) ۾ قائم ڪيو ويو آھي، ھن جو نالو قائداعظم، محمد علي جناح جي نالی تي رکیو ویو آھي.
تاريخ
[سنواريو]سال 1991ع ۾، پاڪستان جي انٽارڪٽڪ ريسرچ تي سائنسي ڪميٽي جو ميمبر بڻجڻ کانپوءِ، پاڪستان انٽارڪٽڪ پروگرام کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وزارت جي تحت نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشيانوگرافي پاران شروع ڪيو ويو؛ ۽ اڳواڻي پاڪستان نيوي ڪري رهي هئي، جنهن تحقيق جي ڪوششن ۽ جناح انٽارڪٽڪ اسٽيشن جي قيام لاءِ لاجسٽڪ مدد فراهم ڪئي. پهرين مهم 15 جنوري تي پهتي، ان کان اڳ جو هنن 25 جنوري 1991ع تي سمر ريسرچ اسٽيشن (جناح اول) کي باضابطه طور تي قائم ڪيو.
اسٽيشن کي 1992-1993ع ۾ ٻي پاڪستاني انٽارڪٽڪ مهمن پاران استعمال ڪيو ويو، جڏهن انهن هڪ نئين فيلڊ اسٽيشن، جناح دوم (Jinnah II)، 70°50′ ڏکڻ، '10°25 اوڀر ۾ قائم ڪيو. هن مهم دوران هڪ نئين خودڪار موسمي اسٽيشن، اقبال آبزرويٽري، اسٽيشن کان 125 ڪلوميٽر "36'27°71 ڏکڻ، "24'17°25 اوڀر ۾ قائم ڪئي.
پاڪستان هن وقت هڪ سمر ٽائيم ريسرچ اسٽيشن ۽ اقبال ويدر آبزرويٽري ڪوئن موڊ لينڊ ۾ رکي ٿو، جيڪو ناروي جي دعويٰ ڪيل انٽارڪٽڪ علائقو آهي.
سهولتون
[سنواريو]نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشيانوگرافي (NIO) پاران سهولتن کي جلدي وڌايو ويو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت سان لاڳاپيل حڪومتي صلاحڪار بار بار علائقي جو دورو ڪندا هئا. پاڪستاني بحري انجنيئرن ۽ سائنسدانن بيس جي ترقي جي نگراني ڪئي. سال 2001ع ۾، ڊيٽا آپريشنل سسٽم کي بدر-بي سيٽلائيٽ سان ڳنڍيو ويو، ڪراچي ۾ انسٽيٽيوٽ جي هيڊ ڪوارٽر تائين علائقي جي ڊجيٽل تصويرن جي باقاعده ٽرانسميشن شروع ڪئي. 2002ع ۾، سپارڪو (SUPARCO) جا سائنسدان بيس جو دورو ڪيو، جتي هنن انسٽيٽيوٽ آف اوشيانوگرافي ۽ سپارڪو جي سائنسدانن پاران هلائيندڙ هڪ جديد، سپر ڪمپيوٽر سان ليس سهولت قائم ۽ نصب ڪئي. سال 2005ع ۾، پاڪستان ايئر فورس جا انجنيئر ۽ سائنسدان هڪ ننڍڙي هوائي اڏي ۽ پاڪستان کان ايندڙ پروازن جي نگراني ڪرڻ لاءِ هڪ ڪنٽرول روم ٺاهيو. سال 2010ع ۾، پاڪستان جي حڪومت جناح انٽارڪٽڪ اسٽيشن سهولت کي مستقل آپريشنل بيس ۾ وڌائڻ جي منصوبي جي منظوري ڏني.
پرڏيهي تعاون
[سنواريو]آمريڪا جي انٽارڪٽڪ پروگرام سان رابطن جا گيئر قائم ڪيا ويا. آمريڪا سان گڏيل ڪوششن جي حصي طور، آمريڪي سائنسدان، جناح انٽارڪٽڪ اسٽيشن جو اڪثر دورو ڪندا آهن، جيڪي پنهنجي پاڪستاني هم منصبن سان گڏ تحقيق ڪندا آهن.
پڻ ڏسو
[سنواريو]
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- National Institute of Oceanography Pakistan آرڪائيو ڪيا ويا 2020-02-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
حوالا
[سنواريو]- Headland, Robert K. (2009). A Chronology of Antarctic exploration. London: Quaritch. p. 539. ISBN 978-0-9550852-8-4.
- Mills, J.M. (2003). Exploring polar frontiers: a historical encyclopedia. Vol. 1 (A–M). Santa Barbara: ABC-CLIO.
- Antarctic Research". Pakistan: National Institute of Oceanography. Archived from the original on 15 August 2010.
- Curator. "SCAR Member Countries and Unions". Scientific Committee on Antarctic Research. Retrieved 29 July 2022.
- Pakistan Scientific Expedition to Antarctica 1991". www.istampgallery.com. 5 January 2017. Archived from the original on 11 January 2020. Retrieved 7 October 2020.
- Headland, Robert K. (2009). A Chronology of Antarctic exploration. London: Quaritch. p. 552. ISBN 978-0-9550852-8-4.
- Jinnah Antarctic Station (JAS): Antarctic Scientific Research Station". 18 November 2020.
- Sana Jamal (25 October 2020). "Pakistan eager to revive Antarctic expedition". GulfNews. Event occurs at 18:01.
- Molle, Kris (29 October 2010). "Pakistan and Antarctica". Polar Conservation Organisation. Archived from the original on 28 January 2012.
- Pakistan wishes to relaunch its Antarctic programme". 24 October 2020.
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- انٽارڪٽيڪا
- نواز شريف انتظاميا
- پاڪستان انٽارڪٽڪ پروگرام
- قائداعظم سان لاڳاپيل يادگارون
- پاڪستان ۾ موجود تحقيقي ادارا
- انٽارڪٽيڪا ۾ 1991ع قائم ڪيل اسٽيشن
- پاڪستان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تاريخ
- پاڪستان
- قائداعظم
- ٽٽل فائيل ڳنڍڻن وارا صفحا